بکر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
بکر
بکر جو قلعو
Lua error in ماڊيول:Location_map at line 502: "سنڌ، پاڪستان" is not a valid name for a location map definition.
ٻيو نالو بکر جو ٻيٽ
مقام سکر ۽ روھڙي لڳ درياءَ سنڌ تي
علائقو سکر
قسم قديم ڦٽل قلعو
تاریخ
دور سنڌ م عربن جي آمد کان پوءِ وارو زمانو
ثقافت سنڌي
مضافت سنڌ جا حاڪم
رھائش پذير سنڌي


بکر جو جزيري نما قلعو، بکر ۽ روهڙيءَ جي درميان، نديءَ جي وهڪري جي وچ ۾ چُن جي ٽَڪرين جي هڪ ڪڙي آهي، جي هت سنڌو نديءَ کان گذر ڪن ٿيون، ۽ ڏکڻ طرف اٽڪل پنجاھ ميلن ۾ وڃن ٿيون. هي ظاهر آهي ته اٺين صديءَ جي وچ ڌاري، سنڌو نديءَ پنهنجو پراڻو رستو وساري، الور کي اُجڙ ڪري، ٽڪرين جي قطار کي هتان (بکر کان) اچي ڪَٽيو. پر بکر وٽ پختيءَ زمين کاڌ کان نديءَ جي پاڻيءَ جو مقابلو ڪيو ۽ بکر جو مقام پسگردائيءَ جي حاڪمن لاءِ تمام اهم ۽ مرڪزي ثابت ٿيو. بکر ڪئين ٻيٽ ٿيو، سکر Sukkur کان ڳچيءَ ڌرتيءَ طرح ڪيئن ظاهر ٿيو، ان جو علم ناهي.
بکر جي قلعي جو ڪڏهن بنيا دپيو، ان باري ۾ صاحب ’لب تاريخ‘ جو بيان آهي ته سنه 333هه ۾ عباسي خليفن جي ڏينهن ۾ مهراڻ جي ٻن شاخن جي وچ ۾ تعمير ٿيو.[1] ’تحفة الڪرام‘ ۾ سندس اڳوڻو نالو ’فرسته‘ ڏنل آهي. هندو راڄ جي زماني ۾ سندس نالو نشان ڪونه هو. الور جي ويرانيءَ کان پوءِ اتي جا رهاڪو لڏيندا بکر ۽ سندس پسگردائيءَ ۾ وڃي رهڻ لڳا. چون ٿا ته سيد محمد مڪي رحه جڏهن صبح جو هن ٻيٽ ۾ داخل ٿيو، تڏهن فرمايائين: ”جعل الله بکر تي في بقعته المبارکته“ ”يعني ته الله تعاليٰ منهنجو صبح برڪت واري هنڌ تي ڪيو.“ مٿئين بيان موجب بکر الور جي ويرانيءَ کان اڳ آباد ٿيو ۽ مٿس هجري ستين صديءَ ۾ بکر نالو پيو. هجري اٺين صديءَ ڌاري ابن بطوطا لکي ٿو ته، شهر جي وچ ۾ هڪڙي خانقاه آهي، جت غريبن کي کاڌو ملي ٿو. هت سندس ملاقات قاضي ابو حنيفه، شمس الدين محمد شيرازي ۽ شيخ شمس الدين سان ٿي، جن مان پوئين بزرگ جي عمر هڪ سؤ ويهه ورهيه هئي.[2] سفرنامه ابن بطوطا‘: جلد-2، ص- 19-20. ابن بطوطا جن بزرگن سان ملاقات ڪئي تن جو مفصل احوال موقعي سر ڏبو. نوٽ: چون ٿا ته شيخ الشيوخ حضرت بهاءُ الدين زڪريا ملتاني رحه التمش کي ناصرالدين جي بد ارادن کان واقف ڪيو هو. ناصرالدين جي ٻڏي وڃڻ کان پوءِ ملڪ سنان الدين حبثي ديبل جي واليءَ، التمش جي آڻ مڃي.[3]

تاريخ معصومي ۽ تحفته الڪرام۾ بکر جو قديم نالو فرسته آهي. مشهور مورخ ائبٽ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ“ ۾ لکيو آهي ته بکر عربن جي ڪاھ وقت يا فتح وقت تاريخ جي صفحن تي نمودار نه آهي. چچ نامو يا عربي سندون ان جو حوالو نٿيون ڏين. غزنوي سلطانن جي ڏينهن ۾ به هن جو ذڪر نه آهي. تيرهين صديءَ جي اوائل ۾ بکر جو نالو ڪن پيو آهي. اڪبر جي دور ۾ هي گاديءَ جو هنڌ هو. ”تاريخِ معصومي“ مان بکر جي سرسبز ڳوٺن، شهرن جي معلوميت ٿئي ٿي. جڏهن بکر جو اسان تي تسلط ٿئي ٿو، سڄي هند جي قطعي ۾ هن جي هاڪ آهي. هي ڪڏهن به فتح ڪري نٿو سگھجي. اهڙو ڪوبه رڪارڊ ڪونهي ته هن قلعي کي غزني، غوري، يا دهليءَ جي تغلق حاڪمن سر ڪيو. ٺٽي جي قبضي وقت شاھ بيگ ارغون بکر هڪڙي عهدنامي تحت هٿ ڪيو، *۽ هن جي وقت ۾ بکر ۾ ڪيئي ويڙهيون ٿيون. ڌاريجن سيدن کان بکر وٺڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي؛ 1540ع ۾ سلطان محمود جي خلاف هن کي ڪاميابيءَ سان پنهنجي هٿ ۾ رکيو.

مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته:" هندو راجائن جي ڏينهن ۾ هن شهر جو نالو ئي ڪونه هو، تڏهين الور (هاڻوڪو اروڙ) وڏو شهر هو. جڏهين اهو ڦٽو؛ تڏهين بکر آباد ٿيو. ۽ پوءِ الور پاڻ انهيءَ جي ٻهراڙي جو ڳوٺ ٿيو. پهرين پهرين سيد محمد مڪئي مشهدي اتي آيو. جو سيد محمد شجاع جو پٽ هو ۽ جنهن جي مآءٌ مشهور شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي نياڻي هئي ۽ مڪي ۾ ڄائو هو. جڏهين هن پريندي اچي انهيءَ فرسته شهر ۾ پير پاتو؛ تڏهين فجر جو وقت هو؛ جنهن کي عربيءَ ۾ بُڪرة چوندا آهن. سيد لهڻ سان چيو ته جعل الله بُڪرتي في بقعـﺔ المبارڪ يعني خدا تعاليٰ منهنجو صبح. هن برڪت وري ڳوٺ ۾ ڪيو. انهيءَ کان پوءِ فرسته کي بڪره سڏڻ لڳا، جو پوءِ بکر سڏجڻ لڳو. اتي جا سيد انهيءَ سيد محمد مڪئيءَ جو اولاد آهن. سيد حيدر حقاني، جنهن جي قبر پڻ اتي آهي. سو به انهيءَ جي اولاد مان هو ۽ انهيءَ جو به اولاد گهڻو آهي. مير ميران لوهريءَ وارو به انهيءَ جي اولاد مان هو. ڪن جو چوڻ آهي ته لهڻ کان اڳي سيد محمد مڪئيءَ کان سندس ماڻهن پڇيو ته ”ڪٿي بار لاهيون؟“ چيائين ته ”جتي صبح وقت ڍڳي جي رنب ٻڌو“. ڍڳي کي عربيءَ ۾ بقر چوندا آهن.انهيءَ هنڌ تي هنن اهڙو آواز ٻڌو ۽ اتي لهي پيا. انهيءَ کان پوءِ ڳالهائڻ ۾ بکر ٿي ويو. اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾ مير معصوم شاهه ڦِٽل الور جي سِرن مان اتي قلعو ٺهرايو ۽ سکر ۾ منارو به جوڙايائين ۽ اهو قلعو پوءِ نادر شاهه اچي ويران ڪيو. بکر جو قلعو پهرين پهرين شيخ ابو تراب عرب ٺهرايو. جنهن اهو شهر ورتو. انهيءَ جي قبر گُجي ۾ آهي. جو ميرپور ساڪري تعلقي ۾ آهي. انهي تي سنه 171 (=787ع) لکيل آهي. انهيءَ جي مرمت وري شاهه بيگ ارغون ڪئي. جنهن سيد ۽ ٻيا ماڻهو لڏايا. بکر ۽ ان جي آسپاس لوهري يا روهڙي سميت جيڪي مشهور ماڻهو ٿي گذريا ۽ جن جون قبرون اتي آهن. تن مان ڪي مٿين (1) سيد محمد مڪئي ۽ (2) حيدر حقانيءَ کان سواءِ هيٺ ڏجن ٿا؛ (3) شاهه حاجي دريائي. انهيءَ جي نسبت ۾ چوڻ ۾ ٿو اچي ته انهي هنڌ هڪڙي انڌي قلندر مڇي مارڻ لاءِ ڪنڍي وڌي هئي. هڪڙيءَ صندوق ۾ ڪنڍي وڃي اٽڪيس. آخر اها ڪڍيائين ته اکين کان سڄو ٿيو ۽ ڏسڻ لڳو. صندوق کوليائين ته انهيءَ ۾ هڪڙي لاش پيئي هئي. جا کڻي پوريائون. خواب ۾ هن کي معلوم ٿيو ته انهيءَ فوتيءَ جو نالو شاهه حاجي آهي ۽ عرب مان هليو هو. انهيءَ لاءِ ته پنهنجي مرشد بهاءَالدين جي پاسي ۾ دفن ٿئي. انهيءَ بزرگ جي قبر به اتي درياهه جي ڪنڌيءَ تي هئي. هن جي لاش به خدا جي قدرت سان اتي اچي نڪتي. اهي ٻئي قبرون اتي گڏ آهن. (4) شاهه مقصود. جنهن جو لقب ”موجود“ هوندو هو.. انهيءَ جي قبر اُمرڪس جي هن ڀر آهي. هر سال هر مهيني جي 14 تاريخ آچر جي ڏينهن ميڙو لڳندو آهي. انهيءَ رات چوندا آهن ته غيبي بازاريون اتي لڳنديون آهن. هڪڙي ڀيري ڪنهن شخص انهيءَ غيبي بازار جي هڪڙي دڪان واري وٽ پنهنجي ترار گروي رکي. صبح جو بازار جو نشان ئي اتي ڪو نه هو. جڏهين انهيءَ مٿينءَ حقيقت جي خبر پيس، تڏهين ٻئي مهيني تائين منتظر رهيو. جڏهين ٺهرايل رات آئي. تڏهن انهيءَ ساڳئي دڪان تي وڃي پنهنجي ترار ڇڏايائين. شاهه مقصود جي ڀآءٌ حاجي غيب جي به اتي قبر آهي. (5) شيخ نوح بکري هڪڙو وڏو شيخ ٿي گذريو آهي. جو شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جو مريد هو. فرسته يا بکر ۾ رهندو هو. جڏ هين شيخ بهاوالدين زڪريا ملتاني شيخ شهاب الدين جو مريد ٿي سندس حڪم سان سنڌ ۾ آيو ۽ حڪم موجب شيخ نوح کي ڏسڻ آيو، تڏهن اتفاق سان شيخ نوح به وفات ڪئي. (6) مير ابو الغيث بکر جي وڏن سيدن ۽ اميرن مان هو. نهايت پرهيزگار شخص هو. جڏهين امير تيمور جو پوٽو مرزا پير محمد بکر وٺڻ لاءِ آيو. تڏهين هن سيد پنهنجي ڏاڏي حضرت پيغمبر صلعم کان عزت آبروءَ جي پناهه گهري انهيءَ رات مرزا خواب ۾ حضرت پيغمبر صلعم ڏٺو. جنهن چيس ته منهنجي اولاد جي تعظيم رکجانءِ ۽ انهن سان چڱو سلوڪ ڪجانءِ. نون ڏينهن کان پوءِ جڏهين مير ابوالغيث. مرزا جي ملاقات تي ويو. تڏهين هو اٿي ڀاڪر وجهي گڏيس ۽ پنهنجي پاسي ۾ وهاريائينس ۽ ساڻس چڱي صحبت ڪيائين ۽ موڪلائڻ مهل الور جو پرڳڻو انعام ڏنائينس. (7) مير ابوالبقا به بکر جي وڏن ساداتن مان هو. همايون بادشاهه جڏيهن اتي آيو. تڏهن هو اتي اچڻ وڃڻ لڳو ۽ وڏي عزت حاصل ڪيائين؛ پر بکر جي ڪامورن انهيءَ ڳالهه ڪري هن کي شهيد ڪري ڇڏيو ۽ همايون کي هن جو ڏاڍو ڏک ٿيو (8) شاهه قطب الدين بن شاهه محمود اصل خراسان جو هو. جو پوءِ بکر ۾ اچي رهيو. نهايت خدا پرست ماڻهو هو ۽ جمعي جي ڏينهن وعظ ڪندو هو. مرزا شاهه حسين ارغون هن کي بکر جو شيخ الاسلام مقرر ڪيو هو. نيٺ سنه 977 هجريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ وفات ڪيائين. (9) شاهه جهانگير هاشمي مٿئين شاهه قطب الدين جي عزيزن مان هو ۽ مرزا شاهه حسن جي زماني ۾ خراسان مان آيو هو. چکو شاعر هوندو هو. مثنويتحفته الحرار” جي "[4]

