فريد آباد (لاڙڪاڻو)
| فريد آباد يو سي 34 فريد آباد | |
|---|---|
| يونين ڪاؤنسل | |
| باقراڻي تعلقي جي يو سي 9 | |
| سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
| متناسقات: 27°27′08″N 68°13′41″E / 27.45222°N 68.22806°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | لاڙڪاڻو ضلعو |
| تعلقو | باقراڻي تعلقو |
| آبادي (2017) | |
| • ڪل | 11,967 |
يو سي 34 فريد آباد (انگريزي: U C 34 Fareedabad) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا باقراڻي تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي باقراڻي جي يو سي 9 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ فريد آباد ھڪ وڏو ڳوٺ آهي جيڪو لاڙڪاڻو- خيرپور روڊ جي ڀرسان واقع آهي ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ جتوئي، سيال، لاشاري، سيد، مڱريا، ڀٽا، کوکر، مگسي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ علي جتوئي، ڳوٺ مجاور لاشاري، ڳوٺ شادن جتوئي، ڳوٺ فريد آباد، ديھ فريد آباد (آبادي 11,967)، غلام حيدر مڱريو، گلسي وارو ڀٽو، راضيديرو، ڳوٺ دولت کوکر، ڳوٺ مگسي ، ۽ ٻيا شامل آهن.
ڪائونسل
[سنواريو]يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين نديم اڪبر سيال ۽ وائيس چيئرمين سيد پريل شاھ چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ فريد آباد جو ظفر انور سيال ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو
تعليم ۽ صحت جون سهولتون
[سنواريو]ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري تعليم جي سھولت ميسر آهي. ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. فريد آباد ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪولن سميت ھڪ ھاء اسڪول پڻ واقع آهي. صحت جي سھولتن لاء ھن يو سي ۾ اڃان ڪو سرڪاري ادارو قائم ناھي ٿيو.
ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم
[سنواريو]ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون
[سنواريو]ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 12 آگسٽ 2020 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 09 مئي 2020۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد)