ڏوڪري تعلقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ڏوڪري تعلقو
تعلقو
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو
تعلقو جو صدر مقام ڏوڪري شھر
شھر 2
يونين ڪاؤنسلون 13
تعلقي جو قيام 1906
حڪومت
 • قسم تعلقہ ميونسپل ايڊمنسٽريشن
اوچائي 39 ميل (128 ft)
آبادي (1998)
 • ڪُل 225,294[1]
ٽائيم زون PST (UTC+5)
 • Summer (ڊي ايس ٽي) PDT (UTC+6)
فون ڪوڊ 074

ڏوڪري تعلقو سنڌ جي لاڙڪاڻي ضلعي جو هڪ تعلقو آهي[2]. ڏوڪري تعلقي جي 1 مارچ 1998 ۾ آدمشماري 169,033ھئي. 15 سرچ 2017 جي آدمشماري جي نتيجي مطابق اھو تعداد وڌي 225,294 ٿي ويو.جنھن مان شھرن ۾ رھندڙ آبادي 62,410 آهي ۽ باقي 162,884 ماڻھو تعلقي جي ٻھراڙيءَ ۾ رھن ٿا جيڪي تعلقي جي ڪل آبادي جو 72.3 سيڪڙو آھن. شھري آبادي مان 22174 ماڻھو ڏوڪري شھر جي ميونسپل حدن ۾ ۽ 40236 ماڻھو باڊھ شھر جي ميونسپل حدن ۾ رھن ٿا.[3]اھڙي طرح 2017 جي آدمشماري مطابق باڊھ تعلقي ڏوڪريءَ جو آبادي جي لحاظ کان سڀ کان وڏو شھر آھي.

انتظاميہ[سنواريو]

ڏوڪري تعلقو 13 يونين ڪاؤونسل ۾ ورهايل آهي.[2]

حوالا[سنواريو]