گڏ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گڏ
يو سي 32 گڏ
يونين ڪاؤنسل
باقراڻي تعلقي جي يو سي 7
گڏ is located in سنڌ
گڏ
گڏ
گڏ is located in Pakistan
گڏ
گڏ
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°22′03″N 68°11′05″E / 27.36750°N 68.18472°E / 27.36750; 68.18472مڪانيت: 27°22′03″N 68°11′05″E / 27.36750°N 68.18472°E / 27.36750; 68.18472
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو باقراڻي تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 23,210


يو سي 32 گڏ (انگريزي: U C 32 Gudd) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا باقراڻي تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي باقراڻي جي يو سي پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 23,210 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ نئين گڏ ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھي يو سي درياء سنڌ جي ڪپ تي واقع آهي ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ڪلھوڙا، ٻرڙا، ٻگھيا، مشوري، ھليا، تونيا، شيخ، سيھڙا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ديھ امروٽ(آبادي 2,847 )، ديھ گڏ (آبادي 3,506)، ديھ حسن واھڻ (آبادي 2,114 )، ديھ ڪوٽ چانڊڪو ( آبادي 3,622), ديھ ڪانوري (آبادي 3,589)٫ ديھ شھبيگ (آبادي 7,532)، ڳوٺ نئين گڏ، ڳوٺ پراڻي گڏ، ڳوٺ قاسم ڪلھوڙو، ڳوٺ جوان ٻرڙو، ڳوٺ مھراڻي شيخ، ڳوٺ رسول بخش ھليو، ڳوٺ جھنڊو سيھڙو، ڳوٺ ابو صمد تونيو، ڳوٺ حسن واھڻ، ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين راجا زين العابدين ٻگھيو ۽ وائيس چيئرمين امان الله ٻگھيو چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ نئين گڏ جو حزب الله ٻگهيو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت جي سھولتن لاء ھن يو سي ۾ رڳو نئين گڏ ۾ ھڪ بنيادي صحت مرڪز واقع آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/