بقاپور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بقا پور
يو سي 26 بقاپور
يونين ڪاؤنسل
باقراڻي تعلقي جي يو سي 1
بقا پور is located in سنڌ
بقا پور
بقا پور
بقا پور is located in Pakistan
بقا پور
بقا پور
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°31′18″N 68°12′40″E / 27.52167°N 68.21111°E / 27.52167; 68.21111مڪانيت: 27°31′18″N 68°12′40″E / 27.52167°N 68.21111°E / 27.52167; 68.21111
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو باقراڻي تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 20,868


يو سي 26 بقاپور (انگريزي: U C 26 Baqapur) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا باقراڻي تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي باقراڻي جي يو سي 1 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 20,868 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ بقاپور ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ٻگھيا، لھر، بروھي، چانڊيا، انڙ ، شيخ، ملنگاڻي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ صوبدار خان لھر، ڳوٺ محمد عالم بروھي، ڳوٺ حسيب چانڊيو، ڳوٺ خان محمد ٻگھيو، ڳوٺ صديق آباد، ديھ بقاپور (آبادي 4,741)، ديھ ڍاڍرا (آبادي 4,296)، ديھ شاھنواز (آبادي 11,831) ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين عبدالجبار ٻگھيو ۽ وائيس چيئرمين قربان علي شيخ چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ غلام علي عمراڻي جو غلام حيدر ملنگاڻي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت جي سھولتن لاء پڻ ھتي ڪوبه سرڪاري ادارو ڪانه آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/