ڳجھڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڳجھڙ
يو سي 37 ڳجھڙ
يونين ڪاؤنسل
ڏوڪري تعلقي جي يو سي 1
ڳجھڙ is located in سنڌ
ڳجھڙ
ڳجھڙ
ڳجھڙ is located in Pakistan
ڳجھڙ
ڳجھڙ
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°22′53″N 68°03′50″E / 27.38139°N 68.06389°E / 27.38139; 68.06389مڪانيت: 27°22′53″N 68°03′50″E / 27.38139°N 68.06389°E / 27.38139; 68.06389
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو ڏوڪري تعلقو
ٿاڻو ڏوڪري ٿاڻو
آبادي (2017)
 • ڪل 13,098


يو سي 37 ڳجھڙ (انگريزي: U C 37 Gujhar) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا ڏوڪري تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي ڏوڪري جي يو سي 1 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 13,098 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڳجھڙ ھڪ وڏو ڳوٺ آهي جيڪو ڏوڪري شھر سان لڳولڳ رائيس ڪئنال جي ساڄي ڪپ لڳ واقع آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ جوڻيجا، ھليا، سانگھرو، انڙ، کوکر، جروار، ڍڪڻ ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ بابل جروار، ڳوٺ فيض محمد کوکر، ڳوٺ ڳجھڙ، ڳوٺ مانھڙا، ڳوٺ مانڌڙا، ڳوٺ حاجي عبدالڪريم انڙ، ديھ ببوڙي (آبادي 3,571)،ديھ ڏوڪري (آبادي 5,968)، ديھ ڳجھڙ (آبادي 3,559) , ڳوٺ ڍڪڻ ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين غلام اڪبر جوڻيجو ۽ وائيس چيئرمين پير بخش ھليو چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ ڳجھڙ جو خان محمد سانگھرو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت جي سھولتن لاء ھن يو سي ۾ جوڻيجو سرڪاري اسپتال، ڳجھڙ واري سرڪاري ڊسپينسري واقع آھن.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن. ھي يو سي ڏوڪري شھر لڳ آھي ۽ شھر جي ديھ ڏوڪري پڻ ھن يو سي ۾ اچي ٿي. ڏوڪري شھر جي موئن جو دڙو نالي سان ريلوي اسٽيشن پڻ ھن يو سي ۾ واقع آهي. چانورن جي تحقيق جو مشھور رائس رسرچ انسٽيٽيوٽ ڏوڪري پڻ ھن يو سي ۾ واقع آهي. ھن يو سي مان ڏوڪري شاخ پڻ وھي ٿي.

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/