حيدرآباد ضلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
حيدرآباد ضلعو
ضلعو
حيدرآباد ضلعو ۽ ان جا تعلقا
حيدرآباد ضلعو ۽ ان جا تعلقا
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ڊويزن حيدرآباد ڊويزن
تعلقا *حيدرآباد ٻهراڙي
ضلعي صدر مقام حيدرآباد شھر
پکيڙ
 • ڪل 6,726 ڪ.م2 (2,597 ميل2)
آبادي
 • ڪل 43,39,445

حيدرآباد ضلعو (حَيدَرآباد ضِلعو، اردو: ضلع حیدرآباد، انگريزي: Hyderabad District) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جو هڪ ضلعو آهي. اِن جو گاديءَ جو هنڌ حيدرآباد شهر آهي. ھن ضلعي جون حدون مٽياري ضلعو، ٽنڊو محمد خان ضلعو، ٽنڊو الهيار ضلعو، بدين ضلعو، ٺٽو ضلعو ۽ ڄامشورو ضلعو سان ملن ٿيون. ھي ضلعو چئن تعلقن ۽ 53 يونين ڪائونسلن تي مشتمل آهي [1] تعلقن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

  1. حيدرآباد شهر، جنهن ۾ حيدرآباد پراڻو شهر شامل آهي.
  2. لطيف آباد جيڪو 12 يونٽن م ورھايل آھي. ان جو اصل نالو شاھ لطيف آباد آھي.
  3. قاسم آباد ھن تعلقي کي ممتاز علي ڀٽو واري سنڌ جي نگران حڪومت لطيف آباد مان ڌار ڪري ٺاھيو .
  4. حيدرآباد تعلقو، جنهن ۾ حيدرآباد جي ڀرپاسي جا ننڍا شھر ۽ ٻهراڙي شامل آهي.
سنڌ جي نقشي ۾ حيدرآباد ضلعي جو مقام
پاڪستان جي نقشي ۾ حيدرآباد ضلعي جو مقام

يونين ڪاؤنسلون[سنواريو]

حيدرآباد ضلعي ۾ چار تعلقا آهن ۽ ڪل يونين ڪاؤنسلون 52 آهن جن مان تعلقي سٽي ۾ 20 ، تعلقي ٻھراڙي ۾ 11 ، تعلقي قاسم آباد ۾ 4 ۽ تعلقي لطيف آباد ۾ 17 يونين ڪاؤنسلون آھن.

حيدرآباد ضلعي جون يونين ڪاؤنسلون
# نالو آبادي 1998 آبادي 2017
1 يو سي حيدرآباد سٽي 1
2 يو سي حيدرآباد سٽي 2
3 يو سي حيدرآباد سٽي 3
4 يو سي حيدرآباد سٽي 4
5 يو سي حيدرآباد سٽي 5
6 يو سي حيدرآباد سٽي 6
7 يو سي حيدرآباد سٽي 7
8 يو سي حيدرآباد سٽي 8
9 يو سي حيدرآباد سٽي 9
10 يو سي حيدرآباد سٽي 10
11 يو سي حيدرآباد سٽي 11
12 يو سي حيدرآباد سٽي 12
13 يو سي حيدرآباد سٽي 13
14 يو سي حيدرآباد سٽي 14
15 يو سي حيدرآباد سٽي 15
16 يو سي حيدرآباد سٽي 16
17 يو سي حيدرآباد سٽي 17
18 يو سي حيدرآباد سٽي 18
19 يو سي حيدرآباد سٽي 19
20 يو سي حيدرآباد سٽي 20
21 يو سي 1 ھٽڙي 29197
22 يو سي 2 مسو ڀرڳڙي 23841
23 يو سي 3 موسا کٽياڻ 28803
24 يو سي 4 سانوڻ خان گوپانگ 23494
25 يو سي 5 ٽنڊو قيصر 28289
26 يو سي 6 ٽنڊو حيدر 23441
27 يو سي 7 ھوسڙي 26841
28 يو سي 8 مولان 22362
29 يو سي 9 ٽنڊو فضل 27782
30 يو سي 10 سيري 23745
31 يو سي 11 ٽنڊو ڄام 26341
32 يو سي قاسم آباد 1
33 يو سي قاسم آباد 2
34 يو سي قاسم آباد 3
35 يو سي قاسم آباد 4
36 يو سي لطيف آباد 1
37 يو سي لطيف آباد 2
38 يو سي لطيف آباد 3
39 يو سي لطيف آباد 4
40 يو سي لطيف آباد 5
41 يو سي لطيف آباد 6
42 يو سي لطيف آباد 7
43 يو سي لطيف آباد 8
44 يو سي لطيف آباد 9
45 يو سي لطيف آباد 10
46 يو سي لطيف آباد 11
47 يو سي لطيف آباد 12
48 يو سي لطيف آباد 13
49 يو سي لطيف آباد 14
50 يو سي لطيف آباد 15
51 يو سي لطيف آباد 16
52 يو سي لطيف آباد 17

مذهب[سنواريو]

  • اسلام: 95.70 سيڪڙو
  • هندومت: 2.14 سيڪڙو
  • عيسائيت: 2.05 سيڪڙو
  • ٻيا: 0.10 سيڪڙو

مقبرہ[سنواريو]

حيدرآباد ضلعي ۾ هيٺيان مشهور مقبرا ۽ مزار آهن.

  1. سيد عبدالوهاب شاه جيلاني، حيدرآباد
  2. مفتي محمود الوري نقشبندي مجددي، ڄامشورو روڊ، ويجهو راجپوتانه اسپتال، حيدرآباد
  3. سيد عبدالقادر نقشبندي، هالا روڊ، ويجهو چينل، حيدرآباد
  4. سيد مراد شاه، ٽنڊو قيصر
  5. سيد غلام مصطفي شاھ ، باء پاس اسپورٽس سٽي جي سامھون

ٻوليون[سنواريو]

  • سنڌي: 67.00 سيڪڙو
  • اردو: 24.60 سيڪڙو
  • پنجابي: 3.02 سيڪڙو
  • پشتو: 2.18 سيڪڙو
  • بلوچي: 1.20 سيڪڙو
  • سرائيڪي: 0.96 سيڪڙو
  • ٻيون ٻوليون: 1.04 سيڪڙو

حوالا[سنواريو]

  1. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2016-03-04 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2019-12-18