پير بخش ڀٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پير بخش ڀٽو (ميرپور ڀٽو)
يو سي 10 پير بخش ڀٽو
يونين ڪاؤنسل
رتوديرو تعلقي جي يو سي 10
پير بخش ڀٽو (ميرپور ڀٽو) is located in سنڌ
پير بخش ڀٽو (ميرپور ڀٽو)
پير بخش ڀٽو (ميرپور ڀٽو)
پير بخش ڀٽو (ميرپور ڀٽو) is located in Pakistan
پير بخش ڀٽو (ميرپور ڀٽو)
پير بخش ڀٽو (ميرپور ڀٽو)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°45′23″N 68°19′53″E / 27.75639°N 68.33139°E / 27.75639; 68.33139مڪانيت: 27°45′23″N 68°19′53″E / 27.75639°N 68.33139°E / 27.75639; 68.33139
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو رتوديرو تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 20,995


يو سي 10 پير بخش ڀٽو (انگريزي: U C 10 Peer Bux Bhutto ) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا رتوديرو تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي رتوديرو جي يو سي 10 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 20,995آهي[1]. ھن يو سي جو پراڻو نالو يو سي خانواھ ھيو. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ پير بخش ڀٽو ھڪ ديھ جو نالو آهي جنھن م مير پور ڀٽو ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. اھو ڳوٺ ميرپور ڀٽو جي نالي سان معروف آھي جيڪو قومپرست سياستدان ممتاز ڀٽو جو اباڻو ڳوٺ آھي. اھو رتوديرو ڳڙهي خدا بخش روڊ تي واقع ڳوٺ کوکر کان ڏيڍ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ڀٽا، جيھا، مھيسر، جروار، کوکر ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ديھ خانواھ (آبادي 5,203) جنھن ۾ جروارن جو ڳوٺ خانواھ واقع آهي, ديھ پنجون ڪنارو (آبادي 2,209), ديھ پير بخش ڀٽو (آبادي 10,750)، ديھ وسند جيھو (آبادي 2,133)، ڳوٺ مير پور ڀٽو، ڳوٺ يار محمد جيھو، آباد ڀٽو، ڳوٺ حاڪم علي جيھو، ڳوٺ جھان خان جروار ، ڳوٺ کوکر ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين فياض حسين ڀٽو ۽ وائيس چيئرمين عبدالقيوم جروار چونڊجي آيا جيڪي آزاد اميدوار ھيا[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ خانواھ جو حبيب الله مھيسر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت لاءِ ڳوٺ ميرپور ڀٽو ۾ ھڪ بيسڪ هيلٿ يونٽ (بنيادي صحت مرڪز) واقع آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/