بھمڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بھمڻ
يو سي 9 بھمڻ
يونين ڪاؤنسل
رتوديرو تعلقي جي يو سي 9
بھمڻ is located in سنڌ
بھمڻ
بھمڻ
بھمڻ is located in Pakistan
بھمڻ
بھمڻ
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°42′14″N 68°24′33″E / 27.70389°N 68.40917°E / 27.70389; 68.40917مڪانيت: 27°42′14″N 68°24′33″E / 27.70389°N 68.40917°E / 27.70389; 68.40917
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو رتوديرو تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 20,647


يو سي 9 بھمڻ (انگريزي: U C 9 Behman) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا رتوديرو تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي رتوديرو تعلقي جي يو سي 9 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 20,647 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ بھمڻ ھڪ ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ڀٽا، ابڙا، جيھا، راھوجا، ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ فتح محمد ڀٽو، ڳوٺ اولھندو جيھو، ڳوٺ بھمڻ، ڳوٺ راھوجا، ڳوٺ فيض محمد جيھو، ڀونڀٽ پور، ديھ بھمڻ (آبادي 1,767), ديھ ڀٽا (آبادي 5,155), ديھ داران پور (آبادي 1,716)، ديھ نظر ڏيٿو (آبادي 1,189)، ديھ راھوجا (آبادي 326) ديھ سالار جانوري (آبادي 2848), ديھ شادي ابڙو (آبادي 7,466) ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين نذير احمد راھوجو ۽ وائيس چيئرمين محمد علي ابڙو چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ ڀونڀٽ پور جو ڪامران ابڙو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو.

تعليم ۽ صحت جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/