وڏي واھڻي
وڏي واھڻي يو سي 39 وڏي واھڻي | |
---|---|
يونين ڪاؤنسل | |
ڏوڪري تعلقي جي يو سي 3 | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°19′53″N 68°03′53″E / 27.33139°N 68.06472°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | لاڙڪاڻو ضلعو |
تعلقو | ڏوڪري تعلقو |
آبادي (2017) | |
• ڪل | 7,902 |
يو سي 39 وڏي واھڻي (انگريزي: U C 39 Wadi Wahni ) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا ڏوڪري تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي ڏوڪري جي يو سي 3 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 7,902 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ وڏي واھڻي ھڪ وڏو ڳوٺ آهي جيڪو باڊھ جي ڀرسان واقع آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ديھ خيرواھ (آبادي 4,614)، ديھ مرزائي (آبادي 3,288)، ڳوٺ يعقوب جوڻيجو، ڳوٺ علي بخش چانڊيو، ڳوٺ ملان ساريو، ڳوٺ محمد خان ڪلھوڙو، وڏي واھڻي ۽ ٻيا شامل آهن.
ڪائونسل
[سنواريو]يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين محمد علي راڄپر ۽ وائيس چيئرمين مقصود علي ابڙو چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ محمد خان ڪلھوڙو جو شير محمد ڪلھوڙو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو
تعليم ۽ صحت جون سهولتون
[سنواريو]ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. ماڊل سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت لاءِ ھن يو سي ۾ ڪو به ادارو ڪانه آهي.
ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم
[سنواريو]ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون
[سنواريو]ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.