دڙا (يو سي)
دڙا يو سي 38 دڙا | |
|---|---|
| ڏوڪري تعلقي جي يو سي 2 | |
| Coordinates: 27°20′10″N 68°02′23″E / 27.33611°N 68.03972°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | لاڙڪاڻو ضلعو |
| تعلقو | ڏوڪري تعلقو |
| آبادي (2017) | |
| • ڪل | 15,539 |
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر |
| وقتي علائقو | UTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت ) |
يو سي 38 دڙا (انگريزي: U C 38 Dara) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا ڏوڪري تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي ڏوڪري جي يو سي 2 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 15,539 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ جوڻيجا، مسڻ، ساريا، ابڙا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ نئون ڳوٺ، دڙا، ڳوٺ پيارو مسڻ، ڳوٺ گنڊ، ديھ باڊھ ۽ ٻيا شامل آهن. ھن يو سي جو مسڻ ڳوٺن وارو حصو باڊھ شھر ۾ سند شامل آھي باقي ڳوٺ دڙا ۽ ڳوٺ گنڊ باڊھ شھر کان اتر پاسي اڌ فرلانگ تي واقع آھن.
ڪائونسل
[سنواريو]يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين بشير احمد جوڻيجو ۽ وائيس چيئرمين برڪت علي مسڻ چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ گنڊ جو امداد علي ساريو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو
تعليم ۽ صحت جون سهولتون
[سنواريو]ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.
ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم
[سنواريو]ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون
[سنواريو]ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل نسخو مان 2020-08-12 تي محفوظ ڪيل, 2020-05-10 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد)