مشوري شريف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مشوري شريف
يو سي 27 مشوري شريف (ھٽي)
يونين ڪاؤنسل
باقراڻي تعلقي جي يو سي 2
مشوري شريف is located in سنڌ
مشوري شريف
مشوري شريف
مشوري شريف is located in Pakistan
مشوري شريف
مشوري شريف
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°28′30″N 68°08′20″E / 27.47500°N 68.13889°E / 27.47500; 68.13889مڪانيت: 27°28′30″N 68°08′20″E / 27.47500°N 68.13889°E / 27.47500; 68.13889
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو باقراڻي تعلقو


يو سي 27 مشوري شريف (انگريزي: U C 27 Mashori Sharif) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا باقراڻي تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي باقراڻي جي يو سي 2 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ مشوري شريف ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي جيڪو ڳيريلو لاڙڪاڻو روڊ تي رائس ڪينال جي اوڀر واري ڪپ تي واقع آهي جتي مشھور بزرگ مولانا محمد قاسم مشوري جو مقبرو آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ مشوري، ٻگھيا، بروھي، جتوئي، جکر، ابڙا، لاشاري ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ رحيم ٻگھيو، ڳوٺ مولڻ ابڙو، ڳوٺ سيد غلام شاھ، ڳوٺ الله وڌايو لاشاري، ڳوٺ گل محمد جتوئي، ڳوٺ حيدر بروھي, ڳوٺ غلام رسول جتوئي، ڳوٺ بھرام مشوري ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين سڪندر علي بروهي ۽ وائيس چيئرمين مصري خان جتوئي چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ مشوري شريف جو محمد محسن مشوري ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت جي سھولت لاء ھتي ڪوبه سرڪاري ادارو ڪانه آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/