متو (يو سي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
متو
يو سي 29 متو / قادر بخش ڀٽو ڪولي
يونين ڪاؤنسل
باقراڻي تعلقي جي يو سي 4
متو is located in سنڌ
متو
متو
متو is located in Pakistan
متو
متو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°26′26″N 68°03′40″E / 27.44056°N 68.06111°E / 27.44056; 68.06111مڪانيت: 27°26′26″N 68°03′40″E / 27.44056°N 68.06111°E / 27.44056; 68.06111
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو باقراڻي تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 14,576


يو سي 29 متو عرف قادر بخش ڪولي (انگريزي: U C 29 Matto @ Qader Bux Kuli) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا باقراڻي تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي باقراڻي جي يو سي 4 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 14,576 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڳوٺ متو جتوئي ۽ ڳوٺ ڪولي وڏا ڳوٺ آهن. ان يو سي جو صدرمقام ڳوٺ ڪولي ۾ آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ڀيا، بروھي، گاڏھي، جتوئي، سنديلا، ظھراڻي، ڀٽا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ متو جتوئي، ڳوٺ غلام ظھراڻي، ڳوٺ ڪولي، ڳوٺ علي باغ گاڏھي ، ڳوٺ مھراب سنديلو، ڳوٺ عمر ڀيو، ديھ دڙو دودائڪو (آبادي 4,271)، ديھ مٽو (آبادي 10,305)، ڳوٺ دودائڪو، ڳوٺ خدابخش بروهي، ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين فاروق احمد جتوئي ۽ وائيس چيئرمين خادم حسين بروهي چونڊجي آيا جيڪي آزاد اميدوار ھيا[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ عمر ڀيو جو امير بخش ڀيو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو آزاد اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت جي سھولتن لاءِ ھتي ڪو به سرڪاري ادارو ڪانه آهي

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/