شيخ زيد ڪالوني (لاڙڪاڻو)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شيخ زيد ڪالوني، لاڙڪاڻو
يو سي 2 شيخ زيد ڪالوني لاڙڪاڻو
يونين ڪاميٽي
لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي يونين ڪاميٽي
شيخ زيد ڪالوني، لاڙڪاڻو is located in سنڌ
شيخ زيد ڪالوني، لاڙڪاڻو
شيخ زيد ڪالوني، لاڙڪاڻو
شيخ زيد ڪالوني، لاڙڪاڻو is located in Pakistan
شيخ زيد ڪالوني، لاڙڪاڻو
شيخ زيد ڪالوني، لاڙڪاڻو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°34′13″N 68°12′12″E / 27.57028°N 68.20333°E / 27.57028; 68.20333مڪانيت: 27°34′13″N 68°12′12″E / 27.57028°N 68.20333°E / 27.57028; 68.20333
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
شھر ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو
ٿاڻو وليد ٿاڻو


يو سي 2 شيخ زيد ڪالوني لاڙڪاڻو (انگريزي: U C 2 Sheikh Zaid Colony, Larkana) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ واقع ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو جي شھري يونين ڪاميٽي جو نالو آهي جيڪا لاڙڪاڻي شھر اندر واقع آهي. ان کي لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي يو سي 2 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي آهي[1]. ھن يونين ڪاميٽي ۾ شيخ زيد ڪالوني، سولنگي محلو، وليد محلو، منور آباد ۽ لاڙڪاڻو سائيٽ وارا علائقا شامل آهن. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ سموري آبادي سنڌي ڳالهائيندڙ آھي. ھي يو سي ڪنگا واري ميروخان روڊ ۽ گھاڙ واھ جي وچ وارو علائقو آهي. ھن يو سي ۾ سمال انڊسٽريز ۾ گل انڊسٽريز، اجوا رائيس مل، ساحل سلڪي رائس مل، المدينه فلور مل سائيٽ ايريا ۾ واقع آھن. يو سي جي مشھور روڊن ۾ وليد روڊ ۽ سائيٽ روڊ شامل آهن. ھن يو سي ۾ ھڪ سينيما مون پليڪس جي نالي سان واقع آهي.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاميٽي جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪاميٽي جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين رافع عباسي ۽ وائيس چيئرمين باغ علي چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي ورڪرز سان ھيو[2].

تعليم ۽ صحت جون سهولتون[سنواريو]

ھن يو سي م سٽي اسڪول لآڙڪاڻو، گورنمينٽ پرائمري اسڪول نيو شيخ زيد ڪالوني، گورنمينٽ ھاء اسڪول وليد محلا، گلوبل سائنس ڪاليج شيخ زيد ڪالوني، واقع آھن.

بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

وندر لاءِ سھولتون[سنواريو]

وندر لاءِ ھن يو سي ۾ شيخ زيد ڪالوني ۾ پي سي بي ڪرڪيٽ گرائونڊ واقع آهي.


حوالا[سنواريو]

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/