وارث ڏنو ماڇي ( يو سي)
وارث ڏنو ماڇي
يو سي 12 وارث ڏنو ماڇي | |
|---|---|
| رتوديرو تعلقي جي يو سي 12 | |
| Coordinates: 27°53′28″N 68°14′43″E / 27.89111°N 68.24528°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | لاڙڪاڻو ضلعو |
| تعلقو | رتوديرو تعلقو |
| Population (2017) | |
• Total | 7,144 |
| Time zone | UTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت ) |
يو سي 12 وارث ڏنو ماڇي (انگريزي: U C 12 Warisdino Machhi) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا رتوديرو تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي رتوديرو جي يو سي 12 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 7,144 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ وارث ڏنو ماڇي ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. اھا يو سي پھرين تمام وڏي ھئي جنھن کي ٽوڙي ان مان يو سي ٻوسڻ ٺاھي وئي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ڪوڏراڻي، ماڇي، ٻرڙا، چانڊيا، بروھي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ وارث ڏنو ماڇي، ڳوٺ ڪمال خان چانڊيو، ڳوٺ علي بيگ ڪوڏراڻي، ڳوٺ گل حسن ڪوڏراڻي، ڳوٺ ميھار ٻرڙو، ڳوٺ سونو خان بروهي ۽ ٻيا شامل آهن.
ڪائونسل
[سنواريو]يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين ضمير حسين ماڇي ۽ وائيس چيئرمين خادم حسين چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ علي بيگ ڪوڏراڻي جو نياز حسين ابڙو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو
تعليم ۽ صحت جون سهولتون
[سنواريو]ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت لاءِ ھتي ھڪ بيسڪ هيلٿ يونٽ واقع آهي.
ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم
[سنواريو]ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون
[سنواريو]ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, archived from the original on 2020-08-12, retrieved 2020-05-06
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (help)