ماھوٽا ( يو سي)
ماھوٽا يو سي 22 ماھوٽا | |
---|---|
يونين ڪاؤنسل | |
لاڙڪاڻي تعلقي جي يو سي 10 | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°37′03″N 68°16′36″E / 27.61750°N 68.27667°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | لاڙڪاڻو ضلعو |
تعلقو | لاڙڪاڻو تعلقو |
ٿاڻو | ماھوٽا ٿاڻو |
آبادي (2017) | |
• ڪل | 8,552 |
يو سي 22 ماھوٽا (انگريزي: U C 22 Mahota) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا لاڙڪاڻي تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي لاڙڪاڻي جي يو سي 10 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 8,552 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ماھوٽا ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي جيڪو رائيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال جي وچ تي قومي شاهراھ اين 105 تي واقع آهي. ان کان ھڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي يو سي جو ٻيو وڏو ڳوٺ چوھڙپور واقع آهي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ماھوٽا، بروھي، مري، شاھاڻي، کوسا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ محمد صالح بروهي، ڳوٺ ماھوٽا، چوھڙپور ، ديھ چوھڙپور، پنجيديرو، سيد مطلب شاھ جي مزار، ماھوٽا ٿاڻو، ھاء پاور ٽرانسميشن ريڊيو پاڪستان چوھڙپور ۽ ٻيا شامل آهن.
ڪائونسل
[سنواريو]يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين ,مشتاق احمد ماھوٽو ۽ وائيس چيئرمين منير احمد بروهي چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ گل محمد کوسو جو محمد ابراهيم کوسو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو
تعليم ۽ صحت جون سهولتون
[سنواريو]ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري, مڊل، سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم جي سھولت ميسر آهي. ماھوٽا ڳوٺ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا پرائمري اسڪول ۽ ڳوٺ ٻاھران ھائر سيڪنڊري اسڪول واقع آهي.
ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم
[سنواريو]ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون
[سنواريو]ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.