شيخ زيد ڪالوني (لاڙڪاڻو)
| شيخ زيد ڪالوني، لاڙڪاڻو يو سي 2 شيخ زيد ڪالوني لاڙڪاڻو | |
|---|---|
| يونين ڪاميٽي | |
| لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي يونين ڪاميٽي | |
| سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
| متناسقات: 27°34′13″N 68°12′12″E / 27.57028°N 68.20333°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | لاڙڪاڻو ضلعو |
| شھر | ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو |
| ٿاڻو | وليد ٿاڻو |
يو سي 2 شيخ زيد ڪالوني لاڙڪاڻو (انگريزي: U C 2 Sheikh Zaid Colony, Larkana) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ واقع ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو جي شھري يونين ڪاميٽي جو نالو آهي جيڪا لاڙڪاڻي شھر اندر واقع آهي. ان کي لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي يو سي 2 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي آهي[1]. ھن يونين ڪاميٽي ۾ شيخ زيد ڪالوني، سولنگي محلو، وليد محلو، منور آباد ۽ لاڙڪاڻو سائيٽ وارا علائقا شامل آهن. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ سموري آبادي سنڌي ڳالهائيندڙ آھي. ھي يو سي ڪنگا واري ميروخان روڊ ۽ گھاڙ واھ جي وچ وارو علائقو آهي. ھن يو سي ۾ سمال انڊسٽريز ۾ گل انڊسٽريز، اجوا رائيس مل، ساحل سلڪي رائس مل، المدينه فلور مل سائيٽ ايريا ۾ واقع آھن. يو سي جي مشھور روڊن ۾ وليد روڊ ۽ سائيٽ روڊ شامل آهن. ھن يو سي ۾ ھڪ سينيما مون پليڪس جي نالي سان واقع آهي.
ڪائونسل
[سنواريو]يونين ڪاميٽي جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪاميٽي جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين رافع عباسي ۽ وائيس چيئرمين باغ علي چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي ورڪرز سان ھيو[2].
تعليم ۽ صحت جون سهولتون
[سنواريو]ھن يو سي م سٽي اسڪول لآڙڪاڻو، گورنمينٽ پرائمري اسڪول نيو شيخ زيد ڪالوني، گورنمينٽ ھاء اسڪول وليد محلا، گلوبل سائنس ڪاليج شيخ زيد ڪالوني، واقع آھن.
بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم
[سنواريو]وندر لاءِ سھولتون
[سنواريو]وندر لاءِ ھن يو سي ۾ شيخ زيد ڪالوني ۾ پي سي بي ڪرڪيٽ گرائونڊ واقع آهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 12 آگسٽ 2020 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 10 مئي 2020۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد)