اچ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
اچ (پراڻو نالو : اسڪلندہ )
شھر
اچ شريف
بيبي جاوندي جو مقبرو 1493 وارو، نوريا جا قبا، بھاؤل حليم مسجد، محبوب سبحاني مسجد، جھانيان جھان گشت جي مزار واري مسجد، جھانيان جھان گشت جو داخلي لنگھ
بيبي جاوندي جو مقبرو 1493 وارو، نوريا جا قبا، بھاؤل حليم مسجد، محبوب سبحاني مسجد، جھانيان جھان گشت جي مزار واري مسجد، جھانيان جھان گشت جو داخلي لنگھ
مڪانيت: 29°14′N 71°04′E / 29.233°N 71.067°E / 29.233; 71.067مڪانيت: 29°14′N 71°04′E / 29.233°N 71.067°E / 29.233; 71.067
ملڪ Flag of Pakistan.svg پاڪستان
صوبو پنجاب
ضلعو بھاولپور
آبادي
 • ڪُل 22,000
ٽائيم زون پ م و (UTC+5)

اُچ شريف (انگريزي: Uch) (پراڻو نالو:اسڪلندہ) پاڪستان جي صوبي پنجاب جو تاريخي شهر آهي جيڪو بهاولپور ضلعي ۾ واقع آهي.

تفصيلي تعارف[سنواريو]

هڪ قديم تاريخي ۽ اسلامي اهميت جو شهر، جيڪو بهاولپور کان ڏکڻ-اولھ پاسي 38 ميلن جي مفاصلي تي پنجند جي ميلاپ واري هنڌ واقع آهي.

سنڌ جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان خبر پوندي ته پنجاب جا ڪافي علائقا سنڌ ۾ شامل هوندا هئا، جنهن ۾ ملتان جو علائقو ۽ اُچ به شامل هئا. اُچ جو اصل نالو ’اسڪلندا‘ هو، پر اُن جي زمين جي اوچائي ۽ مٿانهينءَ هئڻ ڪري هن کي ’اُچ‘ چوڻ لڳا. هتي هڪ قلعو ۽ وڏي ايراضيءَ ۾ قبرستان پڻ هو، جنهن ۾ گهڻائي بزرگ دفن ٿيل آهن.

تاريخدانن جي راءِ موجب هيءُ شهر 550 ق. م ۾ آباد ٿيو. سڪندر اعظم هندستان تي حملي وقت هتي ترسيو هو. محمد بن قاسم جڏهن سنڌ کي فتح ڪيو، ان وقت هيءُ شهر سياسي، معاشي ۽ تهذيبي لحاظ کان بي مثال هو. محمود غزنويءَ جي حملي کان پهرين اُچ شهر سنڌ جو هڪ صوبو هو ۽ هتي هندن جي حڪومت هئي. محمود غزنويءَ جي فتح کان پوءِ هيءُ شهر مسلمانن جي قبضي ۾ اچي ويو ۽ نيٺ مغل حڪومت جو حصو بڻيو. 370ھ/980ع ۾ حضرت سيف الدين گاذروني اُچ شهر ۾ آيو ۽ اسلامي تعليم جو هڪ وڏو مدرسو قائم ڪيائين، جنهن ۾ هڪ ئي وقت اڍائي هزار شاگرد تعليم وٺندا هئا. سلطان شهاب الدين غوري هن اداري جو پهريون سرپرست هو. کانئس پوءِ غوري بادشاهن اُچ شهر کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بڻايو. غوري حڪومت جي زوال سان اُچ جو به زوال آيو. منگولن جي حملن وقت گهڻن عالمن ۽ فاضلن هجرت ڪري اُچ جو رُخ ڪيو ۽ هتي اچي رهيا. جيتوڻيڪ منگولن هن شهر کي ڪيترائي ڀيرا تباھ ڪيو، پر هن شهر جي اهميت ۾ ڪوبه فرق نه آيو. همايون جي دور ۾ هيءُ شهر مغلن جي ماتحتيءَ ۾ آيو ۽ اوج تي پهتو، پر اورنگزيب عالمگير کان پوءِ اُچ جي اهميت گهٽجڻ لڳي. رنجيت سنگھ هن شهر تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام رهيو، البت بهاولپور جي عباسين اُچ شهر کي پنهنجي رياست ۾ شامل ڪيو.

اُچ ولين ۽ درويشن جو شهر آهي. بخارا جو سيد جلال الدين بخاري سُرخ پوش، سندس پٽ سيد احمد ڪبير بخاري ۽ پوٽو مخدوم جهانيان جهان گشت جنهن جو اصل نالو پڻ سيد جلال الدي هو ۽ هن بخاري خاندان سان سنڌ جي مشهور عوامي شاعر استاد بخاري جو شجرو پڻ ملي ٿو، ان کان سواءِ مخدوم راجو قتال، بي بي جيوندي، حضرت بهاول حليم، حضرت بندگي محمد غوث جهڙن صوفي اڪابرن جا مقبرا به هن شهر ۾ آهن. ملتان جي گورنر سلطان لنگوخان جي ڌيءُ جو مقبرو به هتي آهي.

اُچ، ملتان پرڳڻي جي وڏن ۽ مشهور شهرن مان آهي. راءِ سهاسيءَ جي راڄ ۾، ستن وڏن شهرن ۾ مضبوط قلعا هوندا هئا، جن مان هڪ اُچ ۾ به هو، جيڪو پوءِ ڊهي ويو. هن شهر ۾ ست مشهور ڳوٺ هئا، پر هاڻي انهن مان باقي ٽي وڃي بچيا آهن، جيڪي هي آهن:
(1) ڳوٺ اُچ مخدوم جهانيان: هتي مخدوم جهانيان جهان گشت جي درگاھ آهي ۽ هن جا مريد ڪافي تعداد ۾ رهن ٿا، تنهن ڪري هن تي اهو نالو پيو.
(2) ڳوٺ اُچ مغليا: هتي مغلن جي گهڻي آبادي آهي، انهيءَ ڪري هن تي اهو نالو پيو.
(3) ڳوٺ اُچ گيلاني: هن ڳوٺ ۾ وري حضرت عبدالقادر جيلانيءَ جي نسل مان پير ۽ مريد رهن ٿا، ان ڪري ’اُچ گيلاني‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.

1981ع جي آدم شماريءَ موجب اُچ شهر جي آبادي لڳ ڀڳ پندرهن هزار هئي. هتان جي ويجهي ريلوي اسٽيشن احمدپور شرقيه آهي، جيڪا اُچ کان 12 ميلن جي مفاصلي تي آهي. 8 جولاءِ 1975ع تي هن شهر کي سب ڊويزن جو درجو ڏنو ويو.

مٿي ذڪر ڪيل درويشن کان سواءِ هتي ڪجھ ٻين بزرگن جا به مقبرا آهن، جن ۾ اُچ جي حاڪم سيد عبدالحميد بن جعفر، مخدوم شيخ عبدالقادر ثاني، (جيڪو وڏو عالم، فاضل ۽ پيران پير جي اولاد مان هو)، شيخ ابراهيم خليل فدا ۽ سندس پٽ گنج بخش شاهه شامل آهن. هتي اسماعيلي داعي، پير صدرالدين جي فرزند پير حسن ڪبيرالدين عرف حُسن درياءَ جي درگاھ بہ آهي. چچ نامي جو مترجم علي ڪوفي به ڪجهه وقت اُچ شهر ۾ سڪونت پذير هو[1]

تاريخ[سنواريو]

اچ جو قديم نالو اسڪلندہ آھي. اسڪلنده (اُچ)، جنرل ڪننگهام جي بيان موجب، سڪندر مقدونيءَ يادگار طور تعمير ڪرايو هو. هي شهر ملتان کان ستر ميلن جي مفاصلي تي رياست بهاولپور ۾ پنج ند درياه تي واقع هو. اڳ پنجاب جون نديون مهراڻ سان اُچ وٽ گڏبيون هيون، مگر هينئر پنجاب جون نديون چاليهه ميل مٿڀرو مٺڻ ڪوٽ وٽ سنڌوءَ سان گڏجن ٿيون. ناصر الدين قباچه جي ڏينهن ۾ اچ سنڌ جو تختگاه هو، هتي جلال بخاري ۽ مخدوم جهانيان جا مقبرا آهن. ابن بطوطا جڏهن شهر ڏٺو هو، تڏهن منجهس عمديون بازاريون ۽ پختيون عمارتون هيون. هتي جو حاڪم سيد جلال الدين علوي هو، جنهن ابن بطوطا کي خرقو عنايت ڪيو هو.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. اچ : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. ڪتاب جو نالو: جنت السنڌ، تصنيف: رحيمداد خان مولائي شيدائي، ايڊيشن: پهريون 2000ع، ٻيون 2006ع، ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي