فتح پور (ڪنگا)
فتح پور يو سي 23 فتحپور | |
---|---|
يونين ڪاؤنسل | |
ڪنگو | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°38′04″N 68°12′12″E / 27.63444°N 68.20333°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | لاڙڪاڻو ضلعو |
تعلقو | لاڙڪاڻو تعلقو |
آبادي (2017) | |
• ڪل | 18,583 |
فتحپور (انگريزي: Fatehpur) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل, ديھ ۽ ڳوٺ جو نالو آهي جيڪي لاڙڪاڻي تعلقي ۾ واقع آهن. ان کي تعلقي لاڙڪاڻي جي يو سي 11 پڻ چوندا آهن. 2017 جي آدمشماري مطابق يو سي جي ڪل آبادي 18,583 ۽ ديھ فتح پور جي ڪل آبادي 9,387 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڳوٺ ڪنگا ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي ۽ لاڙڪاڻو ميروخان روڊ تي واقع آهي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ گوپانگ، جھنجھڻ، مغيري، ڪنگا، سولنگي، سومرا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ديھ فتحپور , ديھ ڪنگا (آبادي 5,209)، ديھ ڪاٺڙ (آبادي 2987)، ڳوٺ عامر خان مغيري، ڳوٺ فتحپور، ڳوٺ خان محمد جھنجھڻ، ڳوٺ پليو خان گوپانگ, ڳوٺ مھراب جھنجھڻ ۽ ٻيا شامل آهن.
ڪائونسل
[سنواريو]يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين امان الله جي جھنجھڻ ۽ وائيس چيئرمين بشيراحمد گوپانگ چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ ڪنگا جو علي ڏنو ڪنگو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو
تعليم ۽ صحت جون سهولتون
[سنواريو]ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.
ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم
[سنواريو]ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون
[سنواريو]ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.