واپڊا ڪالوني (لاڙڪاڻو)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
واپڊا ڪالوني لاڙڪاڻو
يو سي 1 واپڊا ڪالوني لاڙڪاڻو
يونين ڪاميٽي
لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي يونين ڪاميٽي
واپڊا ڪالوني لاڙڪاڻو is located in سنڌ
واپڊا ڪالوني لاڙڪاڻو
واپڊا ڪالوني لاڙڪاڻو
واپڊا ڪالوني لاڙڪاڻو is located in Pakistan
واپڊا ڪالوني لاڙڪاڻو
واپڊا ڪالوني لاڙڪاڻو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°34′41″N 68°12′31″E / 27.57806°N 68.20861°E / 27.57806; 68.20861مڪانيت: 27°34′41″N 68°12′31″E / 27.57806°N 68.20861°E / 27.57806; 68.20861
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
شھر ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو


يو سي 1 واپڊا ڪالوني لاڙڪاڻو (انگريزي: U C 1 WAPDA Colony Larkana) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ واقع ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو جي شھري يونين ڪاميٽي جو نالو آهي جيڪا لاڙڪاڻي شھر ۾ واقع آهي. ان جي ڪل آبادي آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ واپڊا ڪالوني، ميروخان چوڪ، ناڪو نمبر 7 محلا رسول آباد، يار محمد ڪالوني وارا علائقا شامل آهن. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ سموري آبادي سنڌي ڳالهائيندڙ آھي. ھن يو سي ۾ واپڊا ڪالوني ٺوڦ چسول واري ميروخان روڊ تي شھر جي ٻاھرين پاسي واقع آهي. ھن يو سي جا مکيه روڊ ٺوف چوسول وارو ميروخان روڊ ۽ ڪنگا کان ايندڙ ميروخان روڊ آھن جيڪي شھر ۾ ھن يو سي مان داخل ٿي ميروخان چوڪ تي ختم ٿين ٿا. انھن ٻنھي روڊن جي وچ وارا علائقا ھن يو سي جو حصو آھن ميروخان چوڪ ھن يو سي جو مشهور چوڪ آھي. ھن يو سي م شھر جي نئين اناج منڊي ۽ لاڙڪاڻو سينٽرل جيل پڻ واقع آهن. واپڊا ڪالوني واري پاسي کان يو سي اندر سارين جو ڪارخانو آبادگار رائيس مل جي نالي سان واقع آهي.

تعليم ۽ صحت جون سھولتون[سنواريو]

ھن يو سي ۾ آء بي کھڙو ھاء اسڪول لآڙڪآڻو واقع آهي. يو سي م مختلف سرڪاري پرائمري اسڪول پڻ واقع آھن. ھن يو سي اندر صحت وارو ڪو بہ سرڪاري ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاميٽي جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪاميٽي جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين ظفر علي شاھ ۽ وائيس چيئرمين ڌڻي بخش بروهي چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2].

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

باغ ۽ وندر جون جايون[سنواريو]

ھن يو سي م ڪوبه باغ يا پارڪ ڪانہ آھي ۽ نہ ئي وري اتي رھندڙ ماڻھن جي لاءِ ڪو راند جو ميدان آھي.

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/