ڄام سڪندرشاھ ٻيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ڄام سڪندر شاھ ٻيون
سنڌ جو سلطان
ڏيڍ سال، سن 1442 کان 1444تائين[1](زياده مناسب لڳندڙ)
پيشرو ڄام مبارڪ
جانشين ڄام راءَ ڏنو
مڪمل نالو
ڄام سڪندر سمو
خاندان سمو
شاھي خاندان سمن جي بادشاھي
والد ڄام فتح خان
پيدائش ڄام محمد عرف انڙ
مذھب اسلام
سنڌ جا ڄام
سما راڄ
"سلطنت دهلي جي تاريخ" ليکڪ ايم. ايڇ. سيد
  1. ڄام انڙ (1336-1339)
  2. ڄام جوڻو (1339-1352)
  3. ڄام بابينو (1352-1367)
  4. ڄام تماچي (1367-1379)
  5. ڄام صلاح الدين (1379-1389)
  6. ڄام نظام الدين پھريون (1389-1391)
  7. ڄام علي شير (1391-1398)
  8. ڄام ڪرن (1398)
  9. ڄام فتح خان (1398-1414)
  10. ڄام جوڻو ٻيون (1414-1442)
  11. ڄام مبارڪ (1442)
  12. ڄام سڪندرشاھ ٻيو (1442-1444)
  13. ڄام راءَ ڏنو (1444-1453)
  14. ڄام سنجر (1453-1461)
  15. ڄام نظام الدين سمو (1461-1508)
  16. ڄام فيروز (1508-1527)

ڄام سڪندر شاهه (ٻيو) انگريزي (Jam Sikander Shah-II) سنڌ ۾ سمن جو راڄ جي دور ۾ حڪمران هو. هن کي ڄام محمد عرف ڄام انڙ به سڏيو ويو آهي. ڄام سڪندر ثاني ڏيڍ سال سنڌ تي حڪومت ڪئي. [2]جنت السنڌ مطابق :ڄام تغلق کان پوءِ سندس پٽ ڄام سڪندر گاديءَ تي ويٺو، جو اڃ صغير هو. سندس ڏينهن ۾ سيوهڻ ۽ بکر جي صوبيدارن بغاوت ڪئي. هو لشڪر وٺي بکر ڏانهن روانو ٿيا. سندس هڪڙي عزيز، جو سندس دربان هو ۽ مبارڪ خان سڏبو هو، جنهن اڳين ڄامن جي ڏينهن ۾ بهادريءَ جا ڪارناما ڪيا، سو پاڻ کي حاڪم سڏائڻ لڳو، مگر ٽن ڏينهن اندر لوڌجي ويو. ڄام سڪندر پنهنجي نائبن سان ڳالهيون ڪري ساموئيءَ موٽيو ۽ ڏيڍ سال حڪومت ڪري وفات ڪيائين.[3]

تفصيلي تعارف[سنواريو]

جڏهن اقتدار جي مسند تي ويٺو، تڏهن اڃا ننڍي عمر جو هو. ان ڪري بکر ۽ سيوستان جي مقامي حاڪمن سندس خلاف بغاوت ڪئي. هي اطلاع ملندي ڄام سڪندر ڪثير لشڪر سان بکر طرف روانو ٿيو. اڃا مس نصر پور پهتو ته پٺيان کيس مبارڪ خان جي شورش جو اطلاع پهتو، جنهن صورت ۾ تختگاه جا امير ۽ عوام، ڄام سڪندر سان ڳانڍاپيل هئا، ان ڪري ٽن ڏينهن بعد مبارڪ خان کي اقتدار تان هٽايو ويو. بهرحال، ٺٽي جي غير يقيني صورتحال سبب ڄام سڪندر – بکر ۽ سيوهڻ جي عملدارن سان صلح ڪيو.[4] ڄام سڪندر جي حڪم تي مئنگلور ڪاٺياواڙ جي عالم مولانا علاؤالدين هڪ عربي درسي ڪتاب ”شمہ في الميزان“ جي آسان شرح ”الزبدة“ جي نالي سان تيار ڪئي ۽ ان کي ڄام جي نالي منسوب ڪيائين. هي انتساب هن ريت هو: مون کي اهڙي هڪ هستي چيو، جنهن جي انڪار جي مون کي طاقت ناهي – جنهن جي فضيلت جا موافق توڙي مخالف قائل آهن ۽ جو به سندس کماحقه مدح جو خيال ڪري، تنهن کي جڳائي ته سندس حاسدن ۽ دشمنن جي ڪدورت کان ڪناره ڪشي ڪري، تاڪه ٻين لاءِ حقيقت واضح ٿئي ۽ اهو آهي وڏو حاڪم، علم ۽ حلم، سخا ۽ ڪرم جو صاحب محمد عرف انڙ پٽ فتح خان پٽ صدرالدين پٽ توڳاچي پٽ ڄام [جوڻو]. شال سدائين سندس ذاتي خوبين سان توفيق حال هجي ۽ (ڌڻي جي) مدد سهارو هجي.[5] ڄام هي ڪتاب پوءِ گهڻي عرصي تائين سنڌ ۽ گجرات جي نصاب ۾ شامل رهيو. هن ڄام جي دور ۾ تعمير ٿيل ڪجهه کوهن تان پڪيون سرون مليون آهن، جن تي سنڌي گاڏڙ سرائڪي ڪتبا مليا آهن. انهن جو ذڪر اڳتي ايندو.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. {جي. ايم سيد جي ڪتاب سنڌ جا ڄام، سما راڄ، سلطنت دھليءَ جي تاريخ جي مطابق}
  2. 2.0 2.1 {ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }
  3. ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  4. {ڪتاب:”تاريخ معصومي“ ص109 }
  5. {ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو ڪتاب: ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ ص84-85 سال 1962ع }