ڄام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڄام هڪ ذات جو نالو آهي، ڄام لفظ جو استعمال لقب طور ’سما‘ حڪمرانن جي دور ۾ ٿيو، پر هيءُ لقب رڳو سما حڪمرانن لاءِ مخصوص ڪونهي.

تاريخ[سنواريو]

سما پراڻڪ انسائيڪوپيڊيا جي ص 341-342 تي لکيل آهي ته سما، شري ڪرشن جي اولاد ۽ سندس گهر واريءَ جامبوتيءَ (ڄامڀوتيءَ) جي پيٽان ڄاول آهن. هيءَ عورت ڄام باوان جي ڌيءَ هئي، جيڪو شري ڪرشن واري زماني ۾ ڪڇ ڪاٺياواڙ جو راجا هو. مختصر تاريخ سنڌ جو ليکڪ سيد محب الله شاهه ڄام لفظ بابت لکي ٿو ته، ڄام سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي قوم ۽ قبيلي جي سردار کي چئبو آهي، جيئن فارسيءَ ۾ ’بيگ‘ قوم جي سردار کي چئبو آهي. ڊاڪٽر غلام محمد لاکي سمن جي سلطنت بابت هڪ جامع ڪتاب لکيو آهي. ان ۾ ’ڄام‘ لفظ بابت لکي ٿو ته: بادشاهي وڃڻ بعد سماٽ جي مختلف ذاتين ۾ وڌيڪ تقسيم ٿي. اها سما ذات گهڻن قبيلن ۾ ورهايل هئي، جن جا سردار ڄام، ارباب، وڏيرا، ڄاموٽ وغيره لقب سان سڏبا هئا، پر حڪومت وڃڻ کانپوءِ ننڍن قبيلن جا مک سردار به ڄام سڏائڻ لڳا. ڄام لفظ کي سنڌي چوڻين، پهاڪن ۽ شعرن ۾به ڪتب آندو ويو آهي، جيئن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سنڌين جي اهڙي اوصاف ۽ خوبين واري لقب کي حضور صلي الله عليه وسلم لاءِ تمثيلي طور استعمال ڪيو آهي:
ڄاپڻ وقت ڄام جي، ڪريا ڪوٽ ڪفار.
يعني حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي ڄمڻ سان ئي ڪفر/ لادينيت جا ڪوٽ، قلعا ڀڄي ڀري پيا. اهو ڄام لقب، لفظ شاهه سائين، نبي سائين لاءِ تمثيلي طور استعمال ڪري سنڌي قوم جي ان لقب جي اهميت کي واضح ڪيو آهي. [1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012