سيھڙ (يو سي)
سيھڙ يو سي 41 سيھڙ | |
---|---|
يونين ڪاؤنسل | |
ڏوڪري تعلقي جي يو سي 5 | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°14′48″N 67°59′23″E / 27.24667°N 67.98972°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | لاڙڪاڻو ضلعو |
تعلقو | ڏوڪري تعلقو |
آبادي (2017) | |
• ڪل | 12,593 |
يو سي 41 سيھڙ (انگريزي: U C 41 Seehar) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا ڏوڪري تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي ڏوڪري جي يو سي 5 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 12,593 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ سيھڙ اسٽيشن ھڪ وڏو ڳوٺ آهي جيڪو دادو ضلعي واري حد لڳ واقع آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ سيھڙ، چانڊيا، سيد، لاشاري، ڪانڌڙا، ميربحر، ڪولاچي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ گلشير چانڊيو، ڳوٺ سيھڙ اسٽيشن، ڳوٺ پير شاھ بخاري، ڳوٺ مصري سيھڙ، ديھ سيھڙ (آبادي 12,593) ۽ ٻيا شامل آهن. ھن يو سي جو ڳوٺ سيھڙ اسٽيشن سيھڙ ذات وارن ماڻهن جو ڳوٺ آھي جتي ريلوي اسٽيشن واقع آهي.
ڪائونسل
[سنواريو]يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين محمد اسماعيل چانڊيو ۽ وائيس چيئرمين غلام عباس ميربحر چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ مصري سيھڙ جو غلام مصطفي سيھڙ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو
تعليم ۽ صحت جون سهولتون
[سنواريو]ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري, مڊل ۽ سيڪنڊري تعليم جي سھولت ميسر آهي. ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. سيھڙ ڳوٺ ۾ ھڪ ڇوڪرن لاء ھاء اسڪول واقع آھن. صحت جي سھولتن لاء ھن يو سي ۾ ھڪ بنيادي صحت مرڪز سيھڙ اسٽيشن ڳوٺ ۾ واقع آهي.
ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم
[سنواريو]ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون
[سنواريو]ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.