سيوھڻ شريف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو



Sehwan Shareef
شھر
سيوهڻ ۾ واقع قلندر لعل شهباز جي مزار
سنڌ جي نقشي ۾ نارنگي رنگ سان ڏيکاريل ضلعو ڄامشورو
سنڌ جي نقشي ۾ نارنگي رنگ سان ڏيکاريل ضلعو ڄامشورو
مڪانيت: Sewhan town 25°12′N 68°23′E / 25.2°N 68.39°E / 25.2; 68.39مڪانيت: Sewhan town 25°12′N 68°23′E / 25.2°N 68.39°E / 25.2; 68.39
ملڪ Flag of Pakistan.svg پاڪستان
صوبو Flag of Sindh.svg سنڌ
ضلعو ڄامشورو
اوچائي 44 ميل (140 ft)
آبادي (2017)
 • ڪُل 66,923
ٽائيم زون پاڪستان جو معياري وقت (UTC+5)
ڊائلنگ ڪوڊ 04167

سيوھڻ يا سيوھڻ شريف (انگريزي: Sehwann Sharif) پاڪستان جي صوبي سنڌ جو قديم شھر آھي جيڪو ضلعي جامشوري ۾ سنڌو درياھ جي ڪناري آباد آھي۔ ھي شھر صوفي بزرگ لال شھباز قلندر جي مزار جي ڪري خاص شھرت رکي ٿو۔سيوهڻ جو قلعو، هڪ ٿنڀي، چار ٿنڀي، ڇٽو امراڻي جو مقبرو شهر جي قدامت جو اهڃاڻ آهن. هن وقت سيوهڻ شريف تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي. شهر ۾ ريلوي اسٽيشن، گرلز ۽ بوائيز هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج آهن. سيوهڻ شريف ۾ لال شهباز آديٽوريم ۽ حُڪومت پاران ميوزم به آهي. سيوهڻ شريف واپاري مرڪز پڻ آهي.[1][2]

لالشھباز قلندر جي مزار جو اندروني منظر

Sehwan page-banner 3.JPG

تاريخ[سنواريو]

سنڌ جو قديم ترين شهر سيوهڻ شريف سڪندر مقدوني جي سنڌ تي حملي (327 ق.م) واري دور ۾ پٽالا جي نالي سان نقشن ۾ درج ٿيل آهي. سنڌ جي راءِ خاندان جي دور (662ع-450ع) ۽ برهمڻ خاندان جي دور (712ع-662ع) ۾ سيوهڻ شريف جو نالو تاريخ ۾ سيستان يا سيوستان ملي ٿو. سيوهڻ نالو دراصل شِوَ واهڻ جو بگاڙ آهي جنهن جو مطلب شِوَ جي يا شِوَ جي پُوڄارين جي بستي آهي. فارسي لفظ سيستان يا سيوستان جومفهوم پڻ ساڳو آهي. اسلام جي اچڻ کان پوِءِ تبديل ٿيندي سيوهڻ بڻجي ويو. سيوهڻ شريف جو پراڻو شهر قلعي ۾ هوندو هو جيڪو اڄ به شهر جي اتر ۾ مٿاهين تي موجود آهي. تاريخ مظهر شاھ جهاني جو مصنف يوسف ميرڪ لکيو آهي ته يڪ ٿنبي (هڪ ٿنڀي) ۽ ڇُٽي امراڻيءَ جو مقبرو شهر (قلعي وارو) کان اڌ ميل تي آهن. يوسف ميرڪ لال شهباز جي درگاھ به شهر کان پري ٻُڌائي ٿو. سندس بيانن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سيوهڻ شريف جو موجوده شهر ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دور ۾ صفحه هستيءَ تي موجود نه هو. اهو بعد ۾ وڌڻ شروع ٿيو

قديم دؤر کان سومرن جي دؤر تائين[سنواريو]

محققن جي راءِ آهي ته سڪندر يوناني جي سنڌ تي ڪاھ واري دور ۾ سنڌ جي نقشي ۾ درج ڪيل شهر ”پٽالا“ سيوهڻ آهي. راءِ گهراڻي (450ع-662ع) ۾ سيستان يا سيوستان جي نالي سان صفحه هستيءَ تي موجود هو. برهمڻ گهراڻي (662ع-712ع) ۾ پڻ ساڳي نالي سان موجود هو جنهن جو ذڪر تاريخي ڪتاب چچنامي ۾ موجود آهي. راجا ڏاهر جي زماني ۾ سيوهڻ قلعي تي راجا ڏاهر جو سوٽ بجهراءُ پُٽ چندر حاڪم طور مقرر هو. سيوهڻ اصل ۾ شِوَ واهڻ منجهان ورتل نالو آهي. جنهن جو مطلب شِوَ يا شِوَ جي پوڄارين جو ٿاڪ يا ڳوٺ آهي. فارسي مرڪب نالي سيوستان جو به ساڳيو مطلب آهي. سيوهڻ جو اصل ۽ قديمي ڳوٺ سيوهڻ جي قديم قلعي تي قائم هو. سيوهڻ کي سڪندر يونانيءَ جي دور ۾ سنڊيمانا (Sind'emaana) سڏيو ويندو هو. ان کانپوءِ حضرت قلندر شهباز جي سڪون پذير ٿيڻ کان پوءِ سيوهڻ دنيا جي سطح تي شهرت حاصل ڪئي. سيوهڻ توڙي ان جي آس پاس ڪيترائي قديم ماڳ ۽ آثار موجود آهن. اڳ دادو ۽ هن وقت سيوهڻ ڄامشورو ضلعي جو تعلقو آهي.

مهن جي دڙي جي کوٽائي ٿيڻ کان گهڻو اڳي، انهيءَ قديم زماني جي ماڻهن جون کوپڙيون، سيوهڻ جي پريان، شاهه بلاول واريءَ واٽ تان لڌيون هيون. هيءَ حقيقت جيالاجيڪل کاتي وارن جي دفتر ۾ ڄاڻايل آهي. خود ”سيوهڻ“ نالو نهايت ئي آڳاٽو آهي ۽ انهيءَ جهڙو جهونو نالو ٻئي ڪنهن به شهر جو ڪونهي. اهو نالو يجرويد واري زماني ۾ مليس، تنهنڪري انهيءَ ڳالهه جو وڌيڪ ذڪر پوءِ ڪبو. هن وقت اسين انهيءَ کان گهڻو آڳاٽي وقت جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، تنهنڪري انهيءَ نهايت قديم وقت جا جيڪي احوال ملي سگهيا آهن، سي هتي ڄاڻائجن ٿا.

لڪيءَ جي جبلن مان ڪوسي پاڻيءَ جي ڪشتين جي پريان، ڪي غار لڌا اٿن، جي ٽڪرن مان ٽاڪيل آهن. انهن بابت رايو ظاهر ڪيو اٿن ته اڳي انهن ۾ ماڻهو رهندا هئا. هن وقت انهن غارن مان ڪي وهٽن لاءِ وٿاڻ ٿي ڪم اچن ٿا. هاڻوڪي سيوهڻ اسٽيشن جي پريان ٽڪريءَ تي، انهيءَ قديم زماني جو هڪ غار آهي. جو ”ايڪ ٿنڀو“ يا ”هڪ ٿنڀو“ سڏجي ٿو. اُن جو ذڪر ڊاڪٽر ولسن ڪيو آهي. اهو به نهايت قديم زماني جو غار آهي، جنهن ۾ ماڻهو پناهه وٺندا هئا. لڪيءَ جي جبلن مان ڪوسي پاڻيءَ جي ڪشتين جي نزديڪ، ڪيتريون قبرون لڌيون اٿن، جن بابت انهيءَ طرف جا مسلمان رهاڪو چون ٿا ته اهي آڳاٽن ”ڪافرن جون قبرون“ آهن. اهي قديم ماڻهن جون قبرون پندرهن ويهه فوٽ ڊگهيون، اَٺ نو فوٽ ويڪريون ۽ اٽڪل ٻه فوٽ اوچيون آهن. اهڙيون قديم زماني جون اڻ گهڙيل پٿر جون قبرون منگهي پير جي پريان شاهه بلاول واريءَ واٽ تان، توڙي ڪراچيءَ کان جيڪو رستو ڪوٽڙيءَ ۽ سيوهڻ ڏي وڃي ٿو، تنهن شاهي سڙڪ تي آهن. انهن هنڌن جا مسلمان رهاڪو انهن کي به ”ڪافرن جون قبرون“ ڪوٺين ٿا. هندن ۾ به اڳي مُردن پورڻ جو رواج هو. مُردن ساڙڻ جو رواج گهڻو پوءِ پيو. جو باهه ٻارڻ جو هنر ماڻهو پوءِ سکيا. هنن حقيقتن مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو، ته هاڻوڪي حب ندي انهيءَ آڳاٽي وقت ۾ به هئي، ۽ چوماسي ۾ برسات جو پاڻي جبلن تان لهي منجهس اچي پوندو هو، جنهنڪري هن پاسي به پاڻيءَ جي سهنج ڪري ماڻهو رهي سگهيا ٿي؛ پر اها وري به بلوچستان جي حد ليکبي، تنهنڪري سنڌ جو وسيل پاسو رڳو سيوهڻ وارو طرف چئبو. [3] [4] [5]

سيوستان (هاڻ سيوهڻ) راءِ گهراڻي وارن راجائن جي راڄ ۾ جڏهن الور گاديءَ جو هنڌ هو ۽ سنڌ جي ملڪ جا چار ڀاڍا چئن قلعن سان هئا، تڏهن انهن مان هڪڙو ڀاڱو ۽ قلعو سيوستان جو هو ۽ اتي جي حاڪم جي هٿ هيٺ اُتر وارو ڀاڱا روجهاڻ جي ٽڪرن سميت مڪران جي ٽڪرن سوڌو هو. سيوستان سڄي پرڳڻي کي چوندا هئا ۽ فقط قلعي کي سيوهڻ چوندا هئا. چچ جي ڏينهن ۾ سيوستان جو حاڪم مته نالي هوندو هو. چچ ڪشمير جي سرحد قائم ڪري موٽي سيوستان ۾ آيو ۽ اتي جو بندوبست قائم ڪيائين. چچ جي مرڻ کان پوءِ مته قنوج ۾ ويو، انهيءَ لاءِ ته چندر، چڇ جي ڀاءُ کان ملڪ کسي. ڏاهر جي وقت ۾ هو برهمن آباد مان ٿي پوءِ سيوستان ۾ آيو، ۽ اتان پوءِ راور جي قلعي ۾ ۽ پوءِ موٽي الور آيو. انهن چئن ئي هنڌن تي سال جي اندر چار مهينا گذاريندو هو. محمد قاسم نيرون ڪوٽ وٺي پوءِ سيوستان آيو ۽ اتي جو آسپاس ملڪ هٿ ڪيائين. سيوستان جي قلعي وٺڻ ۾ هن کي تڪليف ٿي. ڏاهر جي پاران سندس سؤٽ بڇيرا ولد چندر اتي جو حاڪم هو. محمد قاسم ڪلن سان ڀت ڀڃي قلعو ورتو ۽ بڇيرا ڀڄي ويو. انهيءَ جي جاءِ تي هن چند رام هاله کي ويهاريو، پر هن جي بئي پاسي وڃڻ تي چند رام فساد ڪري عربن کي ڀڄائي ڪڍيو. تنهن تي محمد قاسم مصعب ولد عبدالرحمان کي وڏي لشڪر سان سيوستان ڏي موڪليو، جو چند رام سان وڙهيو ۽ چند رام مارجي ويو. مصعب ٻيو حاڪم اتي مقرر ڪري ۽ پورو بندوبست رکي موٽي محمد قاسم ڏي ويو. ڪن ڏينهن کان پوءِ حجاج جي حڪم موجب قيس عبدالملڪ ۽ خالد انصاري سيوستان جا نائب مقرر ٿيا. مٿيون احوال سنه 93هه (سنه 711ع) ڌاري جو آهي. سنه 416هه (سنه 1035ع) ۾ سلطان محمود غزنوي جي حڪم سان سندس وزير عبدالرزاق لشڪر وٺي پهرين سيوستان يا سيوهڻ ورتو ۽ پوءِ ٺٽي ويو، جو تڏهن سنڌ جو تختگاهه هو. انهيءَ طرح عربن جي خليفن جا نائب سيوستان ۾ رهندا آيا. سنه 649هه (سنه 1251ع) ۾ ناصرالدين محمود دهليءَ مان لشڪر وٺي سنڌ ۾ آيو، ۽ سيوهڻ ۾ اچي قليچ خان کي حاڪم مقرر ڪري، پوءِ اُچ ۽ ملتان ڏي ويو. سنه 667هه (سنه 1297ع) ۾ جلال الدين خلجيءَ جي عهد ۾ مغلن سيوهڻ اچي هٿ ڪيو، جنهن تي نصرت خان حڪم موجب ملتان مان سيوهڻ آيو ۽ مغلن سان وڙهي انهن کي ڀڄائي ڪڍيائين ۽ پوءِ بکر ويو. سنه 721هه (سنه 1231ع) ڌاري سلطان غياث الدين تغلق مَلَڪَ عليشير کي سيوهڻ جو حاڪم مقرر ڪري موڪليو. هيءُ شهر سومرن واري زماني ۾ ”قبـة الاسلام“ جي لقب سان اسلامي دنيا ۾ مشهور هو. اسڪندريه جا شاگرد علمي تحصيل لاءِ، هت ايندا هئا. ابن بطوطه سيوهڻ ۾ ان مدرسي جي ڇت تي اچي رهيو هو، مدرسي جي عمارت وچ شهر ۾ هئي[6]

