قاضي فضل الله

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فضل الله
قاضي
سنڌ جو وزيراعلي
(8 مئي 1950 کان 24 مارچ 1951)
پيشرو يوسف ھارون
جانشين ايوب کھڙو
ذاتي تفصيل
پيدائش 15 جنوري 1902
نوشھرو فيروز جي ھڪ ڳوٺ ۾
سياسي جماعت پاڪستان مسلم ليگ

قاضي فضل الله(انگريزي: Qazi Fazalullah ) ھي نوشهرو فيروز جي پرائمري اسڪول جي ماستر قاضي عبيدالله جو چوٿون نمبر پٽ ھيو. قاضي فضل الله 15 جنوري 1902 ۾ نوشهرو فيروز جي ھڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو.

ابتدائي زندگي[سنواريو]

قاضي فضل الله ابتدائي تعليم ڳوٺ جي سنڌي اسڪول ۾ پرائمري کان وٺي سيڪنڊري تعليم ڇهن درجن تائين نوشهري مدرسه هاءِ اسڪول ۾ ورتي. پوءِ سنڌ مدرسه ڪراچي مان 1920ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين اتان ساڳئي سال علي ڳڙهه ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ ويو. خلافت تحريڪ ڪري علي ڳڙهه يونيورسٽي جي ڪن شاگردن مولانا محمد علي جي چوڻ تي علي ڳڙهه ڪاليج کي انگريزن جي مددگارن جو اڏو سمجهي بائيڪاٽ ڪيو، انهن شاگردن مان قاضي فضل الله به هڪ هو اتان هي شاگرد اچي جامع مليه دهليءَ ۾ پڙهڻ لڳا، جن مان ڪيترا 1921ع جي شروع ۾ مولانا محمد علي جي حڪم موجب پڙهڻ ڇڏي اچي قطع تعلقات ۽ خلافت تحريڪ ۾ ڪم ڪرڻ لڳا. قاضي صاحب به انهي ڪري پڙهڻ ڇڏي 1923ع تائين قومي ڪارڪن ٿي رهيو پوءِ جڏهن خلافت هلچل جهڪي ٿي ته 1923ع ۾ قاضي صاحب حيدرآباد جي نيشنل ڪاليج ۾ پڙهڻ شروع ڪيو. اتان 1925ع ۾ ڪراچي جي ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ اچي داخل ٿيو ۽ 1927ع ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪيائين. ان کان پوءِ شهاڻي لا ڪاليج ڪراچي ۾ پڙهي، 1929ع ۾ ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪيائين[1]. 1931ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪرڻ شروع ڪئي جتي محمد حنيف صديقي شڪارپور وارو سندس پارٽنر ھيو.[1]

سياست[سنواريو]

لاڙڪاڻي ۾ ھن مڪاني سياست جي شروعات ڪئي خان بهادر محمد ايوب کهڙي سان دوستي ٿيس. 1944ع ۾ لاڙڪاڻي ميونسپالٽيءَ تي ميمبر چونڊجي آيو. سنڌ جدا ٿيڻ تي جنوري 1937ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي چونڊن ۾ هن رتيديديري ۽ ميرو خان تڪ مان سر شاهنواز ڀٽي کي شڪست ڏئي. 1939ع هي ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ لاڙڪاڻي جو چيئرمين چونڊيو ويو جتي هن ڳوٺاڻي تعليم ۾ چڱي دلچسپي ورتي. ان کان پوءِ 1945ع ۾ هن کي ضلعي لاڙڪاڻي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو جنهن عهدي تي هي گهڻي وقت تائين هلندو آيو. 1946ع ۾ جڏهن سنڌ اسيمبلي ختم ڪري گورنر موڊي نيون چونڊون ڪرايون ته هي ڏوڪري وارهه تڪ مان سنڌ اسيمبلي تي چونڊجي آيو. 1947ع ۾ جڏهن پاڪستان قائم ٿيو ته خان بهادر محمد ايوب کهڙي جي ڪابينه ۾ لينڊ روينيو جو وزير ٿيو. پورٽنوليو ڏنو ويو. 1949ع ۾ يوسف هارون جي ڪابينه ۾ ٿوري عرصي لاءِ هوم منسٽر ڪري کنيو ويو. يوسف هارون وري کيس 20 جنوري 1950 ۾ ڪابينہ ۾ شامل ڪيو ۽ کيس گھرو وزير ڪيو ويو.[1].8 مئي 1950ع تي، يوسف هارون کي پاڪستان سرڪار آسٽريليا ۾ سفير ڪري موڪليو. ان جي جاءِ تي قاضي صاحب کي وزيراعليٰ ڪري رکيو ويو. 25 مارچ 1951ع تي ايوب کھڙي وزيراعليٰ جي چارج ورتي، جنهن ۾ قاضي صاحب کي هوم منسٽر ڪري کنيائين. 1953ع ۾ پيرزادي عبدالستار وزارت ٺاهي. ان وزارت ۾ قاضي صاحب پنهنجي ڀاڻيجي قاضي عبدالمنان کي وزير ڪري کڻايو. ان وزارت جي دور ۾ لوڪل سيلف گورنمينٽ ائڪٽ کي درست ڪرڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي قاضي صاحب جي چيئرمينيءَ هيٺ مقرر ٿي، جنهن ايڪٽ کي درست ڪرڻ لاءِ ڪي تجويزون ڏنيون. 25 جنوري 1955ع تي قاضي فضل الله صاحب جيئن سنڌ اسيمبلي ڏي وڃي رهيو هو ان کي رستي تان خان بهادر کهڙي گرفتار ڪرائي سکر جيل ۾ رکرايو جتان هو هاءِ ڪورٽ جي حڪم هيٺ آزاد ڪيو ويو وري هن کي ڪراچي ۾ ڇهن مهينن لاءِ نظربند ڪيو ويو. ان کان پوءِ 21 جون 1955ع تي حيدرآباد ۾ مرڪزي اسيمبلي لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ چونڊون ٿيڻ واريون هيون جن ۾ قاضي فضل الله به اميدوار هو ان ڏينهن کيس صبح جو اسيمبلي هال جي ٻاهران گرفتار ڪري هالن جي جيلن ۾ موڪليو ويو جنهن ڪري هو چونڊ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو. سندس گرفتاري لاءِ اهو به بهانو بنايو ويو هو ته هن اسان سان گڏ اسيمبلي هال کي بم سان اڏائڻ جو منصوبو رٿيو هو. اهو ڪيس ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ مغربي پاڪستان حڪومت جي وزيراعلي ڊاڪٽر خان صاحب مرحوم ڪڍرايو هو. 1955ع جي آخر ۾، مغربي پاڪستان جو صوبو قائم ٿيو. 1956ع جي جنوري ۾ مغربي پاڪستان اسيمبلي جون چونڊون ٿيون جنهن تي قاضي صاحب ٺٽي ضلعي ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ٻنهي مان ميمبر چونڊجي آيو. هن ٺٽي ضلعي جي ميمبري تان استعيفيٰ ڏيئي لاڙڪاڻي واري جاءِ تان ميمبر ٿي رهڻ قبول ڪيو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر خان صاحب کي مغربي پاڪستان حڪومت جو وزيراعلي مقرر ڪيو ويو. هن ريپبليڪن پارٽيءَ جي وزارت ٺاهي جنهن ۾ قاضي صاحب کي وزير ڪري رکيائين ۽ کيس آبپاشي جو کاتو ڏنو ويو. قاضي صاحب مغربي پاڪستان جي وزارتن ۾ 8 آڪٽوبر 1958ع تي مارشل لا قائم ٿيڻ تائين وزير رهندو آيو. ان بعد لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪرڻ ۽ زمين سنڀالڻ جي ڪم ۾ مشغول رهيو . کيس ٻين سڀني بااثر سياستدانن وانگر سياست کان ڪجهه عرصي لاءِ خارج ڪيو ويو.[1].

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 جنب گذاريم جن سين ، ڀاڱو ٻيون؛ ليکڪ: سائين جي ايم سيد؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٽيون 2005