سعدو ديرو
| سعدو ديرو يو سي 6 سعدو ديرو | |
|---|---|
| يونين ڪاؤنسل | |
| رتوديرو تعلقي جي يو سي 6 | |
| سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
| متناسقات: 27°38′06″N 68°19′21″E / 27.63500°N 68.32250°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | لاڙڪاڻو ضلعو |
| تعلقو | رتوديرو تعلقو |
| آبادي (2017) | |
| • ڪل | 12,218 |
يو سي 6 سعدو ديرو (انگريزي: U C 6 Saidu dero) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا رتوديرو تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي رتوديرو جي يو سي 6 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 12,218 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ سعدو ديرو ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ابڙا، گوپانگ، موريا، ٽڳڙ، ڀٽا، ماڇي,پتافي,زنگيجا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ ڪٻڙو، ڳوٺ باغ علي گوپانگ، ڳوٺ اگھم، ڳوٺ ڪيھر، ڳوٺ ثڳڙ، ڳوٺ ٻاجھي خان گوپانگ، ڳوٺ موريا فقير، ڳوٺ سھراب خان ماڇي،علي آباد(پتافي) سعدو ديرو ۽ ٻيا شامل آهن.
ڪائونسل
[سنواريو]يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين صدرالدين موريو ۽ وائيس چيئرمين غلام حسين چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ باغ علي گوپانگ جو اشفاق احمد ڀٽو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو
تعليم ۽ صحت جون سهولتون
[سنواريو]ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.
ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم
[سنواريو]ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون
[سنواريو]ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 12 آگسٽ 2020 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 06 مئي 2020۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد)