مٺو ديرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(مٺوديرو کان چوريل)
مٺو ديرو
يو سي 18 مٺو ديرو
يونين ڪاؤنسل
لاڙڪاڻي تعلقي جي يو سي 6
مٺو ديرو ڳوٺ سان لڳ جھڪر جو دڙو
مٺو ديرو ڳوٺ سان لڳ جھڪر جو دڙو
مٺو ديرو is located in سنڌ
مٺو ديرو
مٺو ديرو
مٺو ديرو is located in Pakistan
مٺو ديرو
مٺو ديرو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°33′36″N 68°07′27″E / 27.56000°N 68.12417°E / 27.56000; 68.12417مڪانيت: 27°33′36″N 68°07′27″E / 27.56000°N 68.12417°E / 27.56000; 68.12417
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو لاڙڪاڻو تعلقو
ٿاڻو تعلقو ٿاڻو لاڙڪاڻو
آبادي (2017)
 • ڪل 12,309

مٺو ديرو (انگريزي: Mithodero ) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل، ديھ ۽ ڳوٺ جو نالو آهي جيڪي لاڙڪاڻي تعلقي ۾ واقع آهن. ان کي لاڙڪاڻي تعلقي جي يو سي 6 پڻ چوندا آهن. 2017 جي آدمشماري مطابق يو سي جي ڪل آبادي 12,309 آهي، جڏھن تہ ديھ مٺوديرو جي ڪل آبادي 5،448 آھي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ مٺوديرو ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ بگٽي، چانڊيا عمراڻي ۽ ٻيا شامل آهن. ھن يو سي ۾ شامل علائقن ۾ ديھ مٺوديرو جنھن ۾ ڳوٺ مٺو ديرو واقع آهي، ديھ بگٽي بلوچ (آبادي 6,861)، ڳوٺ لال بخش بگٽي، ڳوٺ دين محمد چانڊيو، ڳوٺ روحل خان بگٽي، ڳوٺ حاجي خان عمراڻي ۽ ٻيا شامل آھن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين عبدالستار ۽ وائيس چيئرمين اسدالله بگٽي چونڊجي آيا جن جو تعلق مسلم ليگ فنڪشنل سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ شاھ آباد جو اصغر شاھ راشدي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو مسلم ليگ فنڪشنل جو اميدوار ھيو


ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

ڳوٺ مٺو ديرو[سنواريو]

ھن ڳوٺ جي بيھڪ لاڙڪاڻو وڳڻ روڊ يا اين 55 (انڊس ھاء وي) تي آھي. ڳوٺ سان لڳولڳ سنڌ جو تاريخي ماڳ جھڪر جو دڙو واقع آھي . ڳوٺ مان ھڪ لنڪ روڊ ٻيڙو چانڊيو طرف وڃي ٿو. ڳوٺ ۾ پرائمري تعليم لاءِ ھڪ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ۽ ٻيو گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول واقع آھن. مڊل ۽ سيڪنڊري تعليم لاء ھتي اسڪول ڪانھن. صحت جي سھولت لاء ھتي پي پي ايڇ آء جي ھڪ اسپتال واقع آهي. ھن ڳوٺ کان 7 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي لاڙڪاڻو شھر واقع آهي. ڳوٺ جي ڀرسان مشھور بزرگ سيد يوسف شاھ جيلاني جي مزار واقع آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/