وڪڙو
وڪڙو يو سي 47 وڪڙو | |
---|---|
يونين ڪاؤنسل | |
ڏوڪري تعلقي جي يو سي 11 | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°22′14″N 68°07′50″E / 27.37056°N 68.13056°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | لاڙڪاڻو ضلعو |
تعلقو | ڏوڪري تعلقو |
يو سي 47 وڪڙو (انگريزي: U C 47 Wakro) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا ڏوڪري تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي ڏوڪري جي يو سي 11 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 15,683 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ڳوٺ وڪڙو ھڪ وڏو ڳوٺ آهي جيڪو لاڙڪاڻو ڏوڪري روڊ تي ڏوڪري شھر ويجھو واقع آهي. ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ڏيرا، جوڻيجا، چنا، سومرا، سوھو، سولنگي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ديھ وڪڙو، ڳوٺ وڪڙو ، ڳوٺ چنا موچي، ڳوٺ ڏيرا ۽ ٻيا شامل آهن.
ڪائونسل
[سنواريو]يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين غلام حسين سولنگي ۽ وائيس چيئرمين اجمل خان جوڻيجو چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ ڌڻي بخش جوڻيجو جو منير حسين سوھو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو
تعليم ۽ صحت جون سهولتون
[سنواريو]ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت جي سھولتن لاء ھن يو سي ۾ ڪو به سرڪاري ادارو ڪانه آهي.
ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم
[سنواريو]ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون
[سنواريو]ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.