ٻوسڻ
| ٻوسڻ يو سي 1 ٻوسڻ | |
|---|---|
| يونين ڪاؤنسل | |
| رتوديرو تعلقي جي يو سي 1 | |
| سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
| متناسقات: 27°54′46″N 68°10′45″E / 27.91278°N 68.17917°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | لاڙڪاڻو ضلعو |
| تعلقو | رتوديرو تعلقو |
| آبادي (2017) | |
| • ڪل | 18,666 |
يو سي 1 ٻوسڻ (انگريزي: U C 1 Bosan ) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا رتوديرو تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي رتوديرو جي يو سي 1 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 18,666 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ٻوسڻ ھڪ وڏو ڳوٺ جنھن جي آبادي 5,175 ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ٻوسڻ، ڀٽا، جلباڻي، لانگاھ، ڏاھاڻي ، ماڇي، پٺاڻ، بروھي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ وڏا ٻوسڻ، ڳوٺ لانگاھ، ڳوٺ وسايو ڀٽو، ڳوٺ يعقوب جلباڻي، ڳوٺ روحيل خان ڏاھاڻي، ڳوٺ سنھڙا ماڇي, فتح پور، پوارو، ڪوڏراڻي ۽ ٻيا شامل آهن.
ڪائونسل
[سنواريو]يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين نذر علي بروھي ۽ وائيس چيئرمين نيڪ محمد ٻوسڻ چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2].ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ وسايو ڀٽو جو پيپلزپارٽيءَ جو اميدوار نظر محمد پٺاڻ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو.
تعليم ۽ صحت جون سهولتون
[سنواريو]ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري ۽ مڊل تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.
ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم
[سنواريو]ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون
[سنواريو]ھي يو سي رتوديرو شھدادڪوٽ روڊ جي اوڀر پاسي واقع آهي . ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 12 آگسٽ 2020 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 06 مئي 2020۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد)