جمعو اگھم ( يو سي)
جمعو اگھم يو سي جمعو اگھم 2 | |
---|---|
يونين ڪاؤنسل | |
رتوديرو تعلقي جي يو سي 2 | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°49′31″N 68°14′38″E / 27.82528°N 68.24389°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | لاڙڪاڻو ضلعو |
تعلقو | رتوديرو تعلقو |
آبادي (2017) | |
• ڪل | 15,180 |
يو سي 2 جمعو اگھم (انگريزي: U C 2 Jumo Agham) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا رتوديرو تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي رتوديرو جي يو سي 2 پڻ چوندا آهن جيڪا رتوديرو شھر جي حدن سان لڳولڳ اتر اولھ ۾ واقع آهي. ان جي ڪل آبادي 15,180 آهي [1]. ھن يو سي جو پراڻو نالو يو سي ڳچل ھيو ھن يونين ڪاؤنسل ۾ جمعو اگھم ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ اگھم، ڳچل، ھڪڙا، بروھي، اوڍا، بوزدار، ابڙا، ڪوش ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ غلام حسين ھڪڙو، ديھ ڳچل ، ديھ ڪلر سرڪاري، ڳوٺ جمعو اگھم، ڳوٺ اعتبار بروھي، ميول ڪوٽ، ڳوٺ وريام اوڍو، ڳوٺ ٺانگو خان بوزدار، ديھ بچل، ڳوٺ باھو خان ڪوش، ڳوٺ سردار جبران ،. ڳوٺ شاھپور ۽ ٻيا شامل آهن.
ڪائونسل
[سنواريو]يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين محمد يوسف ابڙو ۽ وائيس چيئرمين بقاء الله بروھي چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ ٺانگو خان بوزدار جو حاڪم علي بوزدار ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو
تعليم ۽ صحت جون سهولتون
[سنواريو]ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. ھن يو سي ۾ ڳوٺ جمعو اگھم ۾ ھڪ بيسڪ هيلٿ يونٽ پڻ واقع آهي.
ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم
[سنواريو]ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون
[سنواريو]ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.