گاجي ديرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گاجي ديرو
يو سي 45 گاجي ديرو
يونين ڪاؤنسل
ڏوڪري تعلقي جي يو سي 9
گاجي ديرو is located in سنڌ
گاجي ديرو
گاجي ديرو
گاجي ديرو is located in Pakistan
گاجي ديرو
گاجي ديرو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°16′21″N 68°07′27″E / 27.27250°N 68.12417°E / 27.27250; 68.12417مڪانيت: 27°16′21″N 68°07′27″E / 27.27250°N 68.12417°E / 27.27250; 68.12417
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو ڏوڪري تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 12,146


يو سي 45 گاجي ديرو(انگريزي: U C 45 Gaji dero) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا ڏوڪري تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي ڏوڪري جي يو سي 9 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 12,146 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ گاجي ديرو ھڪ وڏو ڳوٺ آهي جيڪو سنڌو ندي کان اڌ ڪلوميٽر جي فاصلي تي واقع آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ کيڙا، کوکر، آريجا، گاڏھي، چنا، ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ديھ گاجي ديرو (آبادي 3,431)، ديھ ٻيلي گاجي (آبادي 2,125), ديھ چڪرو (آبادي 2،225)، ديھ دٻولي وچولو (آبادي 1,748)، ديھ فتحپور (آبادي 2,617) ڳوٺ گاجي ديرو، ڳوٺ راوت کيڙو، ڳوٺ مٺو آريجو، ڳوٺ چڪرو ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين رياض حسين ۽ وائيس چيئرمين خادم حسين چنو چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ چڪرو جو علي ڏنو گاڏھي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. مڊل سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت جي سھولتن لاء ھن يو سي ۾ ڪو به سرڪاري ادارو ڪانه آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/