بلاول ڀٽو زرداري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بلاول ڀٽو زرداري
(انگريزي ۾: Bilawal Zardari)،(اردو ۾: بِلاوَل بُھٹّو زَرداری)،(سنڌي ۾: بلاول ڀٽو زرداري خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم 21 سيپٽمبر 1988 (36 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
ڪراچي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو member of political party (P102) وڪي ڊيٽا تي
پيءُ آصف علي زرداري  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو father (P22) وڪي ڊيٽا تي
ماءُ بينظير ڀٽو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو mother (P25) وڪي ڊيٽا تي
ڀاءُ ڀيڻ
مناصب
وزير خارجه[1]   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو position held (P39) وڪي ڊيٽا تي
عهدو جو مدت
27 اپريل 2022  – 10 آگسٽ 2023 
عملي زندگي
پيشو سياستدان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
مادري ٻولي اردو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي اردو،سنڌي،بلوچي ٻولي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
ويب سائٽ
IMDB تي صفحو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو IMDb ID (P345) وڪي ڊيٽا تي

بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو سربراهه آهي۔ هو 21 سيپٽمبر، 1988ع تي پيدا ٿيو. بلاول اڳوڻي وزير اعظم پاڪستان محترمه بينظير ڀٽو ۽ موجوده شريڪ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي پارلمينٽرين آصف علي زرداري جي اولاد ۾ سڀ کان وڏو آهي. اهڙي طرح هو ذوالفقار علي ڀٽو جو ڏوهٽو به آهي.[2]

تعليم[سنواريو]

پنهنجي والده جي ٻي دور حڪومت جي دوران بلاول ڪراچي گرامر اسڪول، ڪراچي مان ابتدائي تعليم حاصل ڪئي۔ هن فوربلز انٽرنيشنل اسڪول، اسلام آباد مان به ابتدائي تعليم حاصل ڪئي۔ بعد ۾ جبڏهن هو دبئي منتقل ٿيا ته هن پنهنجي تعليم راشد پبلڪ اسڪول، دبئي ۾ جاري رکي۔ جتي هو اسٽوڊنٽ ڪائونسل جو نائب چيئرمين هيو۔ راشد پبلڪ اسڪول، دبئي جي شهزادن ۽ اميرن جي ليء خاص اسڪول آهي۔ هو تائيڪوانڊو ۾ بليڪ بيلٽ به رکي ٿو۔ هاڻي هو ڪرائسٽ چرچ اسڪول، جامعه آڪسفورڊ ۾ زير تعليم آهي۔ 2008ء ۾ اتي هن جو پهريون تعليمي سال هيو۔ هن جامعه ۾ انجي ناني ۽ والده به تعليم حاصل ڪئي.

مشغلا[سنواريو]

بلاول کي گھوڙي سواري، تيراڪي ، نشاني بازي پسند آهي۔

سياسي پارٽي جي سربراهي[سنواريو]

بلاول، پنهنجي والده جي قتل کان بعد 30 ڊسمبر، 2007ء تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو سربراهه نامزد ٿيو۔ پر جئن ته اڃان تعليم مڪمل نه آهي ان ڪري والد آصف علي زرداري پارٽي جو شريڪ سربراهه آهي جيڪو جماعت کي هلائي رهيو آهي۔ والده جي قتل کان بعد هن جو نالي بلاول علي زرداري مان تبدیل ڪري بلاول بڀٽو زرداري ڪيو ويو هو ڇو ته پيپلز پارٽي پنهنجي باني ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪرشماتي شخصيت جي ڪري ملڻ واري شهرت کي وڃائڻ نٿي چاهي "ڀٽو عنصر" جو استعمال ئي بلاول جي نالي جي تبديلي جو سبب بڻيو۔ هن جي پيپلز پارٽي جي چيئرمين جي عهدي تي تعيناتي کي ملڪ جي جمهوري حلقن چڱي نگاهه سان نه ڏٺو ڇو ته ملڪ جي سڀ کان وڏي جمهوري قوت هجڻ جي ناطي پيپلز پارٽي کي پنهنجي سربراهه جو انتخاب جمهوري طريقي سان ڪرڻ گھرجي ها۔ ٻي طرف پيپلز پارٽي جي اعلٰي حلقن (بشمول آصف زرداري) جو چوڻ آهي ته بينظير ڀٽو پنهنجي وصيت ۾ وفات کان بعد آصف زرداري کي جماعت جي قيادت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو هو پر آصف قيادت جو وزن بلاول جي ڪلهن تي وجھي ڇڏيو۔

مستقبل[سنواريو]

هن وقت بلاول جي پهرين ترجیح پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ آهي۔ تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ئي هن جو سياست ۾ اچڻ جو ارادو آهي۔

حوالا[سنواريو]

  1. National Assembly of Pakistan: Federal Ministers — اخذ شدہ بتاریخ: 29 اپريل 2022
  2. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سال 2012ع.

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]