سمن جو راڄ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(سنڌي سلطان کان چوريل)
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

مڪانيت: 24°44′46.02″N 67°55′27.61″E / 24.7461167°N 67.9243361°E / 24.7461167; 67.9243361

سما راڄ
The Samma dynasty

1351–1524

جهنڊو

نقشي ۾ سمن جي راڄ جو عروج ڏيکاريل آهي.
گادي جو هنڌ ٺٽو
ٻوليون سنڌيڪڇيگجراتيعربي
مذهب اسلام[1]هندو مت
حڪومت بادشاهت
ڄام ڄام انڙ
ڄام فيروز
تاريخ
 - شروعات 1351
 - خاتمو 1524
رقبو
 - 1500 500,000 مربع ڪلوميٽر (193,051 مربع ميل)
آدمشماري
 - 1500 تخمينو 4,000,000 
     ڪثافت 8 /مربع ڪلوميٽر  (20.7 /مربع ميل)
موجوده ملڪ Flag of Pakistan.svg پاڪستان
Flag of Afghanistan.svg افغانستان
Flag of India.svg ڀارت
Warning: Value specified for "continent" does not comply

سما ننڍو کنڊ جي مسلمان راجپوت گهراڻي سان تعلق رکندڙ سنڌ جا حڪمران ھئا. سمن جي حڪمراني 1351ع کان 1523ع تائين سنڌ، ڪڇ، بلوچستان، پنجاب ۽ سوراشٽر جي ڪجھ علائقن تائين رھي. سندس حڪمراني دوران گادي جو ھنڌ ٺٽو ھو، ارغونن کان شڪست کان پوءِ سندس بادشاھت ختم ٿي.

تاريخ ۽ حڪمران

نالو

سمن جي گھراڻي پنهنجي لاءِ ”ڄام“ جو لقب مقرر ڪيو، جيڪو بادشاهه يا سلطان جي برابر آهي، ڇو ته سندن خيال هو ته هنن جو وڏو جمشيد نالي هڪ ايراني هو، جيڪو هڪ افساني تي ٻڌل لڳي ٿو.[2]

سنڌ جا ڄام
سما راڄ
"سلطنت دهلي جي تاريخ" ليکڪ ايم. ايڇ. سيد
  1. ڄام انڙ (1336-1339)
  2. ڄام جوڻو (1339-1352)
  3. ڄام بابينو (1352-1367)
  4. ڄام تماچي (1367-1379)
  5. ڄام صلاح الدين (1379-1389)
  6. ڄام نظام الدين پھريون (1389-1391)
  7. ڄام علي شير (1391-1398)
  8. ڄام ڪرن (1398)
  9. ڄام فتح خان (1398-1414)
  10. ڄام جوڻو ٻيون (1414-1442)
  11. ڄام مبارڪ (1442)
  12. ڄام سڪندرشاھ ٻيو (1442-1444)
  13. ڄام راءَ ڏنو (1444-1453)
  14. ڄام سنجر (1453-1461)
  15. ڄام نظام الدين سمو (1461-1508)
  16. ڄام فيروز (1508-1527)

سمن جي حڪمراني بابت ماخذ جا ذريعا نظام الدين، ابو ال فضل، فرشتا ۽ مير معصوم آهن، جن پڻ ڪا تفصيلي ڄاڻ ميسر ناهي ڪئي، ۽ جيڪا ڄاڻ ميسر آهي اها تضادن سان ڀريل آهي. ايڇ ايم سيد پاران لکيل دهلي سلطنت جي تاريخ ۾ سما حڪمرانن جو شجرو ڏنل آهي، جيڪو کاٻي پاسي ڏيکاريل آهي.[2]

پسمنظر

سمن کان پھرين سنڌ تي سومرن جي حڪمراني ھئي. سمن 1335ع ڌاري سومرن کان ٺٽو شھر کسي حڪمراني جي شروعات ڪئي، ان کان پوءِ پنھنجي بادشاھت کي بکر ۽ ٻين علائقن تائين وڌايو.

ڄام انڙ

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڄام انڙ فيروزالدين

ڄام انڙ بن بابينو، سنڌ ۾ سمن جي حڪومت جو باني ھيو. ھن جو ذڪر پهريون ڀيرو سيوهڻ واري معرڪي جي حوالي سان ملي ٿو، جڏهن هن سلطنت دهلي جي هڪ نائب کي قتل ڪيو هو. ان بعد سنڌ جي مختلف قبيلن کيس پنهنجو سردار چونڊيو. پر ان کان پوءِ به هن کي سنڌ جي اقتدار والارڻ ۾ سورهن سالن جو عرصو لڳي ويو. هڪ طرف فيروز تغلق سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر نڪتو ۽ ٻئي طرف ڄام انڙ پنهنجي حاڪميت جو اعلان ڪيو. هي واقعو سن 1351ع ۾ ٿي گذريو. ابن بطوطہ مطابق پڻ ڄام انڙ سما راڄ جو پهريون بادشاهه هو، جڏهن هن اتر آفريڪا کان مشهور سفر شروع ڪيو ته 1333ع تي سنڌ پهتو جتي هن دهلي سلطنت خلاف سمن جي سورش کي اکين ڏٺو هو.[2]

ڄام جوڻو

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڄام جوڻو

ڄام انڙ کان پوءِ سندس ڀاءُ ڄام جوڻو گاديءَ تي ويٺو. ڄام انڙ سمن جي حڪومت جو سنڌ ۾ پايو وڌو هو، پر اڃا دهليءَ جي ماتحت هو. ڄام جوڻو عقلمند بادشاه ٿي گذريو آهي. هن گاديءَ تي ويهڻ شرط پنهنجا دوست ۽ عزيز ساريءَ سنڌ جي جدا جدا، ڀاڱن ڏانهن روانا ڪيا، انهي لاءِ ته ساري سنڌ سندس قبض: هيٺ رهي. اهي ٺٽي کان منزلون ڪندا بکر پهتا ۽ بکر جي آس پاس ڪيترائي ڳوٺ پنهنجي ماتحت ڪيائون. بکر جي ترڪن ٻه ٽي جنگيون سمن سان ڪيون، پر سما زور پئجي ويا ۽ ترڪ بکر ڇڏي وڃي اچ نڪتا.

ڄام بابينو

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڄام بابينو صدرالدين

ڄام جوڻو کان پوءِ صدر الدين ڄام بابينو سنڌ جو بادشاه بنيو. ڄام بابينو جي حڪمراني مهل سيوهڻ، بکر ۽ نصرپور ۾ تغلقن جا نائب موجود هئا، سمن جو اثر صرف لاڙ تائين ڏسجي ٿو. ملتان تي عين الملڪ ماهرو جهڙو ذهين ۽ چالاڪ عملدار مقرر ڪيو ويو هو ته جيئن سنڌ متعلق درست اطلاع مهيا ڪندو رهي. فيروز الدين تغلق، ڄامن کي ناڪام بنائڻ لاءِ گجرات ۽ ملتان جي نائبن کي تاڪيد ڪيو ته همير سومري جي هر طرح مدد ڪئي وڃي ۽ کيس هر قيمت تي وري سنڌ جو حاڪم بنايو وڃي.

ڄام تماچي

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڄام تماچي

ڄام بابينو صدرالدين کان پوءِ ڄام تماچيءَ حاڪم بڻيو، سندس حڪومت جو پهريون دور ٻه سال هليو. ڄام تماچي، ڄام فيروز انڙ (اول) جو پٽ هو. دهلي سـلطـنت جي خلاف پاليسين جي ڪري کيس 1370ع ۾ هٽائي، علاؤالدين ڄام جوڻي کي سنڌ جو نئون حاڪم بنايو ويو ۽ ڄام تماچيءَ کي دهلي بدر ڪيو ويو. دهليءَ ۾ سندس ڀاءُ ڄام بابينو اڳ ۾ ئي شاهي نظرداريءَ هيٺ رهيل هو. 1388ع ۾ فيروز تغلق جي موت سان دهلي سلطنت ڪمزور ٿيڻ لڳي. تڏهن ڄام تماچي ۽ ڄام بابينو دهلي ڇڏي سنڌ ڏانهن روانا ٿيا. ڄام بابينو واٽ تي ئي فوت ٿي ويو.

ڄام صلاح الدين

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڄام صلاح الدين

ڄام صلاح الدين پنهنجي پيءُ ڄام تماچيءَ کان پوءِ‏ سنڌ جو تاجدار بنيو. سندس حڪمراني ٻارهن سالن تي پکڙيل آهي. هن زماني ۾ امير تيمور هندستان تي حملو ڪيو. تيمور جي پوٽي مرزا پير محمد ملتان تائين ڦرلٽ ڪئي. مير معصوم موجب سنڌ جو ملڪ، هن تباهيءَ ۽ برباديءَ کان مير ابو الغيث بکريءَ جي سفارش سبب محفوظ رهيو.

ڄام نظام الدين اول

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڄام نظام الدين پھريون

ڄام نظام الدين مختصر مدت لاءِ حڪومت ڪئي. سندس دور ۾ اندروني توڙي ٻاهرين سطح تي ڪوبه خطرو موجود نه هو. ان ڪري ملڪي معاملا منشين جي حوالي ڪري، پاڻ سلطنت جي ڪمن کان گهڻي حد تائين لاپرواه ٿي ويو. ان صورتحال ۾ سندس چاچن کيس قتل ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو، ليڪن کيس وفادار سپاهين ان جو اطلاع مهيا ڪيو. هيءَ حقيقت ٻڌي پاڻ گجرات طرف نڪري ويو. سندس وفات رستي ۾ ٿي. هن اوچتي تبديليءَ سبب ٺٽي ۾ سخت بدامني پکڙي. آخرڪار اميرن جي فيصلي موجب ڄام علي شير سنڌ جو بادشاه بنيو.[3] ڄام نظام الدين جو مقبرو مڪليءَ ۾ ساموئي واري ڪنڊ تي آهي.[4]

ڄام علي شير

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڄام علي شير

ڄام نظام الدين اول کان پوءِ، ڄام علي شير سنڌ ۾ سمن جي راڄ جو والي ٿيو، ملڪ ۾ پيدا ٿيل ابتري کي ختم ڪيو. هن خلق سان انصاف ۽ احسان سان پيش اچي، اڳين حڪمرانن جي ڪوتاهيءَ جو ازالو ڪيو.[5] هي نهايت داناءُ ۽ دلير انسان هو. هن سنڌ ولايت جو جوڳو انتظام رکيو. سندس حڪومت جي زماني ۾ ملڪ ۾ امن امان قائم ٿيو ۽ ماڻهو خوش گذارڻ لڳا. آخر ۾ ڄام علي شير سير سفر ۽ شڪار تي شوق رکيو. هڪ رات درياه جي سير تان گهر واپس اچي رهيو هو، تڏهن حويليءَ جي دروازي تي باغي سمن سردارن جي هٿان قتل ٿي ويو.[5]

ڄام ڪرن

اچ شريف ۾ واقع مزار
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڄام ڪرن

ڄام ڪرن سنڌ ۾ سمن جو راڄ دوران ڄام علي شير جي قتل بعد، ڄام ڪرن ڀائرن جي اتفاق سان سنڌ جو حڪمران بنيو. ڄام ڪرن کي ٺٽي جي مکيه اميرن ۽ درٻارين سان سخت اختلاف ٿيو. ان ڪري هن سلطنت جي واڳن وٺڻ شرط انهن جي قتل جو پروگرام ٺاهيو. ان مقصد لاءِ هن ٻئي ڏينهن تي شاهي درٻار سڏائي ۽ عام خاص ماڻهن سان مختلف عنوانن تي بحث ڪندو رهيو. آخر کاڌي جو دسترخوان وڇايائون ۽ هو کاڌو کائي جاءِ طهارت ڏي ويو ته ڪجهه ماڻهن جي جماعت مٿس حملو ڪيو ۽ کيس اتي ئي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائون. سندس حڪومت جي مدت ڏيڍ ڏينهن چئي وڃي ٿي.[6]

ڄام فتح خان

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڄام فتح خان

ڄام ڪرن کان پوءِ ڄام فتح خان سنڌ جو والي بڻيو. مؤرخن ڄام فتح خان جي دور حڪومت جي ساراه ڪئي آهي. سندس حڪومت پندرهن سالن تي پکڙيل ڏسجي ٿي. سندس سخاوت، بهادري ۽ مروت مشهور هئي. ڄام فتح خان جي زماني ۾ سنڌ کان ٻاهر ٻه واقعا ٿي گذريا. منگولن سنڌو درياه ٽپي دهلي ۽ ديبال پور تائين ڦرلٽ جي بازار گرم ڪئي. هن دور ۾ 1414ع ۾ دهلي سلطنت تي ”سيد“ خاندان قبضو ڪيو. سمن سلطانن ۾ ڄام فتح خان پهريون حاڪم آهي، جنهن گجرات سان سياسي لاڳاپن سان گڏ سماجي تعلقات به قائم ڪيا. هن پنهنجي نياڻي ”ڄام زادي“ گجرات ۾ مخدوم جهانيه جي پوٽي قطب عالم (1388-1454ع) سان پرڻائي ڏني. [7] سنڌين ۽ گجراتين ۾ مٽي مائٽيءَ جو هي سلسلو پوءِ گهڻو عرصو جاري رهيو. ڄام فتح خان سن 1428ع ۾ وفات ڪئي.[8]

ڄام جوڻو ٻيون

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڄام جوڻو ٻيون

ڄام تغلق شاھ جوڻو (ٻيو) جڏهن سنڌ ۾ سمن جو راڄ هو تڏهن ڄام فتح خان جي وفات کان ٽي ڏينهن اڳ، پنهنجي ڀاءُ ڄام جوڻي (ثاني) کي ”تغلق“ جي لقب سان حڪومت لاءِ نامزد ڪيو. ڄام تغلق ٺٽِي ۾ سنڌ جي سلطان بنجڻ بعد ملڪ جي سرحدن جو دورو ڪيو. امن امان کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ هن پنهنجن ڀائرن کي بکر ۽ سيوهڻ طرف روانو ڪيو. هڪ موقعي تي ٻروچن جي فساد ۽ فتني کي ختم ڪرڻ لاءِ ڄام تغلق پنهنجي سر بکر طرف روانو ٿيو. ڄام جي حڪمت تحت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، هر هڪ پرڳڻي جي حدن ۾ ٿاڻا قائم ڪيا ويا. سندس دور ۾ ”ڪلان ڪوٽ“ جي قلعي جي اڏاوت شروع ٿي، جا سندس موت بعد به جاري رهي. ڄام تغلق جي زماني ۾ سنڌ ۽ گجرات جا تعلقات اڃا به وڌيڪ مستحڪم ٿيا. ڄام جوڻو سنڌ ۾ فوت ٿيو. سندس لاش گجرات ۾ دفن ٿيو.[9]

ڄام مبارڪ

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڄام مبارڪ

ڄام مبارڪ ڄام جوڻي جو وزير هو. ڪجهه مؤرخن کيس غاصب سڏيو آهي. هن کي اقتدار جي مسند ماڻڻ جو صرف ٽي ڏينهن موقعو مليو. ٽن ڏينهن کان پوءِ کيس تخت ۽ تاج کان الڳ ڪيو ويو. شاهي خاندان سان سندس تعلق چٽو ڪونهي. تاهم خاطري آهي ته هو حڪمران گهراڻي جو هڪ فرد هو. تاريخ معصوم کيس دربان سڏيو آهي. هن جو نالو مبارڪ خان هو. اقتدار تي ويهڻ شرط پاڻ کي ڄام مبارڪ سڏائڻ لڳو. مبارڪ خان ٽن ڏينهن بعد معزول ڪيو ويو.[10]

ڄام سڪندرشاھ ٻيو

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڄام سڪندرشاھ ٻيو

ڄام سڪندر شاهه، ڄام مبارڪ کان پوءِ تخت نشين ٿيو. هن کي ڄام محمد عرف ڄام انڙ به سڏيو ويو آهي. ڄام سڪندر ثاني ڏيڍ سال سنڌ تي حڪومت ڪئي. [5] جڏهن اقتدار جي مسند تي ويٺو، تڏهن اڃا ننڍي عمر جو هو. ان ڪري بکر ۽ سيوستان جي مقامي حاڪمن سندس خلاف بغاوت ڪئي.

ڄام راءَ ڏنو

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڄام راءَ ڏنو

ڄام راءِ ڏنو ڄام سڪندر جي وفات تي سنڌ جو تيرهون ڄام مقرر ٿيو. چيو وڃي ٿو هن 1444ع کان 1453ع تائين سنڌ تي حڪمراني ڪئي.[11] تاريخدان راءِ ڏنو جي باري ۾ مختلف رايا رکن ٿا، هڪ موقف آهي ته ڄام سنجر ۽ راءِ ڏنو هڪ ئي ماڻهو جو نالو آهن.[12] ڄام تغلق شاھ جوڻو جي حڪمراني ۾ هي ڪڇ ۾ رهندو هو، جڏهن هن تائين ڄام سڪندر جي وفات جي خبر پهتي ته ڪيترن ئي ساٿين سميت ٺٽي ڏانهن روانو ٿيو. ٺٽي تي پهچڻ بعد هن چيو ته هي حڪومت حاصل ڪرڻ نه پر مسلمانن جي ملڪيت کي بچائڻ لاءِ آيو آهي. هن چيو ته آئون پاڻ کي حڪمراني جي اهل نٿو سمجهان ۽ اوهان جنهن کي حڪمراني سونپيو سڀ کان اڳ آئون کيس قبول ڪندس. پر ٺٽي ۾ موجود ماڻهن جي گڏيل فيصلي کان پوءِ هن کي بادشاهه مقرر ڪيو ويو.[11] ڄام راءِ ڏنو کي شراب ۾ ڄام سنجر زهر ملائي ڏنو، جنهن جي پيئڻ کان ٽي ڏينهن پوءِ سندس وفات ٿي.[11]

ڄام سنجر

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڄام سنجر

ڄام سنجر عرف راءَ ڏنو سنڌ ۾ سمن جو راڄ دوران ڄام سڪندر کان پوءِ ڄام سنجر سنڌ جو سلطان بنيو. مير علي شير قانع ٺٽوي ۽ مير معصوم شاھ بکري ڄام سنجر ۽ راءِ ڏني کي الڳ الڳ ذڪر هيٺ آندو آهي، ليڪن نئين کوجنا موجب سمن جي سلسلي جو هي هڪ ئي بادشاه هو، جنهن کي سلطان صدر الدين شاه جي نالي سان به سڏيو ويو آهي[5] مؤرخن ڄام سنجر جي دور ۽ شخصيت جي وڏي واکاڻ ڪئي آهي. هي ڄام بيحد خوبصورت ۽ سهڻو هو.

سمن جي دور جو ادب

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سنڌي ادب

سمن جي دور ۾ شيخ حماد،اسحاق آهنگر، مخدوم احمد ڀٽي، قاضي قاضن،عيسي لنگوٽي، شيخ لاڏ جيو شاعر هئا. سمن جي دور ۾ مخدوم جعفر بوبڪائي به وڏو عالم هو. سمن جي دور ۾ سنڌي شاعري جي صنف ڳاهن، عشقيه داستان جي شروعات ٿي. سمن جي دور جو مشهور شاعر قاضي قاضن هيو هن دور جي شاعرن جو ذڪر ڪلهوڙن جي دور ۾ لکيل ڪتاب تحفته الڪرام ۾ ملي ٿو. سمن جي دور جو عشقيه قصو نوري ڄام تماچي جي داستان آهي.[5]

رومانوي داستان

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو داستان نوري ڄام تماچي

هن دور جو مشهور رومانوي داستان نوري ڄام تماچي جو آهي، رومانوي داستان اڪثر افسانوي هوندا آهن، پر نوري ۽ ڄام تماچي جو قصو محض افسانو ڪونهي، بلڪه اهو هڪ نيم تاريخي داستان آهن، جنهن ۾ تماچي جي شخصيت تاريخي آهي، جڏهن ته نوري جي شخصيت حقيقي پر پسمنظر افسانوي آهي. هي داستان اڄ به سنڌي نثر توڙي شاعري ۾ وڏي اهميت رکندڙ آهي.[13]

شاعري

سنڌي بيت جن جي شروعات سمن جي دور ۾ ٿي تن ۾ هندي ڏوهيڙي جي ڪافي اثر هيو. شيخ حماد، اسحاق آهنگر ۽ درويش راڄو سمن جي حڪومت ۾ سنڌي ۾ بيت چوندا هئا. ماموئي جا بيت، پيشن گوئي جي صورت ۾ چيل آهن. [14]

حوالا

  1. Muslim India before the Mughals, I. H. Qureshi, The Cambridge History of Islam, Vol. 2A, ed. P.M. Holt, Ann K.S. Lambton and Bernard Lewis, (Cambridge University Press, 1980), 26.
  2. 2.0 2.1 2.2 [History of Delhi Sultanate by M.H. Syed (p240), 2005 ISBN 978-8-12611-830-4]
  3. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named autogenerated2
  4. مڪليءَ جا تاريخي ماڳ | SindhSalamat
  5. 5.0 5.1 5.2 5.3 5.4 ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; name "autogenerated1" defined multiple times with different content حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; name "autogenerated1" defined multiple times with different content
  6. ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  7. {ڪتاب:مڪلي نامہ از:پير حسام الدين راشدي ص127-128}
  8. {ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }
  9. ڪتاب:مڪلي نامہ؛از:پير حسام الدين راشدي ص119-126
  10. ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  11. 11.0 11.1 11.2 Muhammad, Maʻsūm; George, Grenville Malet; M Pir, Muhammad (1846). A history of Sind, from the commencement of the eighth to the end of the sixteenth century,. p. 65. http://www.worldcat.org/title/history-of-sind-from-the-commencement-of-the-eighth-to-the-end-of-the-sixteenth-century/oclc/33339483&referer=brief_results. Retrieved 9 February 2017. 
  12. Lakho, compiled by Ghulam Muhammad (2006). The Samma Kingdom of Sindh: historical studies (First ed.). Jamshoro: Institute of Sindhology, University of Jamshoro. ISBN 9694050782. 
  13. سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڇاپو: پهريون، سال: 1961ع سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
  14. خان بهادر الحاج محمد صديق ميمڻ، ”سنڌ جي ادبي تاريخ” ڇوٿون ايڊيشن، سال 2000ع، انسٽيٽوٽ آف سنڌيالاجي، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو