ڪليم الله لاشاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪليم الله لاشاري

لاشاري بين الاقوامي مڪلي ڪانفرنس ۾ ڳالھائيندي
پيدائش 03 جون 1953(1953-06-03)
لاڙڪاڻو، سنڌ، پاڪستان
رھائش ڪراچي، سنڌ، پاڪستان
قوميت پاڪستاني
شھريت پاڪستان
مادر علمي يونيورسٽي آف وسڪونسن–ميڊسن، ڪراچي يونيورسٽي
شھرت جو ڪارڻ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب تي تحقيق
'سائنسي پيشو'
شعبو آرڪيالاجي، تاريخ، ادب، ڪنزرويشن سائنس (ثقافتي ورثو)

ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري، قديم آثارن ۽ نوادرات جي ماهر، ليکڪ ۽ تاريخدان ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري ولد محمد علي جوهر 3 جون 1953ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سندس والد پڻ اعليٰ پايي جو شاعر ۽ اديب هو. تازو کيس پاڪستان جو سول ايوارڊ ستاره امتياز سان نوازيو ويو آھي.

تعليم[سنواريو]

هن ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ کانپوءِ 1971ع ۾ انٽر ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي، بي. اي پنجاب يونيورسٽي لاهور (1977ع)، ايم. اي ڪراچي يونيورسٽي (1993ع)، ايم. فل ڪراچي يونيورسٽي 2000ع ۾ ڪيائين. هن 2002ع ڌاري جرمنيءَ مان ’اسلامي دور جي قديم عمارتسازي‘ جي عنوان تي پي. ايڇ. ڊي ڪئي ۽ 2006ع ۾ آمريڪا جي وسڪونسن يونيورسٽي ۾ فيلو شپ حاصل ڪئي.

مھارتي سفر[سنواريو]

هن 1982ع ۾ سي. ايس. ايس جو امتحان پاس ڪري ڊسٽرڪٽ مئنيجمينٽ گروپ جوائن ڪيو. اي. سي مڪران ڊويزن (1987ع)، ايس. ڊي. ايم تربت (1987ع)، اي. سي. آر قلات (1987ع)، اي. ڊي. ايم خضدار (1988ع)، ڊپٽي سيڪريٽري ثقافت کاتو سنڌ حڪومت (1984ع)، اي. ڊي. ايم سٽي مئجسٽريٽ ڪراچي (1990ع)، سيڪريٽري سائيٽ حيدرآباد (1991ع)، ڊي. ايس چيف منسٽر سنڌ (1991ع)، ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن (1993ع)، فنانشل ايڊوائيزر سنڌ (1993ع)، ڊائريڪٽر جنرل ڪي. اي. ايس. سي (1993ع)، ايم. او لوڪل گورنمينٽ (1994ع)، ڊپٽي فنانشل ايڊوائيزر سنڌ (1997ع)، ايس. اي. گهرو کاتو حڪومت سنڌ (1997ع). ان کانپوءِ ترتيبوار ڊپٽي ڪمشنر سکر (2000ع) ڪمشنر سکر، ڊائريڪٽر آرڪائيو حڪومت سنڌ (2005ع- 2002ع)، اي. ڊي. او فنانس شڪارپور 2002ع ڊائريڪٽر جنرل، ايس. جي. اي ڊي اينڊ سي حڪومت سنڌ (2006ع)، سيڪريٽري نوادرات، حڪومت سنڌ (2011ع-2008ع) رهيو.

بانيڪاري[سنواريو]

هن ڪيترن ئي ادارن جي نئين سر تشڪيل ڪئي ۽ انهن ادارن جو بانيڪار ليکجي ٿو، جن ۾:

(1) سينٽر فار آرڪيالوجيڪل اينڊ انوائرمينٽل ريسرچ/ ڪراچي

(2) ڪو ڊائريڪٽر، سنڌ انڊومينٽ فنڊ فار هيريٽيج

(3) ڊاڪٽر اين. اي بلوچ انسٽيٽيوٽ فار هيريٽيج ريسرچ حيدرآباد وغيره شامل آهن.

ادبي ۽ تخليقي سفر[سنواريو]

ڊاڪٽر لاشاري جڏهن ڊپٽي ڪمشنر سکر هو ته هن سکر تي يارنهن ڪتاب شايع ڪرايا ۽ هڪ شاندار سيمينار ترتيب ڏنو جيڪو پوءِ سندس بدلي ٿي وڃڻ کانپوءِ ٿيو. ڪليم الله لاشاري تاريخي ماڳن تي تحقيق جي حوالي کان اهم تحقيقون ڪيون آهن. هن علم، ادب توڙي نوادرات ۽ تاريخي ماڳن تي تحقيق ڪري هيٺيان ڪتاب لکيا آهن، جيڪي ڇپيل آهن:

1. خوابن جي تشريح

2- Nineteen Eighty-three (1999)

3- A Study of Stone carved Graves (1996)

4- Study of mural ceramics of Sukkur Recent Archaeological investigation in umer kot

5- Sukkur History and society (2001).

6. عشق ڪيو ۾ اظهار (بيدل جي اينٿالاجي) (2001ع)

7. اوڻويهه سوٽياسي (اردو) (2011ع)

8. قبائلي قبرين (2011ع)

9-Study of stones carved graves (2012).

ادارا سازي[سنواريو]

ان کان علاوه هن جي ادارت هيٺ انگريزيءَ ۾ ’سنڌ آرڪيالوجي‘ رسالي جا چار شمارا ڇپيل آهن، جنهن جو پاڻ ايڊيٽر رهيو. هن ڪيترن ئي ملڪي ۽ عالمي سطح جي ڪانفرنسن ۾ تاريخي تحقيق تي مشتمل مقالا پڙهيا آهن، جن ۾ خاص طور:

(1) History Through Coins, Department of Culture (1990).

(2) Religion Heritage and sacared places, NED University Karachi (April 2008)

(3) Summa a period cultural richness as reflected in Trabie inscription from Makili (2009)

(4) Recent Excavation and reinterpretation, university of Texan Austin 2012.

موجود سرگرميون[سنواريو]

ڪليم لاشاريءَ چوڪنڊيءَ جي مقبرن تي بہ اهم تحقيقي ڪم سر انجام ڏنو آهي. عالمي سطح تي سنڌ جي فنون لطيفہ کي اهميت ڏيارڻ لاءِ هن جون ورتل ڪوششون داد لائق آهن. هيءُ هن وقت نوادرات (Antiquities) کاتي جو سيڪريٽري آهي. تحقيقي خدمتن عيوض برلين جي اسلامڪ ميوزم ۾ (D.A.A.D) جي اسڪالر شپ ملي. هن لاڙڪاڻي ۾ ذاتي طور Master’s Gymnasium قائم ڪيو آهي. هيءُ هن وقت ڪراچي ۾ رهي ٿو.

حوالا[سنواريو]