لنڊ (يو سي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(لنڊ (لاڙڪاڻو) کان چوريل)
لنڊ
يو سي 14 لنڊ
يونين ڪاؤنسل، ديھ ۽ ڳوٺ
لاڙڪاڻي تعلقي جي يو سي 2
لنڊ is located in سنڌ
لنڊ
لنڊ
لنڊ is located in Pakistan
لنڊ
لنڊ
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°35′00″N 68°08′47″E / 27.58333°N 68.14639°E / 27.58333; 68.14639مڪانيت: 27°35′00″N 68°08′47″E / 27.58333°N 68.14639°E / 27.58333; 68.14639
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو لاڙڪاڻو تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 15,015


لنڊ (انگريزي: Lund ) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا لاڙڪاڻي تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي لاڙڪاڻي جي يو سي 2 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 15,015 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ديھ لنڊ سميت ديھ مياڻي نھال، ديھ لونگائي واقع آهن. ديھ لنڊ ۾ لنڊ ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جو پراڻو نالو لونگائي ھيو . ھي يو سي ٻيڙو چانڊيو جي اتر اولھ ۾ گھاڙ واھ تي واقع آهي.ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ڪورڪاڻي، عباسي، آريجا، جاگيراڻي، عمراڻي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ نورمحمد ڪورڪاڻي ، آريجا ڦاڙا، ڳوٺ کيڏڪر، ڳوٺ سچي بخش جاگيراڻي، ڳوٺ ساٿي خان عمراڻي، ڳوٺ لعل بخش، ديھ لونگائي (آبادي 3,746)، ديھ لنڊ (آبادي 2,209)، ديھ مياڻي نھال (آبادي 9,060) جنھن ۾ ڳوٺ مياڻي نھال واقع آهي، ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين علي گل عمراڻي ۽ وائيس چيئرمين ظھير احمد چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي ورڪرز سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ آريجا ڦارو جو ذاھد حسين عباسي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي ورڪرز جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/