ٻيڙو چانڊيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٻيڙو چانڊيو
يو سي 15 ٻيڙو چانڊيو
يونين ڪاؤنسل، ديھ ۽ ننڍو شھر
لاڙڪاڻي تعلقي جي يو سي 3
ٻيڙو چانڊيو is located in سنڌ
ٻيڙو چانڊيو
ٻيڙو چانڊيو
ٻيڙو چانڊيو is located in Pakistan
ٻيڙو چانڊيو
ٻيڙو چانڊيو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°34′23″N 68°06′32″E / 27.57306°N 68.10889°E / 27.57306; 68.10889مڪانيت: 27°34′23″N 68°06′32″E / 27.57306°N 68.10889°E / 27.57306; 68.10889
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو لاڙڪاڻو تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 14,371


ٻيڙو چانڊيو (انگريزي: Bero Chandio) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا لاڙڪاڻي تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي لاڙڪاڻي جي يو سي 3 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 14,371 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ديھ ٻيڙو چانڊيو سميت مختلف ديھون آھن جن مان ديھ ٻيڙو چانڊيو جي آبادي 10,367 آھي. ان ديھ ۾ واقع ٻيڙو چانڊيو ھڪ ننڍڙو شھر آهي ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي جيڪو لاڙڪاڻي قمبر روڊ (اين 455) تي واقع آھي. ان شھر ۾ ھڪ ريلوي اسٽيشن پڻ آهي، جيڪا گھڻي عرصي کان بند آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ جاگيراڻي، چانڊيا، عباسي، ڪلھوڙا، سومرا، ڊکڻ، بروھي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ديھ ٻيڙو چانڊيو ، ديھ چاڪر علي (آبادي 4،004) جنھن ۾ ڳوٺ چاڪر علي واقع آهي، ٺارو خان جاگيراڻي، ڳوٺ مبارڪ چانڊيو ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين محب علي ۽ وائيس چيئرمين امتياز علي جاگيراڻي چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي ورڪرز سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ ٺارو خان جاگيراڻي جو محب علي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري تعليم جي سھولت ميسر آهي. ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت لاءِ ھتي رورل هيلٿ سينٽر ۽ ھڪ بنيادي صحت مرڪز واقع آھن.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن. شھر جي پسگردائيءَ ۾ سارين جا ڪارخانا ، شھر م يونائيٽيڊ بئنڪ جي ھڪ شاخ پڻ واقع آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/