مواد ڏانھن هلو

ضلعو لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻو
ضلعو لاڙڪاڻو
َضلعو
ڳڙھي خدابخش ۾ ڀٽو خاندان جو مقبرو
ڳڙھي خدابخش ۾ ڀٽو خاندان جو مقبرو
لاڙڪاڻو ضلعو ۽ ان جا تعلقا
لاڙڪاڻو ضلعو ۽ ان جا تعلقا
لاڙڪاڻو is located in Pakistan
لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻو is located in سنڌ
لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻو
سنڌ ۾ مقام
متناسقات: 27°32′11″N 68°12′37″E / 27.53639°N 68.21028°E / 27.53639; 68.21028
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ڊويزن لاڙڪاڻو ڊويزن
ضلعي جو قيام پھرين آگسٽ 1901ع
صدر مقام لاڙڪاڻو
پکيڙ
  ڪل 1,906 ڪ.م2 (736 ميل2)
آبادي (2017)[1]
  ڪل 1,524,391

ضلعو لاڙڪاڻو(انگريزي: Larkana District ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جو هڪ ضلعو آهي۔ جيڪو اتر اولھ سنڌ ۾ واقع آهي. ان جون حدون اتر ۾ شڪارپور ۽ جيڪب آباد ، اولھ ۾ قمبر شھدادڪوٽ، ڏکڻ ۾ دادو ۽ اوڀر ۾ سنڌونديءَ سان جنھن جي پار خيرپور ميرس ۽ نوشھروفيروز ضلعا واقع آھن.

تاريخ

[سنواريو]

1843ع م جڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي سرڪار سنڌ تي قبضو ڪيو تہ ان وقت خيرپور ميرس الڳ رياست ھئي ۽ باقي سنڌ کي ڪمپني سرڪار ٽن ضلعن م ورھايو جن م ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور شامل ھئا. موجوده لاڙڪاڻو ضلعو ، قمبر شھدادڪوٽ ضلعو، جيڪب آباد ضلعو، ڪشمور ضلعو، سکر ضلعو، دادو ضلعي جو اتريون ميھڙ ۽ ڪي اين شاھ وارو حصو شڪارپور ضلعي جا حصا ھيا. لاڙڪاڻي ضلعي کي برٽش انڊيا سرڪار پھرين آگسٽ 1901ع ۾ قائم ڪيو ھيو ان وقت قمبر شھدادڪوٽ ضلعو پڻ ان ۾ شامل ھيو. پر ڊسمبر 2004 ۾ ارباب رحيم واري سنڌ سرڪار ان کي ٽوڙي ان مان قمبر شھدادڪوٽ ضلعو قائم ڪيو ويو جنھن سان ان کي پکيڙ گھٽجي وئي ۽ ان جو اڌ کان مٿي حصو نئين ضلعي ۾ شامل ٿي ويو. پراڻن لاڙڪاڻو، ڏوڪري ۽ رتوديرو تي مشتمل ھن باقي ضلعي ۾ ڏوڪري مان نئون تعلقو باقراڻي ٺاھي ان کي چئن تعلقن تي برقرار رکيو ويو.

جھڪر جو دڙو

لاڙڪاڻو ضلعو سنه 1901ع ۾ ٺهيو. ان وقت ضلعي جو پهريون ڊپٽي ڪليڪٽر مسٽر ٽوپر 'Toper' هو. ميونسپالٽيءَ جو ضلعي جي حيثيت سان پهريون صدر مقرر ٿيو. لاڙڪاڻي ضلعي لوڪلبورڊ جو پهريون چونڊيل صدر سر شاهنواز ڀٽو سال 1921ع کان 1933ع تائين لاڳيتو رهيو، جنهن پنهنجي دور ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ سٺا ڪم سرانجام ڏنا. اهڙي ئي لحاظ کان خانبهادر ڪريم بخش خان کهاوڙ لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو چيئرمين، صدر ۽ نائب صدر پڻ ٿيو. جڏهن سال 1938ع جي آڪٽوبر جي 18 تاريخ تي قائداعظم محمد علي جناح لاڙڪاڻي ۾ آيو ته ان وقت نبي بخش خان ڀٽو (ايم.ايل.اي) صدر ۽ ڪريم بخش خان کهاوڙ نائب صدر هو.[2] خانبهادر سرائي ڪريم بخش خان کهاوڙ کانپوءِ سندس پٽ سرائي قربان علي خان کهاوڙ سياست ۾ حصو وٺندو رهيو. مسلم ليگ جو سرگرم ڪارڪن هو. ضلعي لاڙڪاڻه لوڪلبورڊ جو پهريون صدر سر شاهنواز خان ڀٽو ٿيو. هن کان پوءِ خانبهادر علي حسن خان هڪڙو (آفيشئيٽنگ)، خانبهادر ڪريم بخش خان کهاوڙ، نواب نبي بخش خان ڀٽو، فضل الله قاضي، قربان علي خان کهاوڙ (گاجي کهاوڙ 27- 01-1953ع کان 28-8- 1953ع تائين، (آفشئيٽنگ)، خانصاحب فقير محمد انڙ ۽ علي گوهر کهڙو صدر هئا.[2]

جاگرافي

[سنواريو]

لاڙڪاڻو ضلعو پاڪستان جي لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ اتر سنڌ ۾ واقع ميداني علائقي ۾ آهي. ان جي اوڀر ۾ سنڌوندي وھي ٿي جيڪا ان جي اوڀر واري ضلعي حد آھي. ضلعي جي پکيڙ 1906 چورس ڪلوميٽر آهي[3]. ھتان جي موسم سياري ۾ خشڪ ۽ سرد ۽ اونھاري ۾ تمام گرم ۽ خشڪ رھي ٿي. اونھاري ۾ ھتي سانوڻ يا مون سون جون تيز برساتون وسنديون آهن. ھن ضلعي ۾ جبل ڪانہ آھن.

معيشت

[سنواريو]

زراعت

[سنواريو]

ضلعي مان سکر بيراج کان نڪرندڙ رائس ڪئنال وھي ٿو جيڪو ھتان جي زمينن کي چانورن جي پوک لاء پاڻي مھيا ڪري ٿو. اتر، اولھ ۽ ڏکڻ طرف شڪارپور، قمبر شھدادڪوٽ ۽ دادو واقع آھن. اتر اولھ جي ڪنڊ جيڪب آباد سان پڻ ملي ٿي. ڪلھوڙن جي دؤر کان سکر بئراج ٺھڻ تائين ھتي گھاڙ واھ وھندو ھيو جنھن ۾ ٻيڙين ذريعي واپار پڻ ٿيندو ھيو پر پوء سکر بيراج جي آبپاشي واري نظام اچڻ سان رائس ڪئنال پاڻي جو وڏو ذريعو بڻجي ويو.

لاڙڪاڻي جا امرود ۽ ٻير پوري سنڌ ۾ مشھور آھن. سنڌوندي جي ساڄي ڪپ تي واقع لاڙڪاڻي جي ھزارين ايڪڙ زمين تي امرود ڪثرت سان ٿئي ٿو.ان علائقن ۾ دودائي، ماھوٽا، نئون ديرو، چوھڙپور، ميتلا، آگاڻي، عزت جي وانڍ، ڦلپوٽا وغيره شامل آهن[4][5].

صنعت

[سنواريو]

ھن ضلعي م نئون ديرو لڳ نئون ديرو شگر مل واقع آهي جيڪو ھڪ سرڪاري پراجيڪٽ ھيو. ان جو افتتاح اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو 30 جنوري 1974ع ۾ ڪيو[6]. جيڪا بعد ۾ نجي شعبي ۾ تبديل ڪئي وئي.

تعليم

[سنواريو]
ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو، ڏوڪري جو نسبتي نشان

سنڌ حڪومت جي ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ جي ھڪ رپورٽ[7] مطابق 2015 ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 1048 پرائمري اسڪول، 65 مڊل اسڪول، 7 ايليمينٽري اسڪول، 56 سيڪنڊري اسڪول ۽ 14 ھائر سيڪنڊري ڪاليجون آھن. انھن 1190 تعليمي ادارن ۾ 2,21,444 شاگرد ( جن ۾ 1,30,025 ڇوڪرا ۽ 91,419 ڇوڪريون شامل ھيون ) داخل ھيا[7] جن جو تفصيل درجن مطابق ھيٺين طرح ھيو:

'لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 2014-2015 ۾ داخل شاگرد
ڪلاس تعليم تعداد[7]
ڪچي داخلاپرائمري کان اول22,719
پھرين جماعتپرائمري32,195
ٻين جماعتپرائمري28,382
ٽين جماعتپرائمري26,491
چوٿين جماعتپرائمري24,395
پنجين جماعتپرائمري22,666
ڇھين جماعتمڊل12,609
ستين جماعتمڊل13,464
اٺين جماعتمڊل13,222
نائين جماعتسيڪنڊري12,137
ڏھين جماعتسيڪنڊري9,767
يارھين جماعتھائر سيڪنڊري1,728
ٻارھين جماعتھائر سيڪنڊري1,669

2015 ۾ انھن 1190 تعليمي ادارن م استادن جو تعداد 6,598 ھيو جن ۾ 4,806 استاد ھيا ۽ 1792 استادياڻيون ھيون[7]. سمورن داخل ٿيل شاگردن ۽ پڙھائيندڙ استادن جي ڀيٽ جي شرح مطابق ھر 34 شاگردن لاء ھڪ استاد آھئا[7]. انھن 1190 اسڪولن مان 135 شھري علائقن م 1055 ٻھراڙيءَ ۾ واقع ھئا جن مان 17 بند ھيا [7]. انھن اسڪولن مان بجلي جي سھولت صرف 884 ، پيئڻ جي پاڻي جي سھولت رڳو 965، پائخاني جي سھولت رڳو 919 اسڪولن ۾ ھئي[7]. 492 اسڪولن جي عمارتن جي حالت خراب ھئي ۽ 174 اسڪولن جون عمارتون خطرناڪ حالت م ھيون[7].

لاڙڪاڻي جا تعليمي ۽ تربيتي ادارا

[سنواريو]

لاڙڪاڻي ۾ مھارت واري تعليم ۾ سڀ کان وڏو ادارو شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي آھي جيڪا شروع ۾ اھا چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج سڏبي ھئي. ان کان علاوه لاڙڪاڻي شھر م قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جو ڪيمپس، شاھ عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور جو ڪيمپس، ڏوڪري ۾ واقع ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو، زرعي ڪاليج ڏوڪري، پوليٽيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو، پوليس ٽريننگ اسڪول، ٽيچرز ٽريننگ ڪاليج، نرسنگ اسڪول، وومينز ٽيچنگ اينڊ ٽريننگ اسڪول، پيراميڊيڪ اسڪول لاڙڪاڻو، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو، گورنمينٽ پائليٽ ڪاليج لاڙڪاڻو، گورنمينٽ ميونسپل ڪاليج لاڙڪاڻو، گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو، زيبسٽ لاڙڪاڻو شامل آهن[8]. لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري امتحان وٺندڙ بورڊ لاڙڪاڻي شھر ۾ آھي جنھن جو نالو بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن آھي. ان کان سواءِ ھتي ھڪ پبلڪ اسڪول پڻ آھي جيڪو لاڙڪاڻي ۾ آھي.

لاڙڪاڻي جي وڏين اسپتالن ۾ شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ٽيچنگ ھاسپيٽل، سول اسپتال لاڙڪاڻو، چانڊڪا اکين جي اسپتال، اين آء سي وي ڊي سيٽلائيٽ سينٽر لاڙڪاڻو، ايس آي يو ٽي لاڙڪاڻو سينٽر، شيخ زيد عورتن جي اسپتال، شيخ زيد ٻارن جي اسپتال ۽ ٻيون اسپتالون شامل آهن. 2016 ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ميڊيڪل يونيورسٽي واري ٽيچنگ اسپتال ۽ سول اسپتال ٻنھي ۾ مريضن لاء بسترن جو تعداد 1250 ھيا[9]. ضلعي جي سمورين 32 سرڪاري ۽ نجي اسپتالن م بسترن جو تعداد 3,367 ھيو[9]. 2016 ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڊسپينسرين جو تعداد 229 ھيو جن مان 29 سرڪاري، 7 نيم سرڪاري، 17 مڪاني حڪومتن جون ۽ 176 پرائيويٽ ھيون. ان کان سواءِ 28 بيسڪ هيلٿ سينٽر ۽ 5 رورل ھيلٿ سينٽر ھيا[9]. 2016 جي شماريات مطابق لاڙڪاڻي ضلعي م 1921 ماڻھن لاء ھڪ ڊاڪٽر[10]، 10,036 ماڻھن لاء ھڪ نرس ۽ 486 ماڻھن لاء اسپتال جو ھڪ بستري جو بندوبست ھيو[9].

ثقافت

[سنواريو]

ھن ضلعي جي ثقافت سنڌي آھي.

آبادي

[سنواريو]

لاڙڪاڻو ضلعو ڊسمبر 2004 کان اڳ پکيڙ ۾ وڏو ضلعو ھيو ۽ ان جا ست تعلقا ھيا جن مان شھدادڪوٽ، قمبر، ميروخان ۽ وارھ تعلقا الڳ ٿي ويا ۽ پراڻي ضلعي مان صرف ٽي تعلقا رتوديرو، ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻو برقرار رھيا. انھن ٽن تعلقن جي گڏيل آبادي 1972 ۾ 4,60,735 ھئي، جيڪا 1981 ۾ 5,72,006 ٿي وئي[3]. 1998 جي آدمشماري ۾ وڌي 10,01,608 ٿي وئي[3]. 2017 جي آدمشماري م لاڙڪاڻي ضلعي جي آبادي 15,24,391 تائين ٿي وئي[3]. پکيڙ ۽ آبادي جي تناسب مطابق ھن ضلعي م 799.9 ماڻھو في چورس ڪلوميٽر ۾ رھن ٿا[3]. 2017 جي آدمشماري مطابق ضلعي ۾ مردن جو تعداد 7,78,249 ھو ۽ عورتن جو تعداد 7,46,093 ھيو، ۽ آبادي م 49 کدڙا ھيا[3]. آبادي جي %46 (701637 ماڻھو) شھرن ۾ رھندڙ ھيا ۽ %54 (8,22,754 ماڻھو) ٻھراڙيءَ ۾ رهندڙ ھيا[3].

