اياز قادري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پروفيسر ڊاڪٽر -اياز قادري- ناميارو شاعر، افسانه نگار، ڪهاڻيڪار ۽ ماهر -تعليم- هو. 19 -جنوري- 1927ع تي لاڙڪاڻي جي مشهور قادري خاندان ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو فقير غلام سرور قادري هو. جيڪو پڻ غزل جو سٺو شاعر هو. هن صحافت جي ميدان ۾ ڪافي خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ هفتيوار -اخبار- ”-الحقيقت-“ به ڪڍي هئائين. -اياز- قادريءَ لاڙڪاڻي مدرسه هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪرڻ بعد ڪراچيءَ مان بي. اي (آنرس)، ايم. اي (فارسي)، ايم. اي (سنڌي) ۽ ايل ايل بيءَ جون ڊگريون حاصل ڪيون. هن سنڌي غزل جي -اوسر- تي پي ايڇ ڊي جو مقالو علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ لکي، ڊاڪٽريءَ جي سَند حاصل ڪئي. -اياز قادري- 1950ع کان 1970ع تائين -ايس-. ايم. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرر رهيو. 1971ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو پهريون چيئرمئن مقرر ٿيو ۽ ڏهن سالن تائين انهيءَ عهدي تي فائز رهيو. پاڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ”شاهه لطيف چيئر“ جو باني ڊائريڪٽر پڻ رهيو. -ان- دوران سندس يادگار ڪارنامو، پروفيسر سيد وقار رضويءَ جي تعاون سان، شاهه لطيف رحه جي مڪمل ڪلام جو نثري -اردو- ترجمو آهي، جيڪو -اڪادمي ادبيات پاڪستان- طرفان چئن جلدن ۾ ڇپايل آهي. -اردو-، سنڌي ۽ فارسي زبانن جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ هئس. ڊاڪٽرصاحب، پنهنجي شاعريءَ جو مجموعو مرتب ڪري رهيو هو، پر زندگيءَ سندس ساٿ نه ڏنو، جيڪو تازو سندس ڀاڻيجي ذوالفقار قادريءَ نئين سر ترتيب ڏئي ”زلف -اياز-“ جي نالي سان 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.

ڊاڪٽر -اياز قادري- 1950ع واري دور ۾، پنهنجي رهائشگاهه تي ’سنڌي ادبي سنگت‘ جون هفتيوار ادبي گڏجاڻيون ڪوٺائيندو رهيو. ’سنڌي ادبي سنگت‘ جي ورهاڱي کان پوءِ واري دور جو پهريون سيڪريٽري جنرل ٿيو، جنهن 1956ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي ڪنوينشن ۾ سنگت جي آئيني جوڙجڪ ۽ سڄي سنڌ ۾ تنظيمي ڍانچي کي پکيڙڻ ۾ ابتدائي ڪردار ادا ڪيو. ڊاڪٽر صاحب ’-جمعيت الشعراءِ سنڌ-‘ جو به باني ميمبر هو. پاڻ سنڌيءَ جي چوٽيءَ جي ڪهاڻيڪارن مان هو. سندس چونڊ افسانن جو مجموعو ”بِلو دادا“ جي عنوان سان 1956ع ۾ ڇپيو، جنهن جا بعد ۾ٻيا ڇاپا به پڌرا ٿي چڪا آهن. -اياز- قادريءَ ’مئڪسم گورڪيءَ‘ جي مشهور ناول ’آتم ڪهاڻيءَ‘ جا ٻه جلد پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا، جيڪي سنڌي ادبي بورد طرفان ڇپرايا ويا. سندس تحقيقي مقالو ’سنڌي غزل جي -اوسر-‘ ٻن جلدن ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. سندس هيءَ ڪتاب سنڌي غزل جي نه صرف جامع -تاريخ- آهي، پر سنڌي شاعرن جو مستند تذڪرو پڻ آهي، جيڪو -ٽن- صدين تي مشتمل آهي. -ان- کان سواءِ پاڻ جي. الانا جي -انگريزي- ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ’اسان جي آزاديءَ جا اڳواڻ‘ (1980ع) عنوان سان ڪيو، سندس ٻين ڪتابن ۾ ’مٽيءَ لڌو مانُ‘(1970ع)، ’عشقيه داستان‘(1985ع) ۽ ’پرين جون ڪهاڻيون‘ (لوڪ ادب: 1981ع) به مثالي حيثيت رکن ٿا. ڊاڪٽر -اياز قادري- 15 ڊسمبر 1997ع تي وفات ڪئي ۽ کيس لاڙڪاڻي ۾ آبائي ڳوٺ ۾ دفن ڪيو ويو.[1]

حوالا[سنواريو]