مواد ڏانھن هلو

ڄام جوڻو ٻيون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڄام جوڻو ٻيون
تغلق شاھ
سنڌ جو سلطان
سن 1414 کان 1442 تائين[1](زياده مناسب لڳندڙ)
سن 1428 کان (ٻيو خيال)
پيشرو ڄام فتح خان
جانشين ڄام مبارڪ
پورو نالو
ڄام جوڻو سمو
گهراڻو سمو
شاھي گھراڻو سمن جي بادشاھي
لاڏاڻو سنڌ
تدفين ملڪ ڳوٺ، قطب پور، احمدآباد، گجرات، انڊيا
مذھب اسلام
سنڌ جا ڄام
سما راڄ
"سلطنت دهلي جي تاريخ" ليکڪ ايم. ايڇ. سيد
  1. ڄام انڙ (1336-1339)
  2. ڄام جوڻو (1339-1352)
  3. ڄام بابينو (1352-1367)
  4. ڄام تماچي (1367-1379)
  5. ڄام صلاح الدين (1379-1389)
  6. ڄام نظام الدين پھريون (1389-1391)
  7. ڄام علي شير (1391-1398)
  8. ڄام ڪرن (1398)
  9. ڄام فتح خان (1398-1414)
  10. ڄام جوڻو ٻيون (1414-1442)
  11. ڄام مبارڪ (1442)
  12. ڄام سڪندرشاھ ٻيو (1442-1444)
  13. ڄام راءَ ڏنو (1444-1453)
  14. ڄام سنجر (1453-1461)
  15. ڄام نظام الدين سمو (1461-1508)
  16. ڄام فيروز (1508-1527)

ڄام تغلق شاھ جوڻو (ٻيو) جڏهن سنڌ ۾ سمن جو راڄ هو تڏهن ڄام فتح خان جي وفات کان ٽي ڏينهن اڳ، پنهنجي ڀاءُ ڄام جوڻي (ثاني) کي ”تغلق“ جي لقب سان حڪومت لاءِ نامزد ڪيو.

تفصيلي تعارف

[سنواريو]

ڄام تغلق ٺٽِي ۾ سنڌ جي سلطان بنجڻ بعد ملڪ جي سرحدن جو دورو ڪيو. امن امان کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ هن پنهنجن ڀائرن کي بکر ۽ سيوهڻ طرف روانو ڪيو. هڪ موقعي تي ٻروچن جي فساد ۽ فتني کي ختم ڪرڻ لاءِ ڄام تغلق پنهنجي سر بکر طرف روانو ٿيو. ڄام جي حڪمت تحت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، هر هڪ پرڳڻي جي حدن ۾ ٿاڻا قائم ڪيا ويا. سندس دور ۾ ”ڪلان ڪوٽ“ جي قلعي جي اڏاوت شروع ٿي، جا سندس موت بعد به جاري رهي. ڄام تغلق جي زماني ۾ سنڌ ۽ گجرات جا تعلقات اڃا به وڌيڪ مستحڪم ٿيا. سيد حسام الدين راشدي ان متعلق لکي ٿو:

”ڄام جوڻو ان وقت اندروني اختلافن سبب پريشان ۽ ٻاهرين مدد جو خواهان هيو... مولانا محمد صديق ملتاني، ڄام جوڻي جو پير هو. هن کيس مشورو ڏنو ته پنهنجيون نياڻيون گجرات ۾ پرڻائي...... هڪ سلطان محمد سان ٻي قطب عالم جي فرزند شاه عالم سان...... انهيءَ سڱابنديءَ مان کيس سياسي فائدو ۽ تقويت مدنظر هئي.......“

هن فيصلي بعد ڄام پنهنجيون نياڻيون مولانا محمد صديق ملتاني ۽ ڄام خير الدين ۽ ڄام صلاح الدين (ڄام جوڻي جا پٽ) جي جميعت ۾ گجرات موڪليون. بي بي مغليءَ جو نڪاح سلطان محمد سان ٿيو. سلطان محمد کي هن گهر مان سن 1445ع ۾ هڪ پٽ ڄائو، جو اڳتي هلي گجرات جي تاريخ ۾ سلطان محمود بيگڙي جي نالي سان مشهور ٿيو. جڏهن ته ڄام جي ٻي نياڻي بيبي مرڪي قطب عالم جي پٽ شاه عالم (1414-1475ع) جي عقد ۾ آئي.[2]

ڄام جوڻو ان وقت اندروني پريشانين کان علاوه بيروني جارحيت جي فڪر ۾ پڻ دامنگير هو. وچ ايشيا ۾ قنڌار جا منگول ابتدائي دور ۾ سمن سلطانن جا سهڪاري رهيا هئا، ليڪن ڄام جوڻي جي زماني ۾ انهن سنڌ کي پنهنجي تابع بنائڻ چاهيو ٿي. ان پس منظر ۾ سنڌ ۽ گجرات کي اڃا به وڌيڪ ويجهو آڻڻ لاءِ، ڄام جوڻي ان قسم جي سڱابندي ڪئي ڏسجي ٿي. هن زماني ۾ ملتان ۾ شيخ يوسف، دهلي سلطنت کان قطع تعلق ڪيو. اڳتي هلي لانگاهن هن شيخ کي شهيد ڪري پنهنجي سلطنت جو اعلان ڪيو. سن 1451ع ۾ لوڌي گهراڻي دهلي سلطنت تي قبضو ڪيو. ياد رهي ته دهلي سلطنت جو هي آخري گهراڻو هو. بعد ۾ بابر، لوڌين جو خاتمو ڪري مغل شهنشاهت جو بنياد رکيو. ڄام جوڻي ڊگهي حڪومت بعد وفات ڪئي. تڏهن سندس لاش گجرات ۾ ”ملڪ ڳوٺ“ ڏي روانو ڪيو ويو. هي ڳوٺ ڄام جي پٽن آباد ڪيو. جڏهن هو ملتاني بزرگ سان گڏ اوڏي ويا هئا، هتي سندن محل ۽ ماڙيون توڙي جاگيرون هيون.[3] ڄام تغلق(انگريزي: Jam Tughliq) تاريخ جنت السنڌ مطابق سمن جي گھراڻي جو حاڪم ھيو. ڄام فتح خان 15 ورهيه ڪاميابيءَ سان حڪومت ڪري وفات ڪئي. وفات کان 3 ڏينهن اڳ، پنهنجي ڀاءُ تغلق کي جانشين ڪري ويو[4]ڄام تغلق بن سڪندر کي شڪار جو گهڻو شوق هو. بکر ۽ سيوهڻ جي انتظام جون واڳون پنهنجن ڀائرن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيائين. امير تيمور جي موٽي وڃڻ کان پوءِ سڄي هندستان اندر طوائف الملوڪيءَ جو دؤر هو. سمن جي حڪومت جون واڳون ۽ حدون اٻاوڙي تائين هيون. اڳتي ملتان جي لانگاهه سلطانن جي حڪومت هئي.(1) ڄام تغلق جي ڏينهن ۾ بکر جي بلوچن بغاوت ڪئي، مگر ڄام بکر ۽ سيوهڻ ۾ انتظام رکڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هن ڪلان ڪوٽ تي ’تغلق آباد‘ نالو رکي قلعي جو ڪم شروع ڪرايو، جو سندس ڏينهن ۾ اڻپورو رهجي ويو.[4] مڪران، جهالاوان ۽ ڪڇيءَ جا جدغال، جي پهريائين سومرن جي سرداريءَ جي ماتحت هئا، سي سومرن کان پوءِ سمن کي سردار سمجهڻ لڳا. سمن خلاف مير عمر ميرواڙي براهوئيءَ جهالاوان ۾ بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. خاران جي نوشيرواني ملڪن به مير عمر جو طرف ورتو. سمن شڪست کاڌي. براهوئي طاقت جون حدون پهريون گهمرو مشڪي ۽ ڪولواه تائين پکڙجي ويون. مير جلال خان جي اولاد مان رندن جي سردار مير شهڪ، ڪڇيءَ جي گولا قوم کي شڪست ڏيئي، سمن کان سيوي، ڍاڍر، جهل، حب، ناڙي، پوه، موه، گاج ۽ ڌڙي ڀنر جا پرڳڻا فتح ڪيا ۽ پوءِ بلوچن جي ٻن مشهور قبيلن، رند ۽ لاشار، عيسوي 15 صديءَ ۾ ڪڇيءَ جي ميدان ۾ بيٺڪون وڌيون. سيوي ۽ ڍاڍر رندن جا تختگاه شهر سڏجڻ لڳا ۽ گنج آبه کي لاشارين تختگاه مقرر ڪيو.[5] [4] مير شهڪ جي وفات کان پوءِ سيوي ۽ ڍاڍر سندس پٽ مير چاڪر خان رند جي قبضي هيٺ اچي ويا. ستت گوهر جتڻيءَ جي سوال ڪري، مير گهرام خان لاشاريءَ ۽ رند جي سردار مير چاڪر خان جي پاڻ ۾ ٽيهن ورهين واري ويڙهه شروع ٿي. هن جنگ ۾ جيسلمير جي ڀاٽين، ملتان جي ناهرن ۽ سمن لاشارين جو طرف ورتو ۽ قنڌار جي حاڪم امير ذوالنون ارغون رندن جو طرف ورتو. لاشارين شڪست کاڌي ۽ منجهانئن گهڻائي لاشاري لڏي سنڌ ۾ رهڻ لڳا. مير ابوبڪر لاشاري گجرات جي شهر پالنپور ڏانهن هجرت ڪري ويو.[4][6]

وفات

[سنواريو]

ڄام جوڻو سنڌ ۾ فوت ٿيو. سندس لاش گجرات ۾ دفن ٿيو.[7] اهي ٻئي شهزاديون وفات بعد احمد آباد جي لڳ پنهنجي والد ڄام جوڻي جي مقبري ۾ دفن ٿيون. اهو مقبرو پراڻيءَ اساول ۾ سابرمتي نديءَ جي ڪناري تي قطب پور جي قريب آهي. ٻنهي شهزادين جون قبرون اڃا تائين موجود آهن. بيبي مغليءَ جي قبر سفيد سنگ مرمر جي آهي ۽ بيبي مرڪيءَ جو مرقد سياه سنگ مرمر جو آهي.[8].[3]

حوالا

[سنواريو]
  1. {جي. ايم سيد جي ڪتاب سنڌ جا ڄام، سما راڄ، سلطنت دھليءَ جي تاريخ جي مطابق}
  2. {ڪتاب:”مڪلي نامہ“ از :پير حسام الدين راشدي ص120-121 }
  3. 3.0 3.1 {ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  5. {Frontier & Overseas Expeditions from India, Vol.III, P-23.}
  6. { M.L. Dames: Popular Poetry of the Baloch, The Thirty Years War, P-23. (2)}
  7. {ڪتاب:مڪلي نامہ؛از:پير حسام الدين راشدي ص119-126}
  8. {سيد حسام الدين راشدي جو مقالو رسالو مهراڻ ص92 نمبر 4 سال 1968ع}