سمن جي دور کان قيام پاڪستان تائين[سنواريو]

سنه 752هه (سنه 1351ع) ۾ ڄام اُنڙ سمو سيوهڻ تي ڪاهي آيو ۽ دهلي جي بادشاهه جي پاران مَلَڪَ رتن تُرڪ اُتي جو حاڪم هو، تنهن سان وڙهي اُنهيءَ کي ماريائين ۽ قلعو ورتائين. وري سنه 768هه (سنه 1367ع) ۾ ڄام تماچيءَ جي راڄ ۾ سلطان علاءُ الدين جو لشڪر اچي سيوهڻ ۾ سمن سان وڙهيو ۽ اُنهن کي قيد ڪري دهلي وٺي ويو، جڏهن ڄام سڪندر سمو گاديءَ تي ويٺو هو ۽ هو صغير هو، تڏهن بکر ۽ سيوهڻ جا حاڪم باغي ٿيڻ لڳا. ڄام سڪندر مٿن ڪاهي ويو، پر سگهو ئي مري ويو. سنه 896هه (سنه 1490ع) ۾ ڄام نظام الدين جي گاديءَ تي ويهڻ بعد بکر ۽ سيوهڻ جا سڀ ماڻهو انهيءَ جي پاسي ٿيا. سنه 962هه (سنه 1519ع) ڌاري ڄام فيروز جي راڄ ۾ مرزا شاه بيگ ارغون سنڌ ۾ آيو ۽ سيوهڻ ۾ مير عليڪه ۽ ٻيا سنڀال لاءِ ڇڏي پاڻ شال ڏي ويو. سگهوئي ڄام صلاح الدين ڄام فيروز کي ٺٽي مان ڀڄائي ڪڍيو، جو سيوهڻ ۾ آيو ۽ شاه بيگ جي پٽ شاه حسن هن کي مدد ڏيئي ۽ سيوهڻ جي قلعي جو پورو بندوبست رکي هليو ويو. سنه 948هه (سنه 1541ع) ۾ همايون بادشاهه بکر مان نڪري سيوهڻ ۾ اچي منزل ڪئي. مرزا شاه بيگ جا نائب سلطان بيگ ۽ مير محمد ساربان، جي اُتي هئا، تن اڳيئي ملڪ آسپاس ويران ڪري ڇڏيو هو ته هو اُتي نه رهي. مرزا شاه حسن پاڻ به آيو ۽ اچڻ سان بادشاهه سان وڙهڻ جو سعيو ڪيائين. همايون سيوهڻ کي گهيرو ڪيو، جو ست مهينا هليو. آخر نااُميد ٿي موٽي بکر لوهريءَ ڏي هليو ويو. هن جي وڃڻ کان پوءِ مرزا سيوهڻ جي قلعي کي جيڪا شڪست رسي هئي، تنهن جي مرمت ڪرائي. سنه 962هه _سنه 1554ع) ۾ مرزا شاهه حسن ٺٽي مان سيوهڻ ڏي ايندي رستي ۾ مري ويو. سلطان محمود خان ساڻ هوس. سندس لاش ٺٽي ڏي نيائون. ڪيل ٺهراءَ موجب سنڌ جو ڏاکڻيون ڀاڱو ٺٽي وارو سندس پٽ مرزا عيسيٰ کي مليو ۽ اتريون بکر وارو سلطان محمود خان کي. تنهن تي مرزا شاه مسعود ۽ ڪن ٻين اميرن ناراض ٿي فساد ڪيو ۽ سيوهڻ اچي هٿ ڪيائون. مرزا عيسيٰ پننهنجي پٽ محمد صالح سميت لشڪر وٺي اچي هنن سان وڙهيو. سيد مير ڪلان مير معصوم شاهه بکر واري جي پيءُ هنن جو صلح ڪرايو ۽ مرزا شاهه مسعود نااميد ٿي گجرات ڏي هليو ويو. ٻئي سال ۾ مرزا عيسيٰ ترخان بکر ۾ سلطان محمود سان وڃي وڙهيو، جنهن ڀڄائي ڪڍيس ۽ پٺيان پئي سيوهڻ تائين آندائينس. اُتي مرزا باهيون ڏيڻ ۽ ملڪ ناس ڪرڻ لڳو. اُتي وري ٻي جنگ ٿي لڳي، پر وري به سيد مير ڪلان سندن پرچاءُ ڪرايو. سنه 970هه (سنه 1562ع) ۾ مرزا عيسيٰ جي ٻن پٽن جو پاڻ ۾ تڪرار ٿيو ۽ هڪڙو مرزا صالح مارجي ويو. ٻئي کي يعني مرزا باقيءَ کي مرزا سيوهڻ جاگير ڪري ڏنو، جتي هو وڃي رهڻ لڳو. پر سگهوئي خود مرزا عيسيٰ ۽ سلطان