ڪاراڻي (يو سي)
| ڪاراڻي يو سي 44 ڪاراڻي | |
|---|---|
| يونين ڪاؤنسل | |
| ڏوڪري تعلقي جي يو سي 8 | |
| سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
| متناسقات: 27°15′15″N 68°06′26″E / 27.25417°N 68.10722°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | لاڙڪاڻو ضلعو |
| تعلقو | ڏوڪري تعلقو |
| آبادي (2017) | |
| • ڪل | 14,991 |
يو سي 44 ڪاراڻي (انگريزي: U C 44 Karani) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا ڏوڪري تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي ڏوڪري جي يو سي پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 14,991 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڪاراڻي ھڪ وڏو ڳوٺ آهي جيڪو سنڌو ندي کان 3 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي دادو ضلعي واري حد لڳ واقع آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ڪسر، ٻگھيا، گاڏھي، ٻٽ ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ديھ ڪاراڻي (آبادي 10,073) شامل آھي جنھن ۾ ڳوٺ ڪاراڻي واقع آهي، ديھ گھانگھرڪو (آبادي 4,918) ڳوٺ فتح محمد ڪسر، ڳوٺ ٻٽڙا، ڳوٺ سونھارو گاڏھي، ڳوٺ غلام حسين ٻٽ، ۽ ٻيا شامل آهن.
ڪائونسل
[سنواريو]يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين محمد جمن ٻگھيو ۽ وائيس چيئرمين آفتاب علي ٻٽ چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ ڪاراڻي جو زوھيب علي ٻگھيو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو
تعليم ۽ صحت جون سهولتون
[سنواريو]ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري, مڊل ۽ سيڪنڊري تعليم جي سھولت ميسر آهي. ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. ڳوٺ ڪاراڻي ۾ ھڪ ڇوڪرن جو ھاء اسڪول ۽ پرائمري اسڪول واقع آھن. صحت جي سھولتن لاء ھن يو سي ۾ ڳوٺ ڪاراڻي ۾ ھڪ بنيادي صحت مرڪز واقع آهي.
ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم
[سنواريو]ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون
[سنواريو]ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن. دادو ڪئنال کان ڪاراڻي شاخ ھن يو سي طرف وھي ٿي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 12 آگسٽ 2020 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 10 مئي 2020۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد)