مڏ باھو
| مڏ باھو يو سي 33 مڏ باھو | |
|---|---|
| يونين ڪاؤنسل | |
| باقراڻي تعلقي جي يو سي 8 | |
| سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
| متناسقات: 27°26′44″N 68°22′54″E / 27.44556°N 68.38167°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | لاڙڪاڻو ضلعو |
| تعلقو | باقراڻي تعلقو |
| آبادي (2017) | |
| • ڪل | 10,793 |
يو سي 33 مڏ باھو (انگريزي: U C 33 Mad Bahu) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا باقراڻي تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي باقراڻي جي يو سي 8 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 10,793 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ مڏ باھو ھڪ وڏو ڳوٺ آهي جيڪو دادو ڪئنال جي ڪپ تي واقع آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ سنديلا، کوکر، انڙ، چانڊيا، تونيا، سيد، مڱريا، ڀٽا، ھيسباڻي، ڀٽي، راجپوت۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ديھ مڏ باھو (آبادي 10,793)، ڳوٺ مڏ باھو، ڳوٺ دولت کوکر، ڳوٺ ڪمبي سنديلا, ڳوٺ غلام شاھ، ڳوٺ گل محمد تونيو، ڳوٺ ماھي ڀٽا، علي آباد ۽ ٻيا شامل آهن.
ڪائونسل
[سنواريو]يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين عبدالرشيد چانڊيو ۽ وائيس چيئرمين اويس خان چانڊيو چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ علي آباد جو عدنان خان انڙ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو
تعليم ۽ صحت جون سهولتون
[سنواريو]ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري, مڊل ۽ سيڪنڊري تعليم جي سھولت ميسر آهي. ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت جي سھولتن لاء يو سي ۾ ھڪ بنيادي صحت مرڪز ڳوٺ مڏ باھو ۾ واقع آهي.
ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم
[سنواريو]ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون
[سنواريو]ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 12 آگسٽ 2020 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 09 مئي 2020۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد)