لاشاري (يو سي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لاشاري
يو سي 3 لاشاري
يونين ڪاؤنسل
رتوديرو تعلقي جي يو سي 3
لاشاري is located in سنڌ
لاشاري
لاشاري
لاشاري is located in Pakistan
لاشاري
لاشاري
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°43′25″N 68°15′28″E / 27.72361°N 68.25778°E / 27.72361; 68.25778مڪانيت: 27°43′25″N 68°15′28″E / 27.72361°N 68.25778°E / 27.72361; 68.25778
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو رتوديرو تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 19,559


يو سي 3 لاشاري (انگريزي: U C 3 Lashari) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا رتوديرو تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي رتوديرو تعلقي جي يو سي 3 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 19,559 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ خيرو ديرو ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ لاشاري، جوڻيجا، جتوئي، ھڪڙا، ملاح ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ لاشاري، ڳوٺ سڄڻ ھڪڙو، ڳوٺ الله بخش ھڪڙو، ڳوٺ ٺل جوڻيجو، مياڻي نور ملاح، ڳوٺ مامو جوڻيجو، ديھ مامو جوڻيجو جاگير (آبادي 368)، ديھ مامو جوڻيجو رئتي (آبادي 4,497)، ديھ مياڻي نور ملاح جاگير (آبادي 1,747)، ديھ مياڻي نور ملاح رئتي (آبادي 3,448)، خيرو ديرو، ديھ عاقل ھڪڙو (آبادي 4,184) ، ديھ خيرو ديرو (آبادي 5,415)، ڳوٺ جمانيبا ۽ ٻيا شامل آهن. خيرو ديرو ھڪ وڏو ڳوٺ آهي جنھن ۾ علي شاھ بغدادي جي مقبرو واقع آهي. ڳوٺ لاشاري رتوديرو لاڙڪاڻو روڊ تي واقع آهي جتان ڳوٺ ٺل جوڻيجو ۽ خيرو ديرو طرف رستو وڃي ٿو.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين جھانگير ھڪڙو ۽ وائيس چيئرمين غلام شبير چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م رتوديرو جو نبي بخش لاشاري ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/