طيب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
طيب ابڙو
يو سي 4 طيب
يونين ڪاؤنسل
رتوديرو تعلقي جي يو سي 4
طيب ابڙو is located in سنڌ
طيب ابڙو
طيب ابڙو
طيب ابڙو is located in Pakistan
طيب ابڙو
طيب ابڙو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°46′25″N 68°17′29″E / 27.77361°N 68.29139°E / 27.77361; 68.29139مڪانيت: 27°46′25″N 68°17′29″E / 27.77361°N 68.29139°E / 27.77361; 68.29139
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو رتوديرو تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 15,260


يو سي 4 طيب (انگريزي: U C 4 Tayyab) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا رتوديرو تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي رتوديرو تعلقي جي يو سي 4 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 15,260 آهي[1] . ھن يونين ڪاؤنسل ۾ طيب ابڙو ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي جيڪو قومي شاھراھ اين 655 تي رتوديرو شھر کان ھڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي ڏکڻ طرف واقع آهي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ سيلرا، سناڻي، سھاڳ، ويسر، زنگيجا، کوکر، ابڙا ، جيھا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ديھ ڀانڊو رتو (آبادي 2,113), ديھ مسوديرو (آبادي 4,430) ، ديھ رتوديرو (آبادي 3,921)، ديھ طيب (آبادي 4096)، ديھ پنجو لورڙ، ڳوٺ الله ڏنو سيلرو، ڳوٺ طيب، ڳوٺ بلند خان، وليداد ويسر، ڳوٺ لھڻو خان کوکر، ڳوٺ بالاچ خان سناڻي، ڳوٺ زنگيجا، ڳوٺ محمد عثمان جيھو ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين ممتاز علي سھاڳ ۽ وائيس چيئرمين وحيد علي سناڻي چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ ڳوٺ الله ڏنو سيلرو جو ممتاز علي سيلرو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/