متو (يو سي)
| متو يو سي 29 متو / قادر بخش ڀٽو ڪولي | |
|---|---|
| يونين ڪاؤنسل | |
| باقراڻي تعلقي جي يو سي 4 | |
| سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
| متناسقات: 27°26′26″N 68°03′40″E / 27.44056°N 68.06111°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | لاڙڪاڻو ضلعو |
| تعلقو | باقراڻي تعلقو |
| آبادي (2017) | |
| • ڪل | 14,576 |
يو سي 29 متو عرف قادر بخش ڪولي (انگريزي: U C 29 Matto @ Qader Bux Kuli) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا باقراڻي تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي باقراڻي جي يو سي 4 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 14,576 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڳوٺ متو جتوئي ۽ ڳوٺ ڪولي وڏا ڳوٺ آهن. ان يو سي جو صدرمقام ڳوٺ ڪولي ۾ آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ڀيا، بروھي، گاڏھي، جتوئي، سنديلا، ظھراڻي، ڀٽا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ متو جتوئي، ڳوٺ غلام ظھراڻي، ڳوٺ ڪولي، ڳوٺ علي باغ گاڏھي ، ڳوٺ مھراب سنديلو، ڳوٺ عمر ڀيو، ديھ دڙو دودائڪو (آبادي 4,271)، ديھ مٽو (آبادي 10,305)، ڳوٺ دودائڪو، ڳوٺ خدابخش بروهي، ۽ ٻيا شامل آهن.
ڪائونسل
[سنواريو]يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين فاروق احمد جتوئي ۽ وائيس چيئرمين خادم حسين بروهي چونڊجي آيا جيڪي آزاد اميدوار ھيا[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ عمر ڀيو جو امير بخش ڀيو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو آزاد اميدوار ھيو
تعليم ۽ صحت جون سهولتون
[سنواريو]ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت جي سھولتن لاءِ ھتي ڪو به سرڪاري ادارو ڪانه آهي
ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم
[سنواريو]ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون
[سنواريو]ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 12 آگسٽ 2020 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 09 مئي 2020۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد)