هندو مت

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

هندو (Hindu) لفظ سنسڪرت (Sanskrit) جي قديم ڪتابن ۾ بيان ٿيل ناهي. هي لفظ ’انڊس“ (Indus) يا سنڌو (سنڌ)، مان نڪتو آهي. اهو لفظ سنڌو درياء جي اوڀر وارن ماڻهن لاءِ استعمال ۾ آيو ۽ پوءِ آهستي آهسي اهو لفظ هند جي رهاڪن لاءِ ڪتب اچڻ لڳو. معنيٰ ته هندو هندوستان جو. [1] ان ڳالهه جي حمايت ڀائي پرمانند، آل انڊيا مهاسڀا جي صدر، پڻ ڪئي آهي ته هندو لفظ سنڌو مان نڪتل آهي. ٿلهي ليکي جيڪڏهن هندو مٿ کي بيان ڪجي ته پوءِ هندو مت اهو ڌرم آهي، جنهن کي هندو مڃين ٿا. اھڙي نموني اھي جيڪي سناتن ڌرم کي مڃيندا ھئا سي ھندو سڏجڻ ۾ آيا، سناتن معنا داعمي ڌرما معنا قانون سڌ ٿيو، يا داعمي قانون انسان ذات جي رھنمائي ۽ ڀلا ئي لاءِ آهي.

هندو مت ڇا آهي، ان حوالي سان مختلف عالمن هي لکيو آهي.

جان ڪلارڪ آرچر[سنواريو]

هن جي تحقيق مطابق هندو مت جو ڪو به باني ناهي، جنهن جو ڪو بنيادي پيغام هجي. هن ڌرم جي باني انبوه (جنتا) آهي، جنهن جون سڀ شخصيتون ميٿالاجي ۾ آهن. [2]

پنڊت جواهر لال[سنواريو]

پنڊت جواهر لال نهرو فرمائي ٿو: هندومت، ڪنهن هڪ مقرر عقيدي، مقرر مذهب ۽ مقرر اصول جي حيثيت سان بي ترتيب آهي. ان جي تعريف ۽ تشريح بيان ڪرڻ، يا مذهبن جي عام مفهوم جي اعتبار سان اهو چوڻ ته اهو مذهب آهي يا نه، ڏاڍي مشڪل ڳالهه آهي. هاڻوڪن توڙي گذريل دور ۾، تمام گهڻن عقيدن ۽ عملن تي جڙيل آهي. [3]

مهاتما گانڌي[سنواريو]

هندو مٿ جي حوالي سان مهاتما گانڌيءَ لکيو آهي ته: هي هندومت جي خوش قسمتي آهي، يا بدقسمتي آهي، جو ان جو ڪو به سرڪاري عقيدو ڪو نه آهي. سادن لفظن ۾ جيڪڏهن مان ڪا تعريف ڪريان ته رڳو ائين ئي چوان ته ڪو شخص ڪنهن مافوق الفطرت هستيءَ تي اعتقاد نه رکندي به پاڻ کي هندو سڏائي سگهي ٿو.[4]

واڌا ڪرشنن[سنواريو]

ان سلسلي ۾، ڊاڪٽر واڌا ڪرشنن، اڳوڻو صدر جمهوريا هند، جيڪو هندو مت جو وڏو محقق مڇيو وڃي ٿو، لکي ٿو ته: هندو مت جو بنياد، ڪنهن به نسلي سببن ۽ عامل تي رکيل ناهي. هيءَ رڳو فڪر ۽ جذبات جي وراثت آهي، جنهن ۾ هر نسل ۽ هر قوم، پنهنجو پنهنجو حصو ادا ڪيو آهي. [5]

شري آروبندر گهوش[سنواريو]

شري آروبندو گهوش، پنهنجي ڪتاب، ’هندستاني تهذيب جا بنياد‘ ۾ لکي ٿو ته: آخر هندو مت آهي ڇا؟ اولهه جو ذهن سوال ٿو ڪري، ته هن مذهب جو آخر روح ڇا آهي؟ ان جو ذهن ۽ ان جو فڪر آخر ڇا آهي؟ ان جي جسم جو ڊول ڪهڙو آهي؟ ڀلا ڪو به مذهب ائين ٿيندو آهي، جو ان جو نه ڪو عقيدو هجي، جنهن تان ڦري وڃڻ لاءِ عذاب جو ڊپ هجي ۽ ايمان آڻڻ لازم ٿي پوي. يا اهڙو ڪو مذهب آهي، جنهن ۾ دينيات جا مقرر ٿيل اصول ئي نه هجن، نه ڪا منجهس ’دينيات‘ هجي، نه ڪو بنيادي عقيدو هجي. ڇا ڪو اهڙو ٻيو مذهب آهي، جنهن جو ڪو پوپ ۽ مذهبي پيشوا نه هجي، انتظام ڪندڙ ڪو ڪليسائي نظام ئي نه هجي، نه ڪو ان لاءِ مسجد ۽ ديول (چرچ) جهڙو نظام هجي، نه ڪو ان لاءِ ڪعبي شريف ۽ يروشلم وانگر مشهور عبادت گهر هجي. ڪا جماعتي تنظيم نه هجي، ڪا لازمي مذهبي شڪل نه هجي، جنهن ڪري سندس پوئلڳ ڪن واجبي اصولن تي هلي سگهن. هڪ شئي، جا هندو مت ۾ گڏيل طور مڃيل آهي ۽ واضح آهي، سا آهي ان جو ’سماجي قانون‘. [6]

سوامي وويڪانند[سنواريو]

هندو مت جو محقق ۽ عالم سوامي وويڪانند پنهنجي مقالي ”Hinduism a universal religion“ (هندومت هڪ عالمگير مذهب) جي منڍ ۾ فرمائي ٿو ته: هندو مت ۾ هر شئي موجود آهي: ويدانت به ته لا ويدانيت به، ديومالائي قصا به، ته روايتون به. [7] [8]

حوالا[سنواريو]

  1. The great religious of the modern world ص 7
  2. The Great Religious of the modern world. P-44
  3. تلاش هند ص 37
  4. هندو ڌرم ص 4
  5. ايسٽرن رليجن ائنڊ ويسٽرن.... ٿاٽ ص 307
  6. هندستاني تهذيب جا بنياد، ص 139 – 141
  7. Hinduism a universal religion
  8. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Specialized/Book2/Book_page4.html