وارث ڏنو ماڇي ( يو سي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وارث ڏنو ماڇي
يو سي 12 وارث ڏنو ماڇي
يونين ڪاؤنسل
رتوديرو تعلقي جي يو سي 12
وارث ڏنو ماڇي is located in سنڌ
وارث ڏنو ماڇي
وارث ڏنو ماڇي
وارث ڏنو ماڇي is located in Pakistan
وارث ڏنو ماڇي
وارث ڏنو ماڇي
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°53′28″N 68°14′43″E / 27.89111°N 68.24528°E / 27.89111; 68.24528مڪانيت: 27°53′28″N 68°14′43″E / 27.89111°N 68.24528°E / 27.89111; 68.24528
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو رتوديرو تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 7,144


يو سي 12 وارث ڏنو ماڇي (انگريزي: U C 12 Warisdino Machhi) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا رتوديرو تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي رتوديرو جي يو سي 12 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 7,144 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ وارث ڏنو ماڇي ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. اھا يو سي پھرين تمام وڏي ھئي جنھن کي ٽوڙي ان مان يو سي ٻوسڻ ٺاھي وئي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ڪوڏراڻي، ماڇي، ٻرڙا، چانڊيا، بروھي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ وارث ڏنو ماڇي، ڳوٺ ڪمال خان چانڊيو، ڳوٺ علي بيگ ڪوڏراڻي، ڳوٺ گل حسن ڪوڏراڻي، ڳوٺ ميھار ٻرڙو، ڳوٺ سونو خان بروهي ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين ضمير حسين ماڇي ۽ وائيس چيئرمين خادم حسين چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ علي بيگ ڪوڏراڻي جو نياز حسين ابڙو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت لاءِ ھتي ھڪ بيسڪ هيلٿ يونٽ واقع آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/