باڊھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
باڊھ
شھر
BADAH
باڊھ is located in سنڌ
باڊھ
باڊھ
باڊھ is located in Pakistan
باڊھ
باڊھ
جاگرافي بيهڪ: 27°20′N 68°01′E / 27.333°N 68.017°E / 27.333; 68.017مڪانيت: 27°20′N 68°01′E / 27.333°N 68.017°E / 27.333; 68.017
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو ڏوڪري تعلقو


باڊھ: (انگريزي: Badah) شھر موهن جو دڙو کان 15 ڪلو ميٽر (15Km) اولھ ۾ نصير آباد جي اوڀر ۾ واقع آھي. لاڙڪاڻي ضلعي جو شهر آھي. ڪوٽڙيءَ کان ڪوئيٽا ويندڙ ريلوي لائين تي هڪ اسٽيشن واپار جي منڊي، خاص ڪري چانورن جي خريداريءَ جو مشهور مرڪز آهي. هتي هر سال شعبان جي مهيني ۾ پير تقي شاهه جيلانيءَ جو ميلو لڳندو آهي، جنهنڪري شهر جي ڪاروبار ۾ واڌارو ٿيندو آهي. -باڊهه- شهر لاڙڪاڻي، جي تعلقي ڏوڪري ۽ قمبر- شهدادڪوٽ ضلعي تعلقي نصيرآباد جي سرحد تي آهي، -ان- کانسواءِ هيءُ شهر لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن جي ميل واريءَ جاءِ تي پڻ آهي.[1]

تاريخ[سنواريو]

. ڪلهوڙن جي حاڪميت ۾ باڊهه کي سرڪاري منزل گاهه جي حيثيت حاصل هئي. مقامي ماڻهن کان مليل ڄاڻ موجب ميان گاجيءَ جو مرڪز پڻ باڊهه جو شهر هو. اُن وقت باڊهه شهر ماڻهن جي نقل وحرڪت ۽ اچ وڃ جو خاص ذريعو هو.[2]

باڊھ ۾ واقع ڳوٺ[سنواريو]

باڊھ ھڪ يونين ڪاؤنسل آهي جنھن جي حدن ۾ واقع ڳوٺن ۾ شامل آهن ھرھڪ: مسڻ , انبپور ، ٻلاڻين، جوڳي، لڌاڻين، دڙا، ننڍي وھڻين، وڏي وھڻين، بروھي ۽ گند.

حوالا[سنواريو]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/tree.php?Alpha=%D8%A8&Alphawise=True
  2. {ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي جو مضمون "گاجي کھاوڙ: تحقيق ۽ تعارف" ، مھراڻ رسالو سال 2018, شمارو ،1 ۽ 2، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}