عاقل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عاقل
يو سي 20 عاقل
يونين ڪاؤنسل، ديھ ۽ ڳوٺ
لاڙڪاڻي تعلقي جي يو سي 8
عاقل is located in سنڌ
عاقل
عاقل
عاقل is located in Pakistan
عاقل
عاقل
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°43′49″N 68°16′40″E / 27.73028°N 68.27778°E / 27.73028; 68.27778مڪانيت: 27°43′49″N 68°16′40″E / 27.73028°N 68.27778°E / 27.73028; 68.27778
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو لاڙڪاڻو تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 13,476


عاقل يا عاڪل (انگريزي: Akil) ديھ عاقل (انگريزي: Aqil Deh ) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا لاڙڪاڻي تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي لاڙڪاڻي جي يو سي 8 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 13,476 آهي[1]. ان ۾ ديھ عاقل سميت مختلف ديھون واقع آهن. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ عاقل ديھ منجھ عاقل نالي کھڙن جو ھڪ وڏو ڳوٺ آهي جيڪو ان يو سي جو صدر مقام آھي. اھو ڳوٺ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ نثار کهڙو جو اباڻو ڳوٺ آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ کھڙا، سامٽيا، ڏيٿا, ڀٽا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ لال بخش سامٽيو، ڳوٺ مسو حب، ڳوٺ جيوڻ ڀٽو، ديھ عاقل، ديھ بئد سانگي، ديھ گھانگھرو ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين اشفاق احمد بلوچ ۽ وائيس چيئرمين واحد بخش ڀٽو چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ عاقل جي ندا کھڙو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊي وئي جيڪا پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوار ھئي.

تعليم ۽ صحت جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري ۽ مڊل تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. گورنمينٽ ايليمينٽري اسڪول عاقل ڳوٺ، ڳوٺ شاھيارو ۽ ڳوٺ سامٽيا ۾ واقع آھن ۽ گورنمينٽ مڊل اسڪول ڳوٺ مسو حب ۾ واقع آھي. صحت جي سھولتن لاء عاقل ۾ ھڪ بيسڪ هيلٿ يونٽ واقع آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/