سر ائبٽ جو مذڪور احوال درست نه آهي[سنواريو]

اسين بکر جي تاريخي حيثيت ظاهر ڪريون ٿا، جنهن مان معلوم ٿيندو ته غزنوي حاڪمن کان وٺي بکر صفحهء تاريخ تي چٽو لکيل آهي.

سن 417ھ : 1026ع ۾ سلطان محمود غزنويءِ جي وزير عبدالرزاق سنڌ تي ڪاھ ڪئي. پهرين بکر وٺي، پوءِ سيوهڻ ۽ ٺٽي ڏانهن ويو. سن 1226ع ۾ سلطان شمس الدين التمش جي وزير، نظام الدين الملڪ محمد بن اسعد، بکر جو قلعو اچي ورتو ۽ ناصر الدين قباچه کي ڀڄائي ڪڍيو، جو درياھ لنگهندي اتفاق سان ٻڏي مئو. 1251ع ۾، ناصر الدين محمود بن التمش وڏي لشڪر سان بکر جو قلعو اچي ورتو ۽ پوءِ هيٺ سيوهڻ **۽ سنڌ جي ٻين شهرن ڏانهن ويو. 1296ع ۾، سلطان علاءٌ الدين جي حڪم پٺيان نصرت خان 10 هزارن ماڻهن سان بکر آيو، ۽ مخالف قومن کي ماري مڃايائين، ۽ پوءِ هيٺ سيوهڻ ۽ ٺٽي تائين به ويو. 1320ع کان پوءِ سگھو ئي سلطان غياث الدين تغلق، دهليءَ جي بادشاھ، سنڌ ۾ سومرن جي فساد جو ٻڌي، خواجه خطير کي بکر جو حاڪم ڪري موڪليو. 1251ع ۾ جڏهن فيروز شاھ دهليءَ جو بادشاھ ٿيو، تڏهن، ٺٽي ۾ سومرن کي شڪست ڏيئي، موٽي بکر ۾ اچي ويھ ڏينهن رهيو، ۽ مَلڪ رڪن الدين کي پنهنجي پاران سنڌ جو نائب مقرر ڪري اُتي رکيائين ۽ ”اخلاص خان“ لقب ڏنائين، ۽ مَلڪ عبدالعزيز کي بکر جو ديوان يا مالي حاڪم مقرر ڪيائين. 1370ع ۾ فيروز شاھ وري به بنگال فتح ڪرڻ کان پوءِ بکر ۾ آيو، ۽ اتان وري ٺٽي ۾ ويو. 1354ع ۾ ڄام انڙ سمي اچي بکر ورتو، ۽ دهليءَ جي بادشاھ سلطان علاءٌ الدين جي حڪم سان مَلڪ تاج الدين ڪافوريءَ اچي بکر ورتو. جڏهن مرزا پير محمد تيمورخاني بکر ۽ آسپاس جي فسادين کي سزا ڏيڻ لاءِ ڪاهي آيو، تڏهن بکر جي شهر جا ماڻهو ڀڄي ويا؛ پر اتي جي سيدن جي منت آزيءَ تي هن انهن کي معافي ڏني. ڄام نظام الدين يا ندو سن 1490ع ۾ ٺٽي کان بکر آيو، ۽ اتي هڪ ورهيه اچي رهيو ۽ فسادي قومن کي سيکت ڏنائين. 1520ع ۾ ڄام فيروز سمي جي وقت ۾ مرزا شاھ حسن سنڌ ۾ آيو. انهيءَ وقت ڌاري بکر ۾ ڌاريجن ماڻهن بغاوت ڪئي. مرزا شاھ حسن اتي آيو. سلطان محمود خان اڳي ئي بغاوت بند ڪري وٽس آيو. مرزا شاھ حسن الور مان سرون ڪڍائي قلعي جي مرمت ڪرائي، ۽ انهيءَ زمين ۾ پنهنجن اميرن ي وهاريائين *۽ پوءِ ٺٽي مان ٿي گجرات ڏانهن ويو. سن 1524ع ۾ مرزا شاھ حسن اچ ۽ ملتان ورتو، ۽ ملتان جي حاڪم سلطان حسين لانگاھ سان ملتان ۽ بکر جي حد مقرر ڪيائين. ٻئي سال ۾ هن ملتان به وٺي مرزا بابر کي ڏنو ۽ پوءِ بکر ۾ آيو. سن 1542ع ۾، همايون بادشاھ بکر ۾ آيو، ۽ پوءِ اتان ٿر ڏانهن روانو ٿيو. ٻئي سال ۾ بخشو لانگاھ بکر تي ڪاھي آيو، پر شڪست کائي موٽي ويو. 1555ع ۾ مرزا عيسى ترخان ۽ سلطان محمود خان