سياسي ورھاست

[سنواريو]

ھن ضلعي ۾ سنڌ اسيمبليءَ جا چار تڪ اچن ٿا جن ۾ پي ايس 10 لاڙڪاڻو 1، پي ايس 11 لاڙڪاڻو 2، پي ايس 12 لاڙڪاڻو 3 ۽ پي ايس 13 لاڙڪاڻو 4 شامل آهن. جڏھن ته قومي اسيمبليءَ جا ٻہ تڪ اٿس جن ۾ اين اي 200 لاڙڪاڻو 1 (پراڻو نالو: اين اي 204 لاڙڪاڻو 1 ) ۽ اين اي 201 لاڙڪاڻو 2 (اين اي 205 لاڙڪاڻو 2) شامل آهن.

پي ايس 10 (لاڙڪاڻو 1)

[سنواريو]

ھي رتوديرو شھر وارو تڪ آھي. ھن تڪ جو پراڻو نالو پي ايس 37 لاڙڪاڻو 3 ھيو. ھن تڪ ۾ رتوديرو تعلقو، لاڙڪاڻي تعلقي جي سرڪل عاقل شامل آهن[11]. 2013 جي عام چونڊن ۾ ھن تڪ مان پيپلزپارٽي جو محمد علي خان ڀٽو 39,128 ووٽ کڻي کٽي آيو ۽ سندس مقابلو ڪندڙ اميدوار پاڪستان مسلم ليگ نواز جي امير بخش ڀٽو 34,919 ووٽ کنيا[11].[12] 25 جولاء 2018 واري عام چونڊ چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي فريال ٽالپر ھن تڪ مان 53,627 ووٽ[13] کڻي چونڊ کٽي آئي جيڪا مير منور ٽالپر جي زال ۽ حاڪم علي زرداري جي نياڻي آهي[14]. ھارايل مقابلو ڪندڙ اميدوار تحريڪ انصاف جو امير بخش ڀٽو ھيو جنھن 37,665 ووٽ کنيا[13].

پي ايس 11 (لاڙڪاڻو 2)

[سنواريو]

ھي لاڙڪاڻي شھر وارو تڪ آھي. جنھن جو پراڻو نالو پي ايس 36 لاڙڪاڻو 2 ھيو. ھن تڪ ۾ لاڙڪاڻي شھر جي ميونسيپل ڪارپوريشن وارو علائقو ( جنھن ۾ چارج نمبر 10 چارج نمبر 11 ، لاڙڪاڻي سرڪل ۽ تعلقي واري سرڪل شامل ناھي). 2013 جي عام چونڊن ۾ ھن تڪ مان پيپلزپارٽي جو نثار احمد کهڙو 21,143 ووٽ کڻي چونڊ کٽي آيو، سندس مقابلو ڪندڙ مسلم ليگ فنڪشنل جي اميدوار نذير احمد شيخ 14،412 ووٽ کنيا[11][12].25 جولاء 2018 واري عام چونڊ چونڊن ۾ جي ڊي اي جو معظم عباسي ھن تڪ مان 32,178 ووٽ[13] کڻي چونڊ کٽي آيو[14] ۽ سندس مقابلو ڪندڙ پيپلزپارٽي جي اميدوار ندا کھڙو 21,811 ووٽ کنيا[13] ندا کھڙو نثار کھڙو جي نياڻي آهي.

پي ايس 12 (لاڙڪاڻو 3)

[سنواريو]

ھن تڪ جو پراڻو نالو پي ايس 35 لاڙڪاڻو ھيو. ھن تڪ ۾ لاڙڪاڻي تعلقي جي ڪنگا سرڪل، ٻيڙو چانڊيو سرڪل، لاڙڪاڻو سرڪل (جنھن ۾ لاڙڪاڻو ميونسيپل ڪارپوريشن شامل ناهي پر رڳو چارج 10 ۽ 11 وارا علائقا شامل) ۽ باقراڻي تعلقي جي رڳو آباد سرڪل شامل آھن. 2013 جي عام چونڊن ۾ ھن تڪ مان پيپلزپارٽي جو الطاف حسين انڙ 23,624 ووٽ کڻي کٽي آيو سندس مقابلو ڪندڙ آزاد اميدوار سھيل انور سيال ھيو جنھن 21,180 ووٽ کنيا ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي نويد احمد ابڙو 217 ووٽ کنيا[11][12].25 جولاء 2018 واري عام چونڊ چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو ھن تڪ مان سھيل انور 48,997 ووٽ[13] کڻي چونڊ کٽي آيو[14] ۽ سندس مقابلو ڪندڙ جي ڊي اي جي سيد اڪبر حسين راشدي 22,626 ووٽ کنيا. تحريڪ انصاف جي سلمه پروين 1849 ووٽ کنيا[13].

پي ايس 13 (لاڙڪاڻو 4)

[سنواريو]

ھي تڪ ڏوڪري تعلقي ۽ آباد سرڪل کانسواءِ باقراڻي تعلقي تي مشتمل آھي[11]. ھن تڪ جو پراڻو نالو پي ايس 41 لاڙڪاڻو-قمبر شھدادڪوٽ 2 (اولڊ لاڙڪاڻو 7) آھي. 2013 جي عام چونڊن ۾ ھن تڪ مان پيپلزپارٽي جو اعجاز احمد جتوئي 19,663 ووٽ کڻي چونڊ کٽي آيو ۽ سندس مقابلو ڪندڙ عادل الطاف انڙ 7909 ووٽ کنيا[11] [12].25 جولاء 2018 واري عام چونڊ چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو حزب الله ٻگهيو 46,101 ووٽ کڻي ھن تڪ مان چونڊ کٽي آيو جيڪو سردار واحد بخش ٻگھيو جو پٽ آھي ۽ 1956ع ۾ لاڙڪاڻي شھر ۾ پيدا ٿيو. سندس اباڻو ڳوٺ نئون گڏ تعلقي باقراڻي ۾ واقع آهي [14].سندس مقابلو ڪندڙ جي ڊي اي جي عادل الطاف انڙ 44,197 ووٽ کنيا. تحريڪ انصاف جي شفقت حسين انڙ 6,697 ووٽ کنيا[13].

اين اي 200 (لاڙڪاڻو 1)

[سنواريو]

ھي تڪ جو پراڻو نالو اين اي 204 لاڙڪاڻو 1 ھيو. ھي تڪ رتوديرو تعلقو، لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جو علائقو سواء چارج نمبر 10 ۽ 11 جي ، عاقل سرڪل، لاڙڪاڻو تپو شامل آهن[11]. جنھن مان 2013 جي عام چونڊن م پيپلزپارٽي جو محمد اياز سومرو 50,118 ووٽ کڻي چونڊ کٽي آيو سندس مقابلو ڪندڙ آزاد اميدوار معظم علي خان 28,744 ووٽ کنيا[11]. ان تڪ ۾ لاڙڪاڻي تعلقو ، رتوديرو تعلقو ۽ ميروخان تعلقي جا ڪجهه حصا شامل ھيا. ھاڻي ان م تعلقو لاڙڪاڻو ۽ تعلقو رتوديرو شامل آهن. 25 جولاءِ 2018 تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ھن تڪ مان پاڪستان پيپلز پارٽي جو بلاول ڀٽو زرداري 84,426 ووٽ کڻي چونڊ کٽي آيو. ان سان مقابلو ڪندڙ ھارائيندڙ جي ڊي اي جو اميدوار راشد محمود سومرو ھيو جنهن 50,200 ووٽ کنيا ۽ ان کان پوءِ ٽئين نمبر تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حليمه ڀٽو 8,661 ووٽ کنيا[11][15][12].

اين اي 201 (لاڙڪاڻو 2)

[سنواريو]

ھي تڪ جو پراڻو نالو اين اي 205 لاڙڪاڻو 2 ھيو. ھن تڪ ۾ ڏوڪري تعلقو ، باقراڻي تعلقو، لاڙڪاڻي تعلقي جي ڪنگا سرڪل، ٻيڙو چانڊيو سرڪل، لاڙڪاڻي تپي ۽ لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن کانسواءِ لاڙڪاڻو سرڪل ۽ چارج 10 ۽ 11 شامل آهن. جنھن مان 2013 جي عام چونڊن م پيپلزپارٽي جو اميدوار نذير احمد ٻگھيو 65,720 ووٽ کڻي چونڊ کٽي آيو ھو. ۽ مقابلي ۾ آزاد اميدوار صفدر عباسي 23,561 ووٽ کنيا[11]. 25 جولاءِ 2018 تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ھن تڪ مان پاڪستان پيپلز پارٽي جو خورشيد احمد جوڻيجو 97,051 ووٽ کڻي چونڊ کٽي آيو. ان سان مقابلو ڪندڙ ھارائيندڙ جي ڊي اي جو اميدوار الله بخش انڙ ھيو جنهن 69,111 ووٽ کنيا ۽ ٽئين نمبر تي تحريڪ انصاف جي قرئت العين 10,305 ووٽ کنيا[15][12].

انتظامي ورھاست

[سنواريو]

تعلقن ۾ ورھاست

[سنواريو]

ھن ضلعي جي ورھاست ھيٺين چئن تعلقن ۾ ٿيل آهي:

يونين ڪائونسلون/ڪاميٽيون

[سنواريو]

لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2005 تحت ناظمن وارو نظام ڏنو ويو هو جنھن م پوري ملڪ م شھرن توڙي ٻھراڙين لاء يونين ڪاؤنسلون قائم ڪيون ويون ھيون . پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌ م 2005 وارو قانون ختم ڪري لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013 تحت 2005 کان اڳ وارو نظام بحال ڪيو جنھن تحت يونين ڪاؤنسلون صرف ٻھراڙين لاء مخصوص ڪيل ھيون ۽ شھرن واري ميونسپل علائقن ۾ يونين ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون ھيون. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ٻھراڙيءَ جون 47[16] يونين ڪاؤنسلون ۽ شھر جون 20[16] يونين ڪاميٽيون شامل آهن جن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا.