محمود جي وچ ۾ وري به هڪ جنگ سيوهڻ ۾ لڳي ۽ ٻي درٻيلي ۾. آخر سندن وچ ۾ صلح ٿيو. سنه 974هه ۾ جڏهن مرزا عيسيٰ ترخان مئو، تڏهن سندس وصيت جي برخلاف سندس زال ماه بيگم مرزا محمد باقيءَ کي سيوهڻ مان سڏائي گاديءَ تي ويهاريو ۽ نه هن جي ٻئي پٽ خان بابا کي، جنهن جي وصيت ڪئي هئائين. سنه 978هه (1570ع) ۾ اڪبر بادشاهه مرزا محمد باقيءَ جي ظلمن جو ٻڌي پنهنجو نائب مجاهد خان بکر ۾ موڪليو. انهيءَ ڪري مرزا باقيءَ ملڪ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ پنهنجا پٽ وهاري ڇڏيا. سيوهڻ ۾ پنهنجي وڏي پٽ مرزا پاينده کي رکيائين ۽ ننڍو جاني بيگ به ساڻس ڏنائين. پوءِ سگهوئي پاڻ کي ماري ڇڏيائين ۽ اميرن مرزا جاني بيگ کي سيوهڻ مان سڏي ٺٽي جي گادي تي ويهاريو. سنه 998هه (سنه 1589ع) ۾ اڪبر بادشاهه نواب خان خانان کي موڪليو، جو پهرين بکر ۾ آيو ۽ پوءِ لشڪر وٺي سيوهڻ تي ڪاهي آيو. مرزا جاني بيگ ٺٽي مان لشڪر وٺي آيو. مرزا جي پاران خسرو خان لشڪر جو مهندار هو ۽ خان جي پاران سيد بهاءَالدين ۽ مير معصوم شاهه بکر وارو. لڪيءَ وٽ سخت جنگ لڳي. آخر مرزا جاني فقط ٻارهن ماڻهن مان ڀڄي اُنڙپور ڏي ويو. سگهوئي پوءِ سندن وچ ۾ صلح ٿيو. سنه 1013هه (سنه 1605ع) ۾ جڏهن اڪبر بادشاهه کان پوءِ جهانگير تخت تي ويٺو، تڏهن هن عبدالرزاق کي نواب ڪري سيوهڻ ۽ ٺٽي جي مٿان موڪليو ۽ مرزا غازي بيگ کي پاڻ وٽ سڏائي ورتائين ۽ انهيءَ کي قنڌار ڏي نائب ڪري موڪليائين. سنه 1059هه (سنه 1649ع) ۾ جڏهن نواب مغل خان دهليءَ جي بادشاهه جي پاران ٺٽي جو نواب هو، تڏهن شاه جهان بادشاهه پنهنجي پٽ شاهزادي اورنگزيب کي سيوهڻ ۽ بکر ۽ ٺٽي جا پرڳڻا، يعني قريب ساري سنڌ جاگير ڪري ڏني. انهيءَ کان اڳي ملتان هن جي جاگير هئي. سنه 1150هه (سنه 1737ع) ۾ نواب خدايار خان يعني ميان نور محمد ڪلهوڙو سيوهڻ، بکر ۽ ٺٽي جي حڪومت تي مقرر ٿيو. سنه 1171هه (سنه 1758ع) ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو لوهريءَ مان سيوهڻ آيو، ۽ اُتان الهه آباد ۽ محمد آباد ۾ ويو، جتي سارو سال گذاريائين. سنه 1259هه (سنه 1843ع) ۾ جڏهن دٻي جي جنگ ۾ مير شير محمد خان سرچارلس نيپئر جي هٿان شڪست کائي پنجاب ڏي ڀڳو، تڏهن ميرپورخاص مان ضروري سامان کڻي پهرين سيوهڻ ۾ درياهه جي ڀر تي چوڌاري کاهي کڻائي ويهي رهيو ۽ سندس ڀاءُ مير شاهه محمد سندس سامان جي سنڀال تي هو. ڪرنل رائٽ، جو تڏهن سيوهڻ ۾ هو، تنهن مٿس ڪاهه ڪئي. مير شاهه محمد سان جيڪي ٽي چار سؤ ماڻهو هئا، سي ڀڄي ويا ۽ شاهه محمد پڪڙجي پيو، جنهن کي هن حيدرآباد ڏي ڏياري موڪليو. مير شير محمد نڪري پنجاب ڏي ويو ته راجا شير سنگهه وٽ پناهه وٺي.

