موئن جو دڙو ( يو سي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
موئن جو دڙو
يو سي 46 موئن جو دڙو
يونين ڪاؤنسل
ڏوڪري تعلقي جي يو سي 10
موئن جو دڙو is located in سنڌ
موئن جو دڙو
موئن جو دڙو
موئن جو دڙو is located in Pakistan
موئن جو دڙو
موئن جو دڙو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°19′09″N 68°07′55″E / 27.31917°N 68.13194°E / 27.31917; 68.13194مڪانيت: 27°19′09″N 68°07′55″E / 27.31917°N 68.13194°E / 27.31917; 68.13194
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو ڏوڪري تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 17,552


يو سي 46 موئن جو دڙو (انگريزي: U C 46 Moen Jo Daro) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا ڏوڪري تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي ڏوڪري جي يو سي پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 17,552 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ مشوري، ساريا، ملاح، پيرزاده، شيخ، ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ حاجي مشوري، ڳوٺ ليماڻي سرھو ساريو، ڳوٺ امام بخش ملاح، ڳوٺ حاجي لال بخش شيخ، ڳوٺ چنا ماڇي، ڳوٺ ٻلهڙيجي، ڳوٺ بگي بنڊي،. ديھ بگي ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين اسدالله پيرزادو ۽ وائيس چيئرمين علي حسن مشوري چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ حاجي لال بخش شيخ جو محب حسين پيرزادو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري, مڊل، سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم جي سھولت ميسر آهي. ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. موئن جي دڙي جي پسگردائيءَ ۾ گورنمينٽ ھاء اسڪول موئن جو دڙو، ملاح ڳوٺ ۾ ڀٽائي ايليمينٽري اسڪول، ڳوٺ حاجي لال بخش شيخ ۾ ھڪ سرڪاري مڊل اسڪول واقع آھن. ھن يو سي ۾ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو پن واقع آهي جتي اٺين ڪلاس کان ٻارھين ڪلاس تائين تعليم ڏني وڃي ٿي ۽ ان ڪاليج ۾ بورڊنگ لازمي آهي. صحت جي سھولتن لاء ھن يو سي ۾ ھڪ بنيادي صحت مرڪز موئن جي دڙي ۾ ۽ ھڪ سرڪاري ويم گھر ٻلھڙيجي ڳوٺ ۾ واقع آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن. ھن يو سي م لاڙڪاڻي ضلعي جو ايئرپورٽ پڻ واقع آهي. ان کان سواءِ ھتي موئن جي دڙي وارو ڦٽل شھر پڻ واقع آھي جيڪو پنج ھزار سال پراڻي تھذيب آهي ۽ يونيسڪو طرفان عالمي ورثو قرار ڏنل آھي. ھن يو سي ۾ ھڪ عجائب گھر پڻ واقع آهي جنھن ۾ موئن جي دڙي جي کوٽائي مان نڪتل شيون رکيون ويون آهن. ھي يو سي سنڌو ندي جي ساڄي ڪپ تي واقع آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/