يونين ڪائونسلون

  1. يو سي 1 ٻوسڻ
  2. يو سي 2 جمعو اگھم
  3. يو سي 3 لاشاري
  4. يو سي 4 طيب
  5. يو سي 5 بنگل ديرو
  6. يو سي 6 سعدو ديرو
  7. يو سي 7 ڳڙهي خدا بخش
  8. يو سي 8 عزت جي وانڍ
  9. يو سي 9 بھمڻ
  10. يو سي 10 پير بخش ڀٽو
  11. يو سي 11 ڪوھري ( ڀانڊو قبو)
  12. يو سي 12 وارث ڏنو ماڇي
  13. يو سي 13 ڪوٺي
  14. يو سي 14 لنڊ
  15. يو سي 15 ٻيڙو چانڊيو
  16. يو سي 16 رتو ڪوٽ
  17. يو سي 17 رشيد وڳڻ
  18. يو سي 18 مٺو ديرو
  19. يو سي 19 ڦل
  20. يو سي 20 عاقل
  21. يو سي 21 آگاڻي
  22. يو سي 22 ماھوٽا
  23. يو سي 23 فتح پور (ڪنگا)
  24. يو سي 24 ڌامراھ
  25. يو سي 25 وڪيه سانگي
  26. يو سي 26 بقاپور (نائچ)
  27. يو سي 27 مشوري شريف (ھٽي)
  28. يو سي 28 پٺاڻ
  29. يو سي 29 قادر بخش ڪولي
  30. يو سي 30 مھراب پور
  31. يو سي 31 بخش جتوئي (احسان واھڻ)
  32. يو سي 32 گڏ
  33. يو سي 33 مڏ باھو
  34. يو سي 34 فريد آباد
  35. يو سي 35 پراڻو آباد
  36. يو سي 36 مھر وڏا (دنداڻو)
  37. يو سي 37 ڳجھڙ
  38. يو سي 38 دڙا
  39. يو سي 39 وڏي واھڻي
  40. يو سي 40 ٽاٽڙي
  41. يو سي 41 سيھڙ
  42. يو سي 42 سامٽيا
  43. يو سي 43 يارو لاکير
  44. يو سي 44 ڪاراڻي
  45. يو سي 45 گاجي ديرو
  46. يو سي 46 موئن جو دڙو (بگي)
  47. يو سي 47 وڪڙو

يونين ڪاميٽيون

  1. يو سي 1 واپڊا ڪالوني
  2. يو سي 2 شيخ زيد ڪالوني
  3. يو سي 3 شھباز ڪالوني
  4. يو سي 4 نذر محلا
  5. يو سي 5 رحمتپور محلا
  6. يو سي 6 ڀينس ڪالوني
  7. يو سي 7 ممتاز ڪالوني
  8. يو سي 8 لاھوري محلا
  9. يو سي 9 پيپلز ڪالوني
  10. يو سي 10 لوھر ڪالوني
  11. يو سي 11 صديقي ڪالوني
  12. يو سي 12 شاھ بھارو ڪالوني (نيو سبزي منڊي)
  13. يو سي 13 شيوا منڊي
  14. يو سي 14 جلال شاھ محلا (فش مارڪيٽ)
  15. يو سي 15 علي گوھر آباد لاڙڪاڻو
  16. يو سي 16 محلا مراد واھڻ (بيت المال ڪالوني)
  17. يو سي 17 دڙي محلا لاڙڪاڻو
  18. يو سي 18 محلا الله آباد (محلا خدا آباد)
  19. يو سي 19 محلا محمد پور ( ڪرم آباد لاڙڪاڻو)
  20. يو سي 20 محلا محمد پور (خالق ڪالوني)

ديھون

[سنواريو]

لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 187 ديھون واقع آهن جن مان لاڙڪاڻي تعلقي ۾ 54 ، رتوديرو تعلقي ۾ 61 ، ڏوڪري تعلقي ۾ 31 ۽ باقراڻي تعلقي ۾ 41 ديھون واقع آهن.

