مواد ڏانھن هلو

باقراڻي تعلقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
باقراڻي
تعلقو
تعلقه باقراڻي
لاڙڪاڻي ضلعي ۾نمايان باقراڻي تعلقو
لاڙڪاڻي ضلعي ۾نمايان باقراڻي تعلقو
باقراڻي is located in سنڌ
باقراڻي
باقراڻي
سنڌ ۾ مقام
باقراڻي is located in Pakistan
باقراڻي
باقراڻي
باقراڻي (Pakistan)
جاگرافي بيهڪ: 27°26′N 68°10′E / 27.433°N 68.167°E / 27.433; 68.167
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ڊويزن لاڙڪاڻو ڊويزن
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقي جو صدر مقام باقراڻي شھر

باقراڻي تعلقو(انگريزي: Baqrani Taluka ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي لاڙڪاڻو ڊويزن جي ضلعي لاڙڪاڻي جو هڪ تعلقو آهي جنھن جو صدر مقام باقراڻي شھر آھي. ھن تعلقي جي حدن ۾ عظيم هاري اڳواڻ حيدربخش جتوئيءَ جو ڳوٺ بکو ديرو ۽ مشهور علمي اداري گل حيات انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر، مشهور اديب ۽ استاد پروفيسر ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو ڳوٺ خير محمد آريجا واقع آهن[1] ھن تعلقي جي معيشت زرعي آھي. پوسٽل ڪوڊ يا زپ ڪوڊ نمبر 77110 اٿس.

آبادي

[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن تعلقي جي آبادي 2،29،444 ھئي جن مان 32,259 ماڻھو شھري ۽ 1,97,185 ماڻھو ٻھراڙيءَ ۾ رھندڙ ھئا[2].

ديھون

[سنواريو]
باقراڻي تعلقي جون ديھون[3]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1آباد2امروٽ3آريجا4باقراڻي
5بقاپور6بيھليم7ٻيلھڙي8ڀٽا ڪلھوڙا
9دنداڻو10دڙو دودائڪو11دريا خان12ڍنڍڙا
13فريد آباد14گنجو15ڳيريلو16گڏ
17حسن واھڻ18جتوئي ڇڇڙ19ڪانيا20ڪنڙي
21ڪارڙا22ڪوٽ چانڊڪو23مڏ باھو24مھر وڏا
25مٽو26مھراب پور27مير خان ابڙو28نصيرآباد جاگير
29نصيرآباد ريئتي30نورپور31پنجو کوکر32صالحاڻي
33شاھبيگ34شاھنواز35شيخ فوجو36سمڻو
37سونھري جاگير38سونھري ريئتي39ٽرڳڙ40ٺلھا
41ياڪو سنديلو

حوالا

[سنواريو]
  1. باقراڻي : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. [ https://www.pbs.gov.pk › sindhPDFlarkana summary - DISTRICT AND TEHSIL LEVEL POPULATION ...]
  3. resultsBoard of Revenue, Sindh [مئل ڳنڍڻو]