قيام پاڪستان کان پوءِ[سنواريو]

سيوھڻ بم ڌماڪو[سنواريو]

تاريخ 16 فبروري 2017 تي سيوھڻ شھر ۾ لال شھباز قلندر جي درگاھ تي ھڪ خودڪش حملي آور درگاھ جي اندر ڌمال وقت سون واري دروازي وٽان داخل ٿي اچانڪ خودڪش جيڪيٽ ذريعي بم ڌماڪو ڪيو جنھن م درگاه ۾ موجود 83 زيارت ڪندڙ فوت ٿي ويا ۽ 250 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿي پيا.درگاھ کي پڻ نقصان رسيو.[7][8]ھن ڌماڪي جي ذميداري دائش نالي دھشتگرد تنظيم ”اعماق نیوز ایجنسي“ ذريعي قبول ڪئي.

موسم[سنواريو]

مردم نگاري[سنواريو]

سيوھڻ جي ڊيموگرافي
1972 (rec.) 1981 (رڪارڊ) 1998 (رڪارڊ) 2017 (رڪارڊ)
آبادي 8,357 13,891 34,923 66,923

حوالا[سنواريو]

  1. Sehwan Sharif the history of sehwan sharif | Newhistory
  2. Drawn to the Indus - DAWN.COM
  3. قديم سنڌ (ڀيرومل مھرچند آڏواڻي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  4. W.T. Blanford: Geology of western Sind. (Memoirs of Geological Survery. Vol XVII. Part 1). Mr. Henry Cousens: The antiquities of Sindh. Page 6
  5. ڪتاب: قديم سنڌ, ليکڪ: ڀيرومل مھرچند آڏواڻي
  6. { (مهراڻ- نمبر پهريون 1974ع صفحه 132، بحواله ڊاڪٽر دائود پوٽه تاريخ معصومي – تعليقات- فوٽ نوٽ ص 335 (سنڌي ترجمه(ii) تاريخ تمدن سنڌ ص 3599). }
  7. CNN, Ray Sanchez, Sophia Saifi and Adeel Raja. "At least 75 killed in suicide attack at Pakistani shrine". CNN. Retrieved 2017-02-21. 
  8. "Blast hits Pakistan's Lal Shahbaz Qalandar Sufi shrine". www.aljazeera.com.