لاڙڪاڻي ضلعي جون ديھون[17]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1آگاڻي2احمد پٺاڻ3عاقل4باگو وگھامل
5بئد سانگي6ٻيڙو چانڊيو7بِنڊي8بگٽي بلوچ
9چاڪر علي10چوھڙپور11ڇٽو مھيسر12دڙا گاد
13ڌامراھ14دودائي15فتح پور (لاڙڪاڻو)16فاتي بلوال
17گھانگھرو18الياس (لاڙڪاڻو)19جماراڻي20جيئند جتوئي
21ڪنگا22ڪاٺڙ23ڪاٺورو بڊو24خالد (لاڙڪاڻو)
25کيدڪار26ڪوٺي (لاڙڪاڻو)27لھڻو سامٽيو28لاھوري
29لنگھ30لاڙڪاڻو31لونگائي32لنڊ (لاڙڪاڻو)
33مسو حب34مٺوديرو35مياڻي نھال36موريو کھڙو
37ننگر سانگي38نصرالله (لاڙڪاڻو)39نئون آباد40نظر ٿرڙي
41ننديرو42ڦل (لاڙڪاڻو)43رشيد وڳڻ44رتوڪوٽ
45رتوڪوٽ ريئتي46سچيڏنو ڪلھوڙو47سنھڙي48سومار سانگي
49سلطان ابڙو50طالباڻي51وليدَ52وڪيا سانگي
53واھ نبي بخش54ذڪريو مھيسر55آباد56امروٽ
57بقاپور58بيھليم59ٻيلھڙي60ڀٽا ڪلھوڙا
61دنداڻو62دڙو دودائڪو63دريا خان64ڍنڍڙا
65فريد آباد66گنجو67ڳيريلو68گڏ
69حسن واھڻ70جتوئي ڇڇڙ71ڪانيا72ڪنڙي
73ڪارڙا74ڪوٽ چانڊڪو75مڏ باھو76مھر وڏا
77مٽو78مھراب پور79مير خان ابڙو80نصيرآباد جاگير
81نصيرآباد ريئتي82نورپور83پنجو کوکر84صالحاڻي
85شاھبيگ86شاھنواز87شيخ فوجو88سمڻو
89سونھري جاگير90سونھري ريئتي91ٽرڳڙ92ٺلھا
93ياڪو سنديلو94آريجا95باقراڻي96زنگيجا
97ڦلپوٽا98عاقل ھڪڙو99بنگل ديرو100ڀھمڻ
101ڀانڊو رتو102ڀٽا103ٻوسڻ104ڇڄڙا
105ڇانگو راھوجو106داران پور107دودا خان ڀٽو108دوسو دار
109ڊرڀي110فتح پور111ڳچل112غلام حسين ھڪڙو
113جمعو اگھم114ڪلر سرڪاري115خيرو ديرو116خانواھ
117خدا بخش ڀٽو118ڪوڏراڻي119ڪوھري120ڪٻڙو
121محمد خان جلباڻي122ممو جاگير123ممو ريئتي124مسو ديرو
125ميوو گھانگھرو126مياڻي نور ملاح جاگير127مياڻي نور ملاح ريئتي128موريا فقير
129ملان ڪلھوڙا130نئون ديرو ديھ 1131نئون ديرو ديھ 2132نظر ڏيٿو
133نظر گھانگھرو134نورپور135پنجو ابڙو 136پنجو ڪنارو
137پنجو لورڙ138ہاٽڙو139پاورو140پير بخش ڀٽو
141راھوجا142راجو ديرو143سعيدو ديرو144سالار جانوري
145سنجر ابڙو146سرھو گھانگھرو147شادي ابڙو148شادي اگھم
149شريف پور150طيب151انڙ152وليداد ويسر
153وارث ڏنو ماڇي154وسند جيھو155وسايو ڀٽو156يارو پتافي
157ابڙيپوٽا158ٻٻري159باڊھ160بگي
161ڀنگيا ڪلھوڙا162ٻيلي گاجي163ٻڍو ديرو164چاڪرو
165داٻلي ويچوب166ڏوڪري167فتح پور168گاجي ديرو
169گھانگھريڪو170گجر171جادم ڪلھوڙو172قبولي
173ڪاراڻي174خچرپور175خيرواھ176خيرو جھتيال
177کوھ نورنگ178لاتڙي179مرزائي180نري لاشاري
181سامٽيا182سيھڙ183سئي184تڳير
185ويھڙ186وڪڙو187يارو لاکير

سياحت

[سنواريو]
سياحن لاءِ سمبارا ان ھوٽل

ھي ضلعو موئن جي دڙي جي ڪري بين الاقوامي سياحتي مرڪز آهي. موئن جي دڙي جي پنج ھزار سال پراڻي تھذيب جا قديم آثار ڏوڪري جي ڀرسان واقع آھن جتي ھڪ ميوزيم ۽ ايئرپورٽ پڻ واقع آھن. موئن جو دڙو يونيسڪو طرفان ورلڊ ھيريٽيج يا عالمي ورثو قرار ڏنل آهي. ھتي پاڪستان جي ٻن سابق وزير اعظمن ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جو مقبرو پڻ سياحتي مرڪز آهي.

آبپاشي ۽ آبي ذخيرا

[سنواريو]


عدالتي نظام

[سنواريو]

ضلعي ۾ لاڙڪاڻي شھر ۾ سنڌ ھاء ڪورٽ جي سرڪٽ ڪورٽ ڪم ڪري پئي جنهن م ھاء ڪورٽ جا 3 جج ٽن مھينن لاء ويھندا آھن ۽ سال م چار دفعا تبديل ٿيندا آهن. ان سرڪٽ ڪورٽ جي اختيار وارن علائقن م لاڙڪاڻو، شڪارپور، جيڪب آباد ضلعا ۽ ميھڙ سب ڊويزن جا علائقا اچي وڃن ٿا. اھڙي طرح لاڙڪاڻي ضلعي جا ھاء ڪورٽ وارا ڪيس لاڙڪاڻي واري رجسٽري ۾ داخل ٿيندا آهن. ضلعي عدالتن جي نظام ۾ ھتي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت لاڙڪاڻي شھر ۾ واقع آهي جنھن سان گڏ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن جون 8 عدالتون قائم آھن، جن مان ھڪ عدالت رتوديرو شھر ۾ ڪم ڪري ٿي. اھي عدالتون ساڳي وقت ننڍين عدالتن جو اپيلون پڻ ٻڌنديون آھن. ضلعي م سينئر سول ججن جون پنج عدالتون ڪم ڪن ٿيون جن مان 4 لاڙڪاڻي شھر ۾ ۽ ھڪ رتوديرو ۾ ڪم ڪري ٿي. ضلعي ۾ سول جج ۽ جوڊيشل ماجسٽريٽ جون 9 عدالتون آهن جن مان 6 لاڙڪاڻي شھر ۾ ، 2 رتوديرو ۽ 1 ڏوڪري ۾ ڪم ڪن ٿيون. ضلعي ۾ لاڙڪاڻي شھر ۾ ھڪ ڪنزيومر ڪورٽ، ھڪ بينڪنگ ڪورٽ، ھڪ ليبر ڪورٽ ، ھڪ ايٽي ٽيررزم ايڪٽ ڪورٽ ، ھڪ اينٽي ٽيررزم ڪورٽ پڻ ڪم ڪن ٿيون. ضلعي اندر وڪيلن جي ھاء ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ضلعي بار ايسوسيئيشن پڻ قائم آهي جيڪا سنڌ بار ڪائونسل جي نگراني ۾ ڪم ڪن ٿيون[18].

مشهور شخصيتون

[سنواريو]

ذوالفقار علي ڀٽو، بینظیر ڀٽو، مرتضیٰ ڀٽو، نثار کهڙو، ایوب کهڙو، ممتاز ڀٽو، سر شاھنواز خان ڀٽو، قاضي فضل الله، حميدہ کھڙو، رئيس جان محمد خان جوڻيجو، بشير خان قريشي، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، اياز قادري، حيدر بخش جتوئي، مولانا جان محمد عباسي، جسٽس محمد افضل سومرو، جسٽس احمد علي شيخ، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي, ميڊم اشرف عباسي، منور عباسيصفدر عباسي, دليپ ھيرو, ڪليم الله لاشاري, سريش ڪيسواڻي, انور کوکر, شاھ سھيل مسعود, عابده پروين, رام پنجواڻي, مھتاب اڪبر راشدي, خالد محمود سومرو, حسين شاھ راشدي, قائم شاھ بخاري, غلام حسين انڙ، الطاف حسين انڙ, اداڪاره سھائي علي ابڙو, ڪرڪيٽر شاھنواز ڏاھاڻي,نثار احمد کھڙو راشد محمود سومرو

حوالا

[سنواريو]
  1. "DISTRICT WISE CENSUS RESULTS CENSUS 2017", www.pbscensus.gov.pk, اصل کان 29 آگسٽ 2017 تي آرڪائيو ٿيل۔ اڻڄاتل پيراميٽر |deadurl= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  2. 1 2 {ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي جو مضمون "گاجي کھاوڙ: تحقيق ۽ تعارف" ، مھراڻ رسالو سال 2018, شمارو ،1 ۽ 2، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  3. 1 2 3 4 5 6 7 https://www.citypopulation.de/php/pakistan-admin.php?adm2id=811-
  4. the Newspaper, "Berries and guava of Larkana", dawn.com, حاصل ڪيل 23 March 2016۔
  5. Web Desk (15 January 2015), "Chilly weather badly affects guava orchid crop", Pakistan Times, اصل کان 8 October 2015 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 23 March 2016۔
  6. "LARKANA SUGAR MILLS (PVT) LTD.", enic.pk, حاصل ڪيل 23 March 2016۔
  7. 1 2 3 4 5 6 7 8 www.rsu-sindh.gov.pk › Lar...PDFlarkana - rsu-sindh.gov.pk-
  8. https://www.apnalarkana.com/education.html-%5Bمئل+ڳنڍڻو%5D
  9. 1 2 3 4 آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 24 آڪٽوبر 2018 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 05 مئي 2020۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  10. (ان ۾ فزيشن ، سرجن، گائينوڪالاجسٽ ۽ ٻين سڀني قسمن جا ڊاڪٽر شامل ھئا)
  11. 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 - https://www.politicpk.com/ps-12-larkana-election-result-2018-sindh-assembly/
  12. 1 2 3 4 5 6 - https://www.politicpk.com/qambar-shahdadkot-district-sindh-assembly-election-results-2013-2008-2002-ps-39-to-ps-42/
  13. 1 2 3 4 5 6 7 https://hamariweb.com/pakistan-election/general/2018/sindh/PS-10/-
  14. 1 2 3 4 - http://www.pas.gov.pk/index.php/members/bydistrict/en/32/111 آرڪائيو ڪيا ويا 2020-05-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  15. 1 2 آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 25 جنوري 2021 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 03 مئي 2020۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  16. 1 2 لاڙڪاڻو، پوليٽيڪو. ڪام
  17. resultsBoard of Revenue, Sindh [مئل ڳنڍڻو]
  18. -https://www.sindhhighcourt.gov.pk/district_courts_sindh.php