ٻوسڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٻوسڻ
يو سي 1 ٻوسڻ
يونين ڪاؤنسل
رتوديرو تعلقي جي يو سي 1
ٻوسڻ is located in سنڌ
ٻوسڻ
ٻوسڻ
ٻوسڻ is located in Pakistan
ٻوسڻ
ٻوسڻ
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°54′46″N 68°10′45″E / 27.91278°N 68.17917°E / 27.91278; 68.17917مڪانيت: 27°54′46″N 68°10′45″E / 27.91278°N 68.17917°E / 27.91278; 68.17917
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو رتوديرو تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 18,666


يو سي 1 ٻوسڻ (انگريزي: U C 1 Bosan ) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا رتوديرو تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي رتوديرو جي يو سي 1 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 18,666 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ٻوسڻ ھڪ وڏو ڳوٺ جنھن جي آبادي 5,175 ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ٻوسڻ، ڀٽا، جلباڻي، لانگاھ، ڏاھاڻي ، ماڇي، پٺاڻ، بروھي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ وڏا ٻوسڻ، ڳوٺ لانگاھ، ڳوٺ وسايو ڀٽو، ڳوٺ يعقوب جلباڻي، ڳوٺ روحيل خان ڏاھاڻي، ڳوٺ سنھڙا ماڇي, فتح پور، پوارو، ڪوڏراڻي ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين نذر علي بروھي ۽ وائيس چيئرمين نيڪ محمد ٻوسڻ چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2].ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ وسايو ڀٽو جو پيپلزپارٽيءَ جو اميدوار نظر محمد پٺاڻ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو.

تعليم ۽ صحت جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري ۽ مڊل تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھي يو سي رتوديرو شھدادڪوٽ روڊ جي اوڀر پاسي واقع آهي . ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/