آگاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آگاڻي
يو سي 21 آگاڻي
يونين ڪاؤنسل، ديھ ۽ ڳوٺ
لاڙڪاڻي تعلقي جي يو سي 9
آگاڻي is located in سنڌ
آگاڻي
آگاڻي
آگاڻي is located in Pakistan
آگاڻي
آگاڻي
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°36′35″N 68°18′33″E / 27.60972°N 68.30917°E / 27.60972; 68.30917مڪانيت: 27°36′35″N 68°18′33″E / 27.60972°N 68.30917°E / 27.60972; 68.30917
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو لاڙڪاڻو تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 14,000


آگاڻي (انگريزي: Aghani) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا لاڙڪاڻي تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي لاڙڪاڻي جي يو سي 9 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 14,000 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ آگاڻي ديھ سميت مختلف ديھون واقع آهن ۽ ديھ آگاڻي منجھ آگاڻي ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. اھو ڳوٺ دادو ڪئنال جي ڪپ تي درياء سنڌ کان ڏيڍ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ آگاڻي، ڀيا، سيد ، شاھاڻي، ڀٽا، سامٽيا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ديھ آگاڻي (آبادي 7,965) جنھن م آگاڻي ڳوٺ واقع آهي، ديھ بنڊي (آبادي 866)، ديھ لھڻو سامٽيو (آبادي 2,641)، ديھ نئون آباد (آبادي 2,528)، شاھيارو (لھڻو سامٽيو)، ڳوٺ خداڏنو ڀٽو ڳوٺ واحد بخش آگاڻي، ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين آغا فرخ آگاڻي ۽ وائيس چيئرمين جاويد احمد شاھاڻي چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ آگاڻي جو عبدالغفور شاھ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت لاءِ ھتي ڳوٺ آگاڻي ۾ ھڪ سرڪاري ڊسپينسري واقع آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]