جي بکر ۾ لڙائي لڳي، پر مرزا نااميد ٿي موٽي ٺٽي ويو. سگھو ئي پوءِ ارغون ماڻهو مرزا عيسى کان رنج ٿي سلطان محمود خان وٽ آيا ۽ بکر ۾ رهي پيا. سن 1568ع ۾، مرزا محمد باقيءَ جي حڪومت ۾، سندس ننڍو ڀاءُ جي برخلاف شامل ٿيو، ۽* فساد ڪيائين، ۽ مرزا باقيءَ اچي شڪست ڏيئي ڀڄايس. سن 1574ع ۾ سلطان محمود خان جي مرڻ تي، اڪبر بادشاھ ڪيسو خان کي بکر جو حاڪم مقرر ڪيو، ۽ پوءِ هڪٻئي پٺيان مير عدل ۽ اعتماد خان آيا، ۽ پوءِ مسند علي خان بهادر ۽ راجا پرمانند گڏ مقرر ٿي آيا؛ پوءِ نواب محمد صديق خان مقرر ٿي آيو. 1587ع ۾ بکر نواب اسماعيل قلي خان کي جاگير طور مليو، *۽ هن جو پٽ رحمان قلي بيگ بکر ۾ اچي رهيو. ان کان پوءِ اها جاگير شيرويه سلطان کي ملي، جو نشئي هو. تنهنڪري 1589ع ۾ بکر وري به نواب محمد صديق خان کي جاگير ٿي مليو. انهيءَ سال ۾ نواب خانخانان مرزا جاني بيگ سان وڙهڻ لاءِ بکر ۾ آيو، ۽ پوءِ هن کي وٺي بادشاھ ڏانهن ويو. مرزا غازي بيگ بادشاھ وٽان ٿي بکر ۾ آيو، جو خسرو خان چرڪس تي اتي فساد ڪيو هو، جنهن کي نيٺ هندو خان پڪڙي وٺي ويو. اڪبر بادشاھ جي ڏينهن ۾ مير معصوم شاھ ڦٽل الور جي سرن مان اتي قلعو ٺهرايو، ۽ سکر ۾ منارو به جوڙيائين. اهو قلعو پوءِ نادر شاھ اچي ويران ڪيو. 1647ع ۾ جڏهن نواب مغل خان دهليءَ جي بادشاھ شاهجان پاران ٺٽي حاڪم هو، تڏهن ٺٽو ۽ بکر ۽ سيوهڻ شاهزادي اورنگزيب کي ملتان جي بدران جاگير ٿي مليا. دارا شڪوھ ۽ اورنگزيب جي وچ ۾ جا تخت حاصل ڪرڻ لاءِ لڙائي لڳي، ان ۾ بکر وڏو حصو ادا ڪيو. بکر دارا شڪوھ ورتو، ۽ هڪ وينس جي رهاڪو نڪولا منوڪي جي هٿن ۾ دارا شڪوھ جي پاران ڪمانڊ هئي. هن ويڙھ جو دلچسپ احوال منوڪيءَ پنهنجي ڪتاب ”اسٽوري آف دي مغلس“ ۾ ڏنو آهي. سن 1667ع ۾ سيد عزت خان، جهن کي عزت پير چوندا هئا، ۽ جو بکر جو فوجدار هو، سو ٺٽي جو نواب مقرر ٿي ويو. سن 1736ع ۾ بکر ۽ سيوهڻ ۽ ٺٽي جي حڪومت ميان نور محمد ڪلهوڙي کي ملي. جنهن کي ”خدا يار خان“ لقب مليو. انهيءَ ڌاري شاهزادو محمد معزالدين به بکر ۾ آيو، ۽ انهيءَ سال ۾ ميان نور محمد کي بکر ۽ سيوهڻ ۽ ٺٽو، يعني ساري سنڌ ملي. ٻه ورهيه پوءِ، جڏهن نادر شاھ آيو، تڏهن انهيءَ به ميان کي قائم ڪيو ۽ ”شاھ قلي“ جو خطاب ڏنائينس. وري جڏهن ٽالپر سنڌ جا حاڪم هئام تڏهن، مير نصير خان جي ڏينهن ۾، انگريز سرڪار، 1838ع ڌاري، بکر جو قلعو پنهنجي لشڪر لاءِ اڌارو ورتو، جو لشڪر شاھ سجاع پٺاڻ جي مدد لاءِ ٿي ويو. 1842ع ۾ وري انگريزن ميرن سان عهدنامو ڪري، بکر، سکر، روهڙي، ٺٽُ ۽ ڪراچي پنهنجي ڪم لاءِ ورتا. پوءِ جڏهن سنڌ انگريزن کٽي، تڏهن بکر ۾ توبخاني جي بارود رکڻ جو بندوبست ڪيائون.


سومرن جو دور[سنواريو]

هيءُ شهر به سومرن جي زماني ۾ وڏو علم جو مرڪز هو. وڏا وڏا جيد عالم ۽ فقيـﮧ هن شهر ۾ رهندا هئا. شيخ محمد مڪي ۽ ان جا فرزند شيخ صحرائي ۽ سيد جلال سرخ بخاري هن شهر جا جيد ۽ بلند مقام بزرگ ۽ عالم ٿي گذريا آهن [5][6]

حوالا[سنواريو]

  1. تحفة الڪرام: جلد -3، ص -124، لب تاريخ: ص 27، فارسيءَ ۾ نسخو، امرتسر، 1901ع.
  2. ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  3. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  4. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سومره سنڌ مصنف؛ وزير علي ايڊيشن: ڇاپو پهريون ايڊيشن؛ مارچ 2001ع ڇپائيندڙ؛ ابن اسماعيل سومره پبليڪيشن جڙيا پور چڪس
  5. { (مهراڻ- نمبر پهريون 1974ع صفحه 132، بحواله ڊاڪٽر دائود پوٽه تاريخ معصومي – تعليقات- فوٽ نوٽ ص 335 (سنڌي ترجمه(ii) تاريخ تمدن سنڌ ص 3599). }

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

روهڙي جي ويب سائيٽ