ٻير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ٻيرن جو ھڪ قسم

ٻير جو وڻ ڪنڊن وارو ٿو ٿئي. سانوڻ ۾ ٻور جهلي ٿو ۽ سياري جي شروع ۾ ڦر جهلي ٿو. ڦر تمام گهڻو ٿو ٿئيس. ٻير گول ٿا ٿين ۽ منجهن ککڙا ٿا ٿين. رنگ جا بادامي، پيلا ۽ ڳاڙها ٿا ٿين. کل چمڪندڙ ٿئين ٿي. ڦر ڏيڻ کان پوءِ وڻ کي وڍي ڇڏبو ته وري ڦٽندو ۽ پندرهن فوٽن تائين وڌي ويندو ۽ وري به گهڻو ئي ڦر جهليندو. ٻج پوکڻ سان ٿيندو آهي. گهڻن هنڌن ۾ ته جهنگلي ٻير ٿيندا آهن. هن جون ڪي خاص ذاتيون پسنديءَ جهڙيون ٿينديون آهن. ٻير مٺا ٿيندا آهن.

ٻير تازا به کائيندا آهن ۽ سڪائي به کائيندا آهن، جن کي ڪوڪلا چوندا آهن.[1] ٻيرن جو هڪڙو ٻيو قسم آهي، جو رڳو دوا جي ڪم ۾ ايندو آهي. انهيءَ کي عُناب چوندا آهن. ٻيا وري ننڍڙا جابلو ٻير ٿيندا آهن، جن کي ڄاڱرا ٻير چوندا آهن. انهن ۾ گهڻي ڳر ڪا نه ٿيندي آهي. انهن جو وڻ نه پر ٻُوڙو ٿيندو آهي.[1] سڀ کان عمدي ذات ٻيرن جي اها آهي، جنهن کي صوفي ٻير چوندا آهن. هندستاني مالهي انهن کي پيوندي ٻير يا ڪول ڦل چوندا آهن. هي به ڪنڊن وارو وڻ آهي. اصل شام ملڪ جو آهي: مگر هندستان ۾ عام آهي. سيپٽمبر جي پڇاڙيءَ ڌاري هي ٻور جهلي ٿو، ساوڙا اڇا گل ڪري ٿو ۽ جنوريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ڦر پچائي ٿو.[1]

ميوو ننڍي صوف جهڙو ٿو ٿئي، تنهنڪري ته صوفي چونس ٿا. ڳر منجهس ججهي ٿي ٿئي، پر ڪا خوشبوءِ ڪا نه اٿس. صوفي ٻير ٻن قسمن جا ٿا ٿين. هڪڙا گول ۽ ٻيا بيضوي – گول ڦر واري وڻ به گول ٿين ٿا پنن ۽ بيضوي ڦر واري وڻ جا پن به بيضوي آهن. ڦر ڏيڻ کانپوءِ ستت ئي وڻن جي ڇانگ ڪندا آهن. ٻانهن جهڙيون ٽاريون به وڍي وجهندا آهن. هي وڻ ٻج مان ڪين ٿيندا آهن، تنهنڪري پيوند ڪرڻ جو ضرور ٿيندو آهي. پيوند سادي ٻير جي وڻ تي ٿيندو آهي. هڪڙي انچ جيترو حلقو سادي ٻير جي ٿڙ تي ڪوري، مٿس صوفي ٻير جو پردو رکي ڇڏيندا آهن، جنهن ۾ اک به رهندي آهي؛ پر پهرين اهو کل جو حلقو ٿوري وقت تائين پاڻيءَ ۾ ڀڄائيندا آهن. هوا کان بچائڻ گهرجيس. پيوند ڪرڻ کان پوءِ سادي ٻير جون ٻيون سڀ ٽاريون ڇانگي ڇڏڻ گهرجن.[1]

پٽ جا ڪينئان، جيئن توت جي پنن تي پرورش پائيندا آهن، تيئن هن وڻ تي به پالي سگهجن ٿا. ٻير جا پن مال کي گاهه وانگي به چاريندا آهن ۽ ڪاٺي ٻارڻ ۽ ٻين ڪمن ۾ ڪم اچي ٿي. ٻير کي انگريزيءَ ۾ رائونڊ پلم (يعني گول آلو) يا جُو جُوب چون ٿا.[1]

سنڌيءَ ۾ ٻير، هنديءَ ۾ بير انگريزيءَ ۾ وري بيري[سنواريو]

سنڌ ۾ ٻير جو وڻ

رڳو ايتري ۾ ئي ڳالھ هجي ته ٺيڪ، پر آفريڪا جي هڪ ٻوليءَ سيسوٿو کان سواءِ اتان جي سڀني ٻولين ۾ اهو ساڳيو اچار ملڻ سان گڏ، انٽرنيٽ ۾ آيل دنيا جي اٺاسي ٻولين ۾ لڳ ڀڳ اهو ٻير ساڳي اچار سان مليو آهي. حيراين اڃا وڌي وڃي ٿي جڏهن انگلينڊ ۾ عام ملندڙ ميوي (Raspberry) کي جو چتائي ڏٺو ويو ۽ ان جي اچار سان گڏ ذائقي ۽ جسامت کي ڏسبو ته اهو به مٿين لفظ جي ئي پيڙهيءَ جو مليو. ان ۾ اضافي آواز رسپ ملي ٿو. اهو آواز ٿئي رسپبيري، هاڻي ان کي سنڌيءَ آواز ۾ اچاريو ته ٿيندو رسبيري، وري پنهنجو ڪيوس ته ٿيندو رس ڀري! رسپبيري رس ڀري ته ناهي پر آوازن جي هڪجهڙاڻ تي ڏيندين آڱريون اچي وڃن ٿيون. پاڻ وري رسپبيري کي وڌيڪ ڏسون ته اهو ائين ضرور لڳي ٿو ته رسيل ٻير! يعني اهو ٻير جيڪو رس سان ڀريل هجي. (ٿي سگهي ٿو). اهو به ٿي سگهي ٿو ته اهو آفريڪا مان ٿيندو اسان وٽ آيو آهي. پر هڪ ڳالھ آهي، اسان وٽ اهو ٻاهران اچي ها ته اسان ان جو آواز مشڪل ”ٻ“ جي شڪل جي بدران بير ئي پڪاريون ها. جيئن هنديءَ يا اردوءَ ۾ آهي. پر سنڌيءَ ۾ اهو ٻير آهي. ٻ جو آواز ب کان ڏکيو آهي. انساني ٻولين جي تاريخ جا ماهر اهو چون ٿا ته ڏکيا آواز اوائلي آهي. سو لڳي ائين ٿو ته قديم زمانن کان بابلي تهذيب جي عروج مهل اهو ميوو هتان ويو هجي. ڪهڙي خبر. پر هڪ ڳالھ آهي، اهو ٻير، بير يا بيري دنيا جو پراڻو ميوو ضرور آهي جيڪو انساني کاڄ جو قديم ڀاڱو محسوس ٿي رهيو آهي. انڪري ئي ته ان جو نالو هڪ ئي رکيو وڃي ٿو. [2]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. تحقيق ۽ تحرير؛ اَمر فياض ٻُرڙو