بنگل ديرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بنگل ديرو
يو سي 5 بنگل ديرو
يونين ڪاؤنسل
رتوديرو تعلقي جي يو سي 5
بنگل ديرو is located in سنڌ
بنگل ديرو
بنگل ديرو
بنگل ديرو is located in Pakistan
بنگل ديرو
بنگل ديرو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°43′09″N 68°16′56″E / 27.71917°N 68.28222°E / 27.71917; 68.28222مڪانيت: 27°43′09″N 68°16′56″E / 27.71917°N 68.28222°E / 27.71917; 68.28222
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو رتوديرو تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 18,714


يو سي 5 بنگل ديرو (انگريزي: U C 5 Banguldero) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا رتوديرو تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي رتوديرو جي يو سي 5 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 18,714 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ بنگل ديرو ھڪ ننڍڙو شھر ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي جنھن جي آبادي 9,349 آهي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ڀٽا، شر، ھليا، انڙ، ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ عثمان انڙ، ڪوٽ ڀٽو، ڳوٺ ڪيچي انڙ، بنگل ديرو، ديھ بنگل ديرو، ديھ ڊرڀي (آبادي 1,442), ديھ سنجر ابڙو (آبادي 1,529)، ديھ انڙ (آبادي 6,394) ۽ ٻيا شامل آهن. بنگل ديرو لاڙڪاڻو رتوديرو وچ ۾ قومي شاھراھ اين 55 تي واقع آهي. ھن شھر ۾ ھڪ عيدگاھ خيرو ديرو واري روڊ تي، ھڪ تفريحي پارڪ شھر جي وچ ۾ واقع آهي

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين قربان علي ڀٽو ۽ وائيس چيئرمين مختيار علي انڙ چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م يو سي لاشاري جي ڳوٺ خيرو ديرو جو خادم حسين منگي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري, مڊل ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم جي سھولت ميسر آهي. ھڪ گورنمينٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول بنگل ديرو ۾ واقع آهي ان کان علاوه گرلس پرائمري ۽ بوائز پرائمري اسڪول بنگل ديرو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ واقع آھن. بنگل ديرو شھر م ھڪ گورنمينٽ ڊسپينسري ۽ ھڪ رورل هيلٿ سينٽر پڻ واقع آھن. ھڪڙو بيسڪ هيلٿ يونٽ ڪوٽ ڀٽو ۾